نيويارڪ(شهباز گل )موري ۾ هڪ اهڙي تقرير ٿي، جنهن مان ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ ڪو جنرل تقرير ڪري رهيو هجي، پر اهو شهيد ڀٽو جو ناٺي هو. جي ها، جنهن شهيد ڀٽو کي گذريل چار پنجن ڏهاڪن کان اسٽيبلشمينٽ ڦاهي ڏيڻ باوجود ڪٽهڙي ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. اهي پاڪستان جي 60 کان 70 سيڪڙو آباديءَ کي ان ڳالهه تي متفق ڪرڻ يا دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا ته پاڪستان شهيد ڀٽو ٽوڙيو هو. ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ سربراهه يا ٻين طاقتورن جو ڪو نالو به نه کڻندو هو. ايستائين اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه پنهنجي الوداعي تقرير ۾ فرمايو ته 1971ع جو سانحو فوجي ناڪامي نه پر سياسي ناڪامي هو. پر هو اهو ٻڌائڻ کان قاصر رهيو ته ان وقت ملٽري ۽ سياست سڀ ڪجهه جنرل يحيٰ خان ۽ ان کان اڳ ايوب خان جي هٿن ۾ هئي. ان کان پوءِ ضياءُ الحق صاحب ۽ هلندي هلندي جنرل باجوه صاحب تائين جڏهن معاملا پهتا ته اهي به سڀ ڪجهه اهو ئي ڪري رهيا هئا. ملڪ ۾ جڏهن ڪو سٺو ڪم ٿئي ته اسٽيبلشمينٽ ڪريڊٽ پاڻ کڻندي آهي، ۽ جڏهن ڪو خراب ڪم ٿئي ته ان جي ذميواري سياسي قيادت تي مڙهي ويندي آهي، ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ابراهيمي معاهدي تي به صحيح ڪرڻي پئي ته اهي به ڏسجو ته سويلين تي ذميواري مڙهي ويندي. صدر زرداري گذريل ڏينهن ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو شهباز شريف کان ٻه قدم اڳتي وڌي سگهي ٿو،هو چوي ٿو ته ڀٽو جي وراثت کي اڳتي کڻي هلنداسين، اسان هميشه 73ع جي آئين تحت ڪم ڪيو آهي، اسان سڀ ملي ڪري اسٽيبلشمينٽ جا هٿ مضبوط ڪنداسين.“ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن کي ميڊيا تي ناهي ڏيکاريو ويندو. ڪوهن کان پڇي ته پاڪستان ۾ عوام تي جيڪي ظلم ٿي رهيا آهن، ڇا اهي ميڊيا تي ڏيکاريا وڃن ٿا؟ هڪ ئي ڳالهه آهي. پاڪستان ۾ ٿيندڙ ظلم ته ڇڏيو، هاڻي ته اوهان ڪنهن مڃيل صحافي کان پڇو ته هو هڪ سادي ۽ عام خبر به ميڊيا تي نٿو رکي سگهي، ظلم ته پري جي ڳالهه آهي. ويچارا تجزيو ڪن ٿا ته ٻئي ڏينهن ماڻهو (ويگو گاڏين وارا) کين گهر اچي سمجهائين ٿا ۽ ڌمڪي ڏين ٿا ته اوهان اڄڪلهه ڏاڍا خطرناڪ تجزيا ڪري رهيا آهيو، پوءِ اعتراض نه ڪجو هڪ ڀيرو ٻيهر زرداري ڀرپور تقرير ڪري پنهنجي سي وي پيش ڪئي آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي.هو نوابشاهه مان اڄ سنڌ جي شهر مورو پهتو هو. سندس پروٽوڪول ڏسو، صرف 27 گاڏيون آهن! اهي گاڏيون انهن ڏينهن ۾ آهن جڏهن پوري قوم کي چيو پيو وڃي ته ڪفايت شعاري ڪريو ڇاڪاڻ ته تيل ناهي. پيٽرول نه هجڻ جو بهانو ڪري ٻارن جا اسڪول بند ڪيا ويا آهن، پر ٻئي طرف حڪمرانن جي 27 گاڏين جو پروٽوڪول هلي رهيو آهي، هي اوهان خود ڏسي سگهو ٿا.