ڪراچي (عوامي آواز نيوز) لياري ايڪسپريس وي ري سيٽلمينٽ پراجيڪٽ ۾ مبينا جعلسازي، نيب کي اهم ثبوت ملي ويا، ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي ري سيٽلمينٽ پراجيڪٽ ۾ مبينا جعلسازي بابت نيب جي جاري جاچ ۾ اهم ثبوت حاصل ٿي ويا، نيب ذريعن موجب جاري انڪوائري کي هاڻي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ مرحلي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويندو،ذريعن موجب نيب جعلسازي جو شڪار ٿيل ماڻهن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪجهه ريئل اسٽيٽ ايجنٽ ۽ ايل اي آر پي آفيسر به مبينا طور ملوث آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن غيرقانوني طور تي تيار ڪيل پلاٽن جون فائلون وڪرو ڪيون، نيب وڌيڪ چيو آهي ته متاثر شهري ڪراچي نيب سان رابطو ڪن.