وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جو وڏو آپريشن، گهر منتقل

لاهور (بيورو) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي لاهور جي شريف ميڊيڪل سٽي اسپتال ۾ وڏو آپريشن ڪيو ويو، سڌ سمءَ واري صوبائي وزير مريم اورنگزيب ايڪس تي بيان ۾ چيو ته شريف ميڊيڪل سٽي اسپتال ۾ وڏي آپريشن کان پوءِ الله جو شڪر آهي ته مريم نواز هاڻي ٺيڪ آهي ۽ کيس گهر منتقل ڪيو ويو آهي، سندس موجب عيد جي ڏينهن به مريم نواز اسپتال مان ئي صوبي جي معاملن جي سڌي نگراني ڪندي رهي،  جن ۾ سيڪيورٽي، صفائي ۽ ٻين انتظامي معاملن شامل هئا، ٻئي طرف شريف ميڊيڪل سٽي اسپتال جي سي اي او ڊاڪٽر عدنان خان به چيو ته آپريشن مڪمل طور تي ڪامياب رهيو ۽ طئي ٿيل منصوبي موجب ٿيو، هن موجب آپريشن بعد احتياط طور مريم نواز کي هڪ رات آءِ سي يو ۾ رکيو ويو، بعد ۾ کيس گهر موڪليو ويو، ڊاڪٽر عدنان جو وڌيڪ چوڻ هو ته طبي ماهرن آپريشن جي پيچيدگي سبب مريم نواز کي ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو هو، پر هن لاهور ۾ ئي علاج ڪرائڻ کي ترجيح ڏني، ٻنهي بيانن ۾ اهو واضح نه ڪيو ويو آهي ته وزيراعليٰ ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.