آمريڪا سان اڃا تائين معاهدو ناهي ٿيو، جوهري پروگرام تي ڪي به ڳالهيون نٿا ڪيون: ايراني پرڏيهي وزارت

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته هيل تائين آمريڪا سان ڪنهن به قسم جو ڪو معاهدو نه ٿيو آهي ۽ ايران پنهنجي جوهري پروگرام بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نٿو ڪري.

اسماعيل بقائي ايراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو سڄو ڌيان جنگ جي خاتمي تي آهي، جڏهن ته آٻناءِ هرمز جي انتظام بابت فيصلو ايران ۽ عمان گڏجي ڪندا.

ان کان اڳ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي عماني هم منصب سان رابطو ڪيو هو.

ايراني پرڏيهي وزير چيو ته عمان جي پرڏيهي وزير سان آبناءِ هرمز ۽ ان جي مستقبل جي انتظامي معاملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀني پاڙيسري ملڪن سان صلاح مشوري کي ڀليڪار چئون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.