اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) مالي سال 2026-27 لاءِ وفاقي بجيٽ ايندڙ مهيني 5 جون تي پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز غور هيٺ آهي.تفصيل موجب ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ 5 جون تي پيش ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس طلب ڪيا ويا آهن، جنهن جي منظوري صدر مملڪت آصف علي زرداري ڏئي ڇڏي آهي. بجيٽ پيش ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ يعني 4 جون تي قومي اقتصادي سروي جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته 5 جون تي ئي بجيٽ جي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس به سڏايو ويو آهي.ذريعن موجب بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ واري تجويز سان گڏوگڏ پگهاردار طبقي ۽ پينشنرن کي ريليف ڏيڻ لاءِ به مختلف تجويزون تيار ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ملازمن جي 4 ايڊهاڪ الائونسز مان هڪ الائونس کي بنيادي پگهار ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز پڻ شامل آهي. ان کان علاوه ماهياني هڪ کان ٻه لک روپيا ڪمائيندڙ طبقي کي ريليف ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ سالياني 12 کان 22 لک روپيا پگهار کڻندڙ ماڻهن لاءِ انڪم ٽيڪس ۾ گهٽتائي جو به امڪان آهي.