ملڪن جي سربراهن کي سوچ ڪشادي ۽ دليون وڏيون ڪرڻ گهرجن

دنيا جي تاريخ جو جيڪڏهن مجموعي طور جائزو وٺجي ته اهو نتيجو نڪرندو ته رياستن ۽ ملڪن جي عروج ۽ زوال جو دارومدار رڳو معاشي وسيلن، فوجي طاقت يا ٽيڪنالاجيءَ تي ناهي، پر ان کان به وڌيڪ اهم ڪردار انهن بادشاهن ۽ حڪمرانن جو آهي، جيڪي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺل هوندا آهن۔ جڏهن حڪمرانن جون دليون وسيع، سوچ انسان دوست ۽ رويو بردبار جمهوري، آئيني ۽ اخلاقي هوندو آهي، تڏهن رياستو ۽ ملڪ ترقي ڪندا آهن. امن قائم ٿيندو آهي ۽ ملڪ خوشحال ٿين ٿا۔ پر جڏهن اقتدار اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ اچي وڃي، جيڪي ذهني طور تنگ، اناپرست ۽ انتقامي سوچ جا مالڪ هجن، تڏهن نه رڳو ملڪ پر سڄي دنيا بحرانن، جنگين ۽ انساني المين ۾ ڦاسي ويندي آهي.

اڄ جي دور ۾ هي سوال اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي چڪو آهي ته جيڪڏهن رياستن، ملڪن ۽ ادارن جي سربراهن جون دليون ئي ننڍيون هجن، جيڪڏهن انهن جي سوچ ۾ برداشت جي کوٽ هجي ۽ جيڪڏهن سندن فيصلا  انا ۽ ضد تي ٻڌل هجن، ته پوءِ دنيا جو مستقبل ڪهڙو هوندو؟ ڇا اهڙي قيادت انسانيت کي امن ڏئي سگهي ٿي يا دنيا کي وڌيڪ افراتفري ۽ تباهي ڏانهن وٺي ويندي؟ اقتدار کي اڪثر حڪمران طاقت ۽ شان سان ڳنڍيندا آهن پر حقيقت ۾ اقتدار هڪ وڏو امتحان هوندو آهي۔ اهو حڪمران جي اندروني ڪردار کي بي نقاب ڪري ٿو۔ جيڪو ماڻهو عام حالتن ۾ بردبار نظر اچي ٿو، اهو اقتدار ملڻ کان پوءِ به ساڳيو رهي، اهو ضروري ناهي۔ اقتدار ڪيترن ماڻهن کي تبديل ڪري ڇڏي ٿو ڪڏهن مثبت حڪمران ته ڪڏهن منفي بڻائي ڇڏي ٿو.

جن ماڻهن وٽ اڳ ئي وسيع النظري، برداشت ۽ انسانيت لاءِ درد هوندو آهي، اهي اقتدار کي خدمت جو ذريعو بڻائيندا آهن۔ اهي فيصلا ڪندي ماڻهن جي ڀلائي کي اوليت ڏيندا آهن، اختلاف کي برداشت ڪندا آهن ۽ مخالفن کي به عزت ڏيندا آهن۔ پر جيڪي ماڻهو اندروني طور ڪمزور، اناپرست يا انتقامي مزاج جا هوندا آهن، اهي اقتدار کي ذاتي طاقت جو اوزار بڻائيندا آهن۔ انهن لاءِ حڪومت عوام جي خدمت نه، پر پنهنجي مرضي مڙهڻ جو وسيلو بڻجي وڃي ٿي۔ ننڍي دل واري قيادت جو سڀ کان وڏو خطرو اهو آهي ته اها اختلاف کي دشمني سمجهندي آهي. اهڙي قيادت تنقيد برداشت نه ڪندي آهي، سوالن کان ڊڄندي آهي ۽ مخالف آواز کي خاموش ڪرائڻ کي پنهنجو حق سمجهندي آهي۔ نتيجي طور، سماج ۾ خوف جو ماحول پيدا ٿيندو آهي جتي سچ ڳالهائڻ ڏوهه بڻجي وڃي ٿو۔

اهڙي قيادت جا اثر صرف سياست تائين محدود ناهن رهندا، پر معاشري جي هر شعبي تي پوندا آهن۔ ميڊيا دٻجي وڃي ٿي، عدليه تي دٻاءُ وڌي ويندو آهي ۽ بيوروڪريسي سياسي اثر هيٺ اچي ويندي آهي. نتيجي ۾ ادارا ڪمزور ۽ رياست جي بنيادن ۾ اڻٽر پئجي ويندا آهن. انا ۽ اقتدار جڏهن گڏ ٿين ٿا ته هڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيندي آهي۔ اناپرست حڪمران پنهنجي فيصلي کي حتمي سمجهندا آهن۔ اهي صلاح مشوري کي ڪمزوري سمجهندا آهن ۽ ٻين جي راءِ کي اهميت ناهن ڏيندا۔ اهڙي صورتحال ۾ غلط فيصلا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن.

تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا مثال موجود آهن ته حڪمرانن جي انا سبب جنگيون ٿيون، قومون تباهه ٿيون ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا۔ جڏهن ڪنهن حڪمران لاءِ پنهنجي عزت يا اقتدار عوام جي زندگين کان وڌيڪ اهم بڻجي وڃي، تڏهن تباهي يقيني ٿي وڃي ٿي۔ جمهوريت جو بنيادي اصول اهو آهي ته طاقت عوام وٽ هوندي آهي ۽ حڪمران ان جا نمائندا هوندا آهن۔ پر جڏهن حڪمران پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهڻ لڳن ٿا، تڏهن جمهوريت صرف هڪ نالو بڻجي وڃي ٿي۔

هي مسئلو صرف ڪنهن هڪ ملڪ تائين محدود ناهي۔ سڄي دنيا جي طاقتور ملڪن جا حڪمران پنهنجي اقتداري مفادن جي تحفظ لاءِ ٻين ملڪن خلاف سخت پاليسيون اختيار ڪن ٿا۔ معاشي پابنديون، فوجي ڪارروايون ۽ سفارتي دٻاءُ اڪثر انساني بنيادن کي نظرانداز ڪري لاڳو ڪيا ويندا آهن۔ حڪمران جڏهن پنهنجي مفادن کي انسانيت کان مٿانهون رکندا آهن، تڏهن جنگيون جنم وٺنديون آهن. اهڙين جنگين ۾ عام ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا انهن جا گهر تباهه ٿين ٿا، زندگيون ختم ٿين ٿيون ۽ مستقبل اونداهو ٿي وڃي ٿو۔

تاريخ اسان کي بار بار اهو سيکاريو ۽ سمجهايو ته انتقامي ۽ تنگ نظر حڪمرانن جو انجام سٺو نه ٿيندو آهي۔ ڪيترائي حڪمران، جيڪي پاڻ کي ناقابلِ شڪست سمجهندا هئا، آخرڪار پنهنجي پاليسين سبب زوال جو شڪار ٿيا۔ ان جي ابتڙ، اهي اڳواڻ جيڪي بردباري، انصاف ۽ انسان دوستي جو مظاهرو ڪندا رهيا، انهن جا نالا عزت سان ياد ڪيا وڃن ٿا۔ انهن نه رڳو پنهنجن ملڪن کي بحرانن مان ڪڍيو، پر دنيا لاءِ به مثال قائم ڪيو۔

اڄ دنيا هڪ نازڪ موڙ تي بيٺل آهي۔ هڪ طرف ترقي جا در کلي رهيا آهن، ته ٻئي طرف جنگيون ۽ بحران وڌي رهيا آهن۔ اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان اهم ڪردار انهن شخصيتن جو آهي، جيڪي اقتدار ۾ آهن۔ جيڪڏهن حڪمرانن جون دليون ننڍيون، سوچ تنگ ۽ رويو انتقامي رهندو، ته دنيا ۾ امن ممڪن نه هوندو۔ پر جيڪڏهن اهي انسان دوست، جمهوريت پسند ۽ اخلاقي قدرن جا پاسدار بڻجن، ته هو نه رڳو پنهنجن ملڪن پر سڄي دنيا کي خوشحال بڻائي سگهن ٿا، پر پوري دنيا لاءِ امن ۽ استحڪام جو مثال قائم ڪري سگهن ٿا۔وقت اچي ويو آهي ته حڪمران اهو سمجهن ته اقتدار ڪا دائمي شيءِ ناهي، پر هڪ ذميواري آهي۔ وڏي دل، وڏي سوچ ۽ وڏي ظرفيت سان ئي وڏي قيادت جنم وٺندي آهي ۽ اهڙي قيادت ئي دنيا کي تباهي کان بچائي سگهي ٿي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.