سنڌ جي زرخيز ڌرتي صدين کان وٺي دريائن، واهن ۽ شاخن جي پاڻي سان سرسبز رهندي آءِآهي۔ هي ڌرتي صرف مٽي جو ٽڪرو نه، پر لکين آبادگارن جي جيئڻ جو سهارو، سندن ٻچن جي بک جو علاج، ۽ سندن خوابن جي پوک آهي۔ جڏهن پاڻي وهندو آهي ته زمينون ساهه کڻنديون آهن، فصل کلندا آهن، پکي ٽهڪ ڏيندا آهن، ۽ ڳوٺن ۾ زندگي جا رنگ جاڳندا آهن۔ پر جڏهن پاڻي بند ٿي ويندو آهي، تڏهن ڌرتيءَ جي سيني تي ڏڪار لهندو آهي، فصل سڪي ويندا آهن، ۽ انسان جي اکين ۾ مايوسي جا پاڇا پکڙجي ويندا آهن۔
اڄ اهڙي ئي دردناڪ صورتحال ماتلي ويجهو ڦلڪارا ۾ سومرڪي شاخ جي پوڇڙ وارن علائقن ۾ ڏسڻ لاءِ ملي رهي آهي، جتي ننڍا آبادگار پنهنجي جائز پاڻي جي حق لاءِ سڪندا پيا وڃن۔ سومرڪي شاخ جي پوڇڙ تائين پاڻي نه پهچڻ سبب سوين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن۔ آبادگارن جا بيٺل فصل سڪي تباهه ٿي رهيون آهن، مال متاع لاءِ گاھ ختم ٿي ويو آهي، ۽ ڪيترائي پورهيت آبادگار مجبور ٿي پنهنجا ڳوٺ ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن۔
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ايريگيشن عملو، جيڪو پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو ذميوار آهي، اهو خاموش تماشائي بڻيل آهي۔ ننڍن آبادگارن کي هٿ سان پاڻي جي کوٽ جا جواز ٻڌائي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته حقيقت سڀني جي سامهون آهي۔ سومرڪي شاخ جي منڍ ۾ ويٺل بااثر وڏيرا ۽ جاگيردار غيرقانوني لفٽنگ ذريعي پاڻي جو وڏو حصو کڻي رهيا آهن۔ انهن جا ماڊول سرڪاري ماپ کان گهڻا وڌايل آهن، انهن بااثرن جون سئو سيڪڙو زمينون آباد ڪري خوش ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري پوڇڙ تائين پاڻي پهچڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي۔
جيڪڏهن منڍ جي آبادگارن کي سرڪاري گيج ۽ مقرر ماپ موجب پاڻي ڏنو وڃي، ته يقيناً پاڻي پوڇڙ تائين آساني سان پهچي سگهي ٿو۔ پر بدقسمتي سان رشوت، سفارش ۽ طاقت جي آڏو قانون بي وس بڻجي ويو آهي۔ ايريگيشن عملي تي الزام آهن ته ڳرين رشوتن عيوض ماڊول ٽوڙي غيرقانوني پاڻي مُهيا ڪيو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ هيٺين علائقن جا ننڍا آبادگار سڪندا ۽ بکون ڪاٽيندا پيا وڃن۔
هي صرف پاڻي جي کوٽ جو مسئلو ناهي، پر هي انساني الميو آهي۔ جڏهن ڪنهن آبادگار جي زمين سڪي ٿي، ته صرف فصل تباهه نٿو ٿئي، پر ان سان گڏ سندس اميدون، خواب، ۽ سندس ٻچن جو مستقبل به سڪي وڃي ٿو۔ هڪ هاري جيڪو ڏينهن رات سج جي تپش ۾ پورهيو ڪري ٿو، جڏهن اهو پنهنجي زمين کي اڃايل ڏسي ٿو ته سندس دل اندر ئي اندر رت روئي ٿي۔ اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي آبادگار ذهني اذيت، بک، بدحالي ۽ تنگدستي جو شڪار بڻجي رهيا آهن۔
سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ٿي، تڏهن ظلم، غربت ۽ بغاوت جنم ورتو آهي۔ پاڻي تي قبضو صرف زمينن کي نه، پر سماجن کي به تباهه ڪندو آهي۔ اڄ جيڪڏهن سومرڪي شاخ جي پوڇڙ جي آبادگارن کي سندن حق نه ڏنو ويو ته اها ناانصافي مستقبل ۾ وڌيڪ سنگين بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿي۔
اسان ايريگيشن جي اعليٰ اختيارين، ايس ڊي او، چيف انجنيئر، سيڪريٽري ايريگيشن ۽ صوبائي منسٽر کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته سومرڪي شاخ جي صورتحال جو فوري نوٽيس ورتو وڃي۔ منڍ ۾ ٿيندڙ غيرقانوني لفٽنگ بند ڪرائي وڃي، ماڊولن کي سرڪاري ماپ موجب بحال ڪيو وڃي، ۽ پوڇڙ جي آبادگارن تائين گيج مطابق سندن جائز پاڻي پهچايو وڃي۔ جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته ننڍا آبادگار مڪمل تباهي جي ڪناري تي پهچي ويندا۔ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڻي جي ورڇ ۾ انصاف ڪيو وڃي، ڇو ته انصاف بنا سماج زنده نٿا رهي سگهن۔ غريب آبادگارن کي سندن حق ڏيڻ ڪا مهرباني نه، پر رياست جي ذميواري آهي۔ سنڌ جي ڌرتي کي اڃايل نه ڇڏيو، ڇو ته جڏهن ڌرتي سڪي ويندي آهي ته پوءِ انسانيت به سڪي ويندي آهي۔
خدارا! سومرڪي شاخ جي پوڇڙ جي آبادگارن تي رحم ڪيو۔ انهن جي زمينن، انهن جي ٻچن، ۽ انهن جي مستقبل کي بچايو۔ پاڻي انهن جو بنيادي حق آهي، ۽ حق ڪڏهن به خيرات نه هوندو آهي۔