ٻن پينشنرن جي ڪٿا

سامي ميمڻ

هر مهيني جي پهرين تاريخ جي صبح، منهنجي پراڻي موبائل تي هڪ ننڍڙو نياپو ظاهر ٿيندو آهي:

معزز پينشنر، توهان جي رقم اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي آهي۔

اهو ميسيج  پڙهندي ئي دل جي ڪنهن اونداهي ڪنڊ ۾ هڪ ننڍڙو ڏيئو ٻري پوندو آهي۔ اکين ۾ هلڪي چمڪ تري ايندي آهي، ڄڻ ڪنهن وڏي خوشخبري در تي دستڪ ڏني هجي۔ جيتوڻيڪ اها رقم ايتري ٿوري هوندي آهي، جو ڪنهن آڏو ذڪر ڪندي به زبان لڄائجي وڃي، پر پوءِ به انسان اميد جي سهاري جيئندو آهي۔

مان آهستي آهستي تيار ٿيندو آهيان۔ پراڻي استري ٿيل قميص پائيندو آهيان، وارن تي هٿ ڦيريندو آهيان، ۽ پوءِ بينڪ ڏانهن نڪري پوندو آهيان۔ جڏهن ڪيشئر نوٽن جو ننڍڙو بنڊل منهنجي هٿ تي رکندو آهي، تڏهن مان انهن کي اهڙي احتياط سان کيسي ۾ وجهندو آهيان، ڄڻ لکين روپيا هجن۔ بينڪ مان ٻاهر نڪرندي منهنجي هلڻ ۾ هڪ مصنوعي وقار هوندو آهي۔ شايد اها انسان جي انا آهي، جيڪا غربت کي به عزت جي چادر اوڍائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي۔

پر منهنجي اندر ۾ هڪ ٻيو جهان به آباد آهي يادگيرين جو جهان۔

اسٽيل ملز۔ ۔ ۔ اهو رڳو ڪارخانو نه هو، پر اسان جهڙن هزارين مزدورن جو خواب هو۔ اتي مون پنهنجي جواني جا ٻاويهه سال گذاريا۔ اڄ به اکين آڏو اهي منظر ڦرڻ لڳندا آهن باهه جهڙي گرمي، مشينن جو ڪن ڦاڙ شور، لوهه جي بوءِ، پگهر ۾ ڀنل جسم، ۽ شام جو موڪل ٿيڻ شرط بسن ڏانهن ڊوڙندڙ مزدور۔

اسان مشينن سان گڏ جيئندا هئاسين۔

سج اڀرڻ کان اڳ ڊيوٽي، رات دير تائين اوور ٽائيم، ۽ پوءِ به چهري تي ٿڪ بدران اطمينان هوندو هو، ڇو ته اسان کي يقين هو ته اسان ملڪ ٺاهي رهيا آهيون۔ مون ڪڏهن بيماريءَ جو بهانو نه بڻايو، نه سي ايل ورتي۔ فرض کي عبادت سمجههي نڀايو۔ اسان سمجههندا هئاسين ته رياست پنهنجي مزدورن کي ڪڏهن وساريندي نه۔ پر وقت سدائين ساڳيو نٿو رهي۔

هڪ ڏينهن اوچتو اسٽيل ملز جي ڀتين تي اداسي لهڻ لڳي۔ جيڪي چهرا ڪالهه تائين مرڪندا هئا، سي خوف ۾ ٻڏل نظر اچڻ لڳا۔ آفيسن ٻاهران ڊگهيون قطارون، هٿن ۾ فائلون، اکين ۾ بي يقيني۔ ۔ ۔

ائين لڳندو هو ڄڻ ڪارخاني تي آهستي آهستي موت لهي رهيو هجي۔

مون به ٻين مزدورن وانگر فارم ڀريو۔ ڪجهه پئسا مليا، ۽ مان خاموشيءَ سان گهر موٽي آيس۔ ان وقت عمر ۾ جوانيءَ جي گرمي هئي، ان ڪري مستقبل جي اونداهين بابت گهڻو نه سوچيم۔ لڳو ته زندگي ڪنهن نه ڪنهن رستي تي هلندي رهندي۔

پر زندگيءَ جو سفر ايترو سولو ڪٿي هوندو آهي؟

اک ڇنڀ ۾ وارن جي ڪاراڻ چانديءَ ۾ بدلجي ويئي۔ هٿن جي طاقت گهٽجڻ لڳي۔ چهري جون ريکائون گهريون ٿينديون ويون۔ ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ماڻهو چوڻ لڳا:

“هاڻ پينشن لاءِ درخواست ڏي۔ ”

اهو ٻڌي منهنجي دل ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي۔ سوچيم، سڄي عمر جي محنت کان پوءِ شايد هاڻ سڪون جا ڏينهن ايندا۔ پر جڏهن خبر پئي ته اسٽيل ملز “سيمي گورنمينٽ” ادارو هو، جتي پينشن نه پر رڳو پوڙهائپ الائونس ملندو آهي، تڏهن ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن منهنجي پيرن هيٺان زمين ڪڍي ڇڏي هجي۔

دل اندر هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو۔

سڄي جواني، سڄي محنت، سڄو پورهيو۔ ۔ ۔ سڀ ڪجهه اوچتو بي معنيٰ لڳڻ لڳو۔

ان ڏينهن مان شهر ويندڙ بس ۾ ويٺو هئس۔ بس جي دريءَ مان ٻاهر نهاريندي مون پنهنجي زندگيءَ جا ورق ذهن ۾ ورجائڻ شروع ڪيا۔ اوچتو منهنجي ڀرسان هڪ پراڻو واقفڪار اچي ويٺو رٽائرڊ استاد هو۔

رسمي دعا سلام کان پوءِ ڪجهه دير خاموشي رهي۔ پوءِ مون بي اختيار پڇيو:

“سائين، پينشن گهڻي ملندي هوندي؟ ”

هن ٿڌو ساهه ڀريو، پر چهري تي اطمينان هو۔

چيائين:

الحمدلله۔ ۔ ۔ لڳ ڀڳ ٻه لک ماهوار۔

اهي لفظ منهنجي دل تي هٿوڙي وانگر لڳا۔

مان خاموش ٿي ويس۔

منهنجي ذهن ۾ پنهنجي ڏهه هزارن واري الائونس جو خيال ڦرڻ لڳو۔ هڪ ئي ملڪ جا ٻه شهري۔ هڪ سڄي عمر مشينن جي باهه ۾ سڙي پوڙهو ٿيو، ٻيو عزت ڀري پينشن سان زندگي گذاري رهيو هو۔

مان استاد جي عزت گهٽ نٿو سمجههان۔ علم وارن جو مقام هميشه اوچو رهيو آهي، پر ان ڏينهن منهنجي دل ۾ هڪ سوال جنم ورتو:

ڇا مزدور جي محنت گهٽ مقدس هئي؟

ڇا ڪارخانن جي شور ۾ پنهنجي جواني ساڙيندڙ ماڻهوءَ جو ڪو حق نه هو؟

بس شهر ڏانهن ڊوڙندي رهي، پر منهنجا خيال وقت جي ڪنهن اونهي کاهيءَ ۾ لهندا رهيا۔

اڄ به هر مهيني اهو نياپو موبائل تي اچي ٿو۔ مان بينڪ وڃان ٿو، رقم کڻان ٿو، ۽ ساڳي مصنوعي وقار سان گهر موٽي اچان ٿو۔

رات جو جڏهن گهر جي ننڍڙي ڪمري ۾ پراڻي پنکي جي کڙکڙاهٽ هلندي آهي، مان خاموشيءَ سان پنهنجي کيسي مان اهي چند نوٽ ڪڍي ميز تي رکان ٿو۔ زال دوائن جي پرچي سنڀالي ويٺي هوندي آهي، پوٽو اسڪول جي في بابت پڇندو آهي، ۽ مان ڪجهه گهڙيون نوٽن ڏانهن نهاريندو رهندو آهيان۔ ائين لڳندو آهي ڄڻ سڄي زندگيءَ جي محنت هنن چند ڪاغذن ۾ سڏڪي رهي هجي۔

پوءِ دل جي ڪنهن گهري ڪنڊ مان آهستي آهستي هڪ ئي سوال اڀري ٿو:

ڇا هن ملڪ ۾ مزدور جي جوانيءَ جي ڪا قيمت ناهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.