اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام تي گهٽ ۾ گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ۽ بجيٽ ۾ ٽيڪس وڌائڻ بدران قانون تي عملدرآمد ۽ ٽيڪس وصوليءَ واري نظام کي مضبوط ڪرڻ تي زور هوندو.هڪ خانگي ٽي وي چينل سان گفتگو ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ مسلسل اپاءُ وٺي رهي آهي ۽ معاشي استحڪام لاءِ گذريل اڍائي سالن ۾ ٿيل مضبوط قدمن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين کي ساراهيو پيو وڃي ۽ حڪومت خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سرگرم آهي، ان ڪري سياسي جماعتن کي گهرجي ته هو تنقيد برائي تنقيد ڪرڻ بدران ملڪي معاشي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪن.زرعي شعبي بابت ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪري سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته ملڪ جي ڪجهه آبادگارن جديد طريقن سان ڪڻڪ جي پيداوار 60 کان 70 مڻ في اڪيڙ تائين پهچائي ڇڏي آهي، ۽ جيڪڏهن پاڪستان ۾ زرعي پيداوار وڌي ته ملڪي برآمدات ۾ وڏو اضافو ٿي سگهي ٿو. وزيرِ خزانه وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف زرعي شعبي جي مسئلن کان مڪمل طور تي باخبر آهي ۽ ان جي بهتريءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن.