تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ ڳالهيون ڪندڙ چيف محمد باقر قاليباف چيو آهي ته ايران کي نه ضمانتن تي اعتماد آهي ۽ نه ئي بيانن تي، پر ايران معاملن بابت فيصلو رڳو عملي قدمن جي بنياد تي ڪندو.
سوشل ميڊيا پليٽفارم X تي پنهنجي بيان ۾ باقر قاليباف چيو ته ايران ان وقت تائين ڪو به قدم نه کڻندو، جيستائين ٻئي ڌر پهريون قدم نه کڻي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان رعايتون ڳالهين ذريعي نه، پر ميزائلن ذريعي حاصل ڪندا آهيون، جڏهن ته ڳالهين ۾ رڳو ٻين کي هن حقيقت جو احساس ڏياريندا آهيون.