اڄ مُلڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي هڪ اهڙو الميو بڻجي چُڪي آهي، جنهن ۾ هر طرف بيچيني، پريشاني ۽ مايوسيءَ جا پاڇا پکڙيل نظر اچن ٿا۔ عام ماڻهو جي زندگي هاڻ رُڳو ضَرورتن جي پُورائي تائين محدود ٿي وئي آهي، جتي خواب ڏسڻ به هڪ عياشي بڻجي ويو آهي۔ پگھارون ساڳيون آهن، پر خرچ هر ڏينهن وڌي رهيا آهن، آمدني ساڳي رهي ٿي، پر گهر جو چُلهو هلائڻ ڏُکيو ٿيندو پيو وڃي۔ بازار ۾ هر شيءِ جي قيمت وڌي وئي آهي، پر انسان جي ڪمائي جي قيمت گهٽجي وئي آهي۔ مهانگائي نه رُڳو پيٽ تي وار ڪري ٿي، پر اُها دل جي سڪون کي به زخمي ڪري ڇڏي ٿي۔
هر روز اگهن ۾ اضافو، هر هفتي نئين مهانگائي، ۽ هر مهيني نئين تڪليف حصي ۾ اچي ٿي۔ اُهو سلسلو ڄڻ ته ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي۔ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو هِن بُحران کي وڌيڪَ تيز ڪري ڇڏيو آهي۔ جڏهن تيل مهانگو ٿئي ٿو، ته اُن جو اثر هر شعبي تي پوي ٿو۔ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌن ٿا، واپار مهانگو ٿئي ٿو، ۽ اُھو بار عام ماڻهوءَ تي اچي ٿو۔ هڪ غريب ماڻهو جيڪو اڳ ئي مشڪل سان گُذارو ڪري رهيو هو، اُهو هاڻي وڌيڪَ دٻاءُ هيٺ اچي ويو آهي۔ هِن جي زندگي هڪ ختم ٿيندڙ جدوجهد بڻجي وئي آهي۔ ڳوٺاڻن علائقن ۾ صُورتحال وڌيڪَ سنگين آهي۔ هڪ هاري، جيڪو سَڄو سال زمين سان جُڙيل رهي ٿو، پَنهنجي محنت سان فصل پوکي ٿو، اڄ پاڻ ئي بي وس آهي۔ ڀاڻ مهانگي، ٻج مهانگا، پاڻي جا مسئلا الڳ، ۽ جڏهن فصل تيار ٿئي ٿو ته اُن جو اگهه مناسب نٿو ملي۔ اهو هڪ اهڙو نظامي ناانصافي آهي، جتي محنت ڪندڙ کي سندس حق نٿو ملي۔ نتيجي طور، هاري قرضن ۾ ٻڏي وڃي ٿو، ۽ سندس زندگي هڪ مستقل پريشاني بڻجي وڃي ٿي۔ پر هِن ڪهاڻي جو هڪ ٻيو پاسو به آهي بي روزگاري جو وڌندڙ طوفان تيز ٿئي ٿو۔ جڏهن ڪاروبار مهانگائي سبب سست ٿي وڃن ٿا، ته ڪارخانا بند ٿين ٿا، ننڍا واپاري نقصان کڻن ٿا، جنھن سبب روزگار جا موقعا گهٽجي وڃن ٿا۔ نوجوان، جيڪي تعليم حاصل ڪري اُميدن سان مستقبل ڏانهن ڏسن ٿا، اُهي به بي يقينيءَ جي ڌنڌ ۾ گم ٿي وڃن ٿا۔ بي روزگاري ۽ مهانگائي گڏجي هڪ اهڙو چڪر بڻائين ٿا، جيڪو انسان کي هر طرف کان گهيري وٺي ٿو۔
مهانگائي جو سَڀ کان گهرو اثر انسان جي نفسيات تي پوي ٿو۔ جڏهن گهر جو خرچ پورو نٿو ٿئي، جڏهن ٻارن جي تعليم متاثر ٿئي ٿي، جڏهن بيمار لاءِ دوا وٺڻ به ڏُکيو ٿي وڃي، تڏهن انسان اندر ئي اندر ٽُٽي پوي ٿو۔ هو خاموش ٿي وڃي ٿو، پر سندس اندر هڪ طوفان هلندو رهي ٿو۔ گهرن ۾ جھيڙا وڌن ٿا، رشتن ۾ تلخي اچي ٿي، ۽ محبت جي جاءِ تي مايوسي اچي وڃي ٿي۔ اُهو ماحول نه رُڳو فرد کي، پر سَڄي سماج کي متاثر ڪري ٿو۔ عورتن تي به هِن مهانگائي جا گهرا اثر پيا آهن۔ هڪ عورت، جيڪا محدود وسيلن سان گهر هلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، اُها هر روز نئين آزمائش کي مُنهن ڏئي ٿي۔ هوءَ راشن کي ورهائي، ٻارن کي سمجهائي ٿي، ۽ پَنهنجون ضَرورتون قربان ڪري ٿي، پر پوءِ به گهڻو ڪُجهه پُورو نٿو ٿئي۔ سندس دل جو درد اڪثر لفظن کان ٻاهر هوندو آهي۔ ٻار، جيڪي ڪنهن به قوم جو مستقبل هوندا آهن، هِن بُحران جو سَڀ کان وَڏو شڪار بڻجي رهيا آهن۔ ڪيترائي ٻار اسڪول ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن۔ ڪُجهه ٻار مزدوري ڪري رهيا آهن، ته جيئن پَنهنجي خاندان جي مدد ڪري سگهن۔ اُنهن معصوم هٿن ۾ جڏهن ڪتابن بدران ھوٽلن ۽ ٻين جڳهن تي ڪم ڪندي نظر اچن ٿا، ته اُهو منظر ڪنهن به قوم لاءِ شرمندگي جو باعث آهي۔ جيڪڏهن اڄ اسان پَنهنجي ٻارن کي تعليم کان محروم رکون ٿا، ته سڀاڻي اسان جو مستقبل به اونداهو هوندو۔ صحت جو شعبو به هِن مهانگائي کان متاثر ٿيو آهي۔ دوائن جي اگهن ۾ اضافو سبب ڪيترائي ماڻهو علاج کان محروم ٿي رهيا آهن۔ بيمار ماڻهو درد سهي رهيا آهن، ڇو ته اُنهن وٽ دوا خريد ڪرڻ جا پئسا ناهن۔ هڪ ماءُ جيڪا پَنهنجي بيمار ٻار کي ڏسي ٿي، پر ڪُجهه به نٿي ڪري سگهي، اُن جي دل جو درد لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي۔ مهانگائي سماج ۾ اخلاقي قدرن کي به متاثر ڪري رهي آهي۔ جڏهن ماڻهو پَنهنجون بُنيادي ضَرورتون پُوريون نٿا ڪري سگهن، تڏهن ڪُجهه ماڻهو مجبور ٿي غلط رستن تي هلي پون ٿا۔ چوريون، ڦرون، ۽ ٻين ڏوهن ۾ اضافو اُن ڳالهه جو ثبوت آهي ته معاشي بُحران سماجي اَمن کي به متاثر ڪري رهيو آهي۔ مارڪيٽ ۾ ناجائز منافع خوري، ذخيره اندوزي، ۽ ڪرپشن هِن بُحران کي وڌيڪَ سنگين بڻائي رهيا آهن۔ ڪُجهه واپاري شين کي لڪائي، مصنوعي کوٽ پيدا ڪن ٿا، ۽ پوءِ اُنهن کي مهانگي اگهن تي وڪرو ڪن ٿا۔ اُهو عمل عام ماڻهوءَ جي تڪليفن ۾ اضافو ڪري ٿو۔ هاڻي عوام جو صبر جواب ڏئي رهيو آهي۔ مُلڪ جي مختلف حصن ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي۔ ماڻهو روڊن تي نڪري رهيا آهن، پَنهنجو حق گهري رهيا آهن، ۽ پَنهنجي آواز کي بُلند ڪري رهيا آهن۔ اُهي مظاهرا رُڳو غصي جو اظهار ناهن، پر هڪ اهڙي دانهن آهن، جيڪا ٻُڌائڻ چاهي ٿي ته ”اسان کي جيئڻ ڏيو۔ “
ھِن صُورتحال ۾ حڪومت جي ذميواري انتهائي اهم آهي۔ حڪومت کي گهرجي ته هو فوري ۽ اثرائتا قدم کڻي۔ پيٽرول ۽ ڊيزل تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي، مارڪيٽ جي سخت نگراني، ۽ ڪرپشن خلاف ڪارروائي ضَروري آهي۔ عوام کي سستو راشن، روزگار جا موقعا، ۽ بُنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي۔ اُن سان گڏ، معاشي پاليسين ۾ استحڪام، ڊالر جي قيمت تي ڪنٽرول، ۽ مقامي پيداوار کي وڌائڻ به اهم آهن۔ جيڪڏهن مُلڪ پَنهنجي پيداوار وڌائيندو، ته درآمد تي دارومدار گهٽ ٿيندو، ۽ مهانگائي تي به ڪنٽرول آڻي سگهجي ٿو۔ سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي به پَنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔ اُنهن کي گهرجي ته هو عوام جي مسئلن کي اُججيڪڏهن ڪن، حڪومتي پاليسين تي نظر رکن، ۽ ڪرپشن خلاف آواز اُٿارين۔ جڏهن سماج جا سَڀ ادارا گڏجي ڪم ڪندا، تڏهن ئي هِن بُحران مان نڪرڻ ممڪن ٿيندو۔ مهانگائي جو هي بُحران صَرف هڪ مسئلو ناهي، پر هڪ وَڏي آزمائش آهي۔ ھي وقت انساني جانين ۽ غريب عوام جي ارمانن سان کيڏڻ جو ناهي حڪومتي، ادارن، کي گھرجي ھو سماج سان گڏجي هِن مسئلي جو حل ڳولين۔ غريب عوام جي دانهن کي ٻُڌو، اُنهن جي تڪليفن کي محسوس ڪيو، ۽ اُنهن لاءِ آسانيون پيدا ڪريو۔ ڇو ته جيڪڏهن اڄ به اسان هِن مسئلي کي سنجيدگي سان نه ورتو، ته سُڀاڻي حالتون وڌيڪَ خراب ٿي سگهن ٿيون۔ مهانگائي جو هي طوفان جيڪڏهن نه روڪيو ويو، ته اُهو صرف چُلھن کي نه، پر سَڄي سماج جي بُنيادن کي لوڏي ڇڏيندو۔ مهانگائي کي روڪڻ رُڳو ڪا معاشي راند يا پاليسيءَ جي فائيلن ۾ لکيل سٽون ناهن، پر اُهو انسانيت جي ساهن کي بچائڻ جو آخري وسيلو آهي۔
هر شيءِ جي قيمت وڌي رهي آهي، انسان جي محنت جو قدر گهٽجي رهيو آهي۔ هڪ پيءُ جي اکين ۾ ٻارن جي خواهشن جو شور آهي، هڪ ماءُ جي دل ۾ خالي ٿانوَن جو درد آهي، ۽ هڪ نوجوان جي ذهن ۾ مستقبل جو اونداهو خوف آهي۔ هي سَڀ گڏجي اهڙو سماج ٺاهي رهيا آهن، جتي مسڪراهٽون به قرض تي لڳن ٿيون۔ اُهو ڪيڏو نه تلخ سچ آهي ته جتي شيون مهانگيون ٿين ٿيون، اُتي انسان آهستي آهستي سستو ٿي ويندو آهي۔ عزتون دٻجي وڃن ٿيون، خواب وڪامجي وڃن ٿا، ۽ اُميدون روزمرھه جي ضَرورتن آڏو مرڻ لڳن ٿيون۔ مهانگائي صَرف پيٽ تي وار ناهي ڪندي، پر اُها دل جي سڪون، ذهن جي آرام ۽ روح جي خوشيءَ کي به زخمي ڪري ڇڏيندي آهي۔
سو مهانگائي کي روڪڻ صرف پاليسي نه، پر انسانيت کي بچائڻ جو عمل آهي۔ اسان کي مهانگائي روڪڻ لاءِ پَنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔ ناجائز منافع خوري، ذخيره اندوزي ۽ دوکي کان پاسو ڪريون۔ ايمانداري سان واپار ڪريون ۽ فضول خرچي گهٽايون۔ حڪومت کان پَنهنجا حق گهريون ۽ ظُلم خلاف آواز اُٿاريون، پر ساڳئي وقت پاڻ به ذميوار بڻجون۔ غريبن جي مدد ڪريون، هڪ ٻئي جو سهارو بڻجون ۽ انسانيت کي اوليت ڏيون۔ ڇو ته مهانگائي کي روڪڻ صَرف پاليسي نه، پر اسان سَڀني جي گڏيل ذميواري آهي۔