مهين جي دڙي ۾ دريافت ٿيلَ نئين ڀِتِ

تحرير: ياسر قاضي

اهو ته اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته مھين جو دڙو، سنڌو ماٿر تھذيب جي راڄڌانيءَ طور ان جو وڏو مرڪز هو، جيڪو قدامت ۾ قديم مصر ۽ ميسوپوٽيميا جي همعصر شھرن جو مقابلو ڪندڙ ماڳ آهي، جنھن جي ايراضي 620 ايڪڙن کان وڌيڪ ۽ آبادي 1900 قبل مسيح جي لڳ ڀڳ (ان جي تباھه ٿيڻ کان اڳ) 40 هزار کن هئي. جيڪا ان دؤرَ جي لحاظ کان هڪ تمام وڏي شھر جي آدمشماري هئي. سنڌوءَ ڪناري واقع، ماضيءَ جي ھن عظيم شھر جِي پھريون ڀيرو کوٽائي 1921ع ــ 22ع ۾ ڪئي وئي هئي. مھين جي دڙي جي ماڳ کي ڳولي لھندڙ ’رکلداس بينرجي‘، مشن جي سربراھه ’سر جان مارشل‘ ۽ ’ارنيسٽ ميڪي‘ جھڙن آثارِ قديمه جي ماهرن، ابتدائي طور 1922ع کان 1931ع تائين مھين جي ماڳ تان ڪل 4 هزار 348 مھرون ۽ سِڪا ڳولي لڌا هئا، جيڪي بعد ۾ گڏيل هندوستان جي مختلف عجائب گهرن ڏانھن منتقل ڪيا ويا هئا.

 تازو 2025 ــ 26ع ۾ سنڌ سرڪار جي نوادرات ۽ قديم آثارن واري کاتي (جيڪو ثقافت کاتي جي هڪ ’وِنگ‘ طور ڪم ڪندو آهي) ۽ ”سنڌ ايڪسپلوريشن اينڊ ايڊوينچر سوسائٽي“ (SEAS) پاڪستان جي گڏيل مشن، دنيا جي قديم آثارن جي مڃيل ماھر ’ڊاڪٽر جونٿن مارڪ ڪيناير‘ جي سرواڻيءَ ۾ تازي کوٽائي ڪئي، جنھنجي سھڪار لاءِ قديم آثارن جي مشھور پاڪستاني ماهر، ڊاڪٽر اسما ابراهيم پڻ شرڪت ڪئي. هن مشن ۾ سنڌ ۽ امريڪا جي مختلف يونيورسٽين جي آرڪيالاجيءَ جي شاگردن جي هڪ ٽيم پڻ شرڪت ڪئي. هتي هيءَ ڳالهه انتھائي واکاڻ جوڳي آهي ته صحت جي خرابيءَ باوجود، مارڪ ڪيناير پنھنجي خرچ تي، پنھنجو ڀاڙو پاڻ ڀري، نه رڳو پاڻ امريڪا مان هتي آيو، بلڪه پاڻ سان گڏ هڪ امريڪي آثارِ قديمه جو شاگرد نؤجوان، ’لُوڪس وِرڪ‘ به پنھنجي خرچ تي آندائين. اهو ئي نه بلڪه مارڪ، هن مھم لاءِ امريڪا مان فنڊنگ به آندي. سنڌ سرڪار فقط سندس کاڌ خوراڪ ۽ سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ انھن ٻنھي جي رهائش جو بندوبست ڪيو. اها مارڪ جي سنڌو ماٿر تھذيب ۽ مھين جي دڙي سان بي انتھا دلچسپي ۽ پنھنجي ڪم سان پيار آهي، جو هو ان نئين کوٽائيءَ ۾ بيحد سرگرميءَ سان پنھنجي هڙان وڙان شريڪ ٿيو.

ڪيترن ئي سالن جي وقفي کانپوءِ مھين جي دڙي تي ٿيندڙ آثارِ قديمه جي هيءَ جاچ، ’مھين جي دڙي بابت ٺھيل قومي فنڊ‘ جي هدايتن تي ڪئي وئي. هن کوٽائيءَ جو پھريون مرحلو گذريل سال 18 مئي کان 6 جون تائين (20 ڏينھن) سخت گرمين ۾ انجام ڏنو ويو، جڏهن ته ان جو ٻيون مرحلو، هن سياري، 26 ڊسمبر 2025ع کان شروع ٿي 20 جنوري 2026ع تائين 26 ڏينھن ۾ پورو ڪيو ويو. فيلڊ ۾ ذڪر ڪيل تاريخن تي ٿيل ڪل 46 ڏينھن جي مھم جي پورائي کانپوءِ تازو 16 مارچ 2026ع تي هن کوٽائيءَ جي ابتدائي رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي. ان رپورٽ ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي ته تازين کوٽائين ۽ نئين ’ريڊيو ڪاربن ڊيٽنگ‘ (قدامت معلوم ڪرڻ واري فني ليبارٽري تپاس) ۾ مھين جي دڙي تي ڪوٽڏيجي دؤر جي همعصر شھري آباديءَ (لڳ ڀڳ 2600 کان 3300 قبلِ مسيح تائين) جا اثر مليا آهن ۽ هي ماڳ 2500 ق.م. کان وڌيڪ قديم هجڻ جون سائنسي ثابتيون مليون آهن.

مھين جي دڙي جي جڳ مشھور اسٽوپا واري دڙي جي اولھه ۾، زمين جي سطح تي ڪيل هن نئين کوٽائيءَ جي نتيجي ۾، شھر جي چوڌاري گاري جي سرن سان ٺھيل هڪ وڏي ڀت کي سڀ کان پھريان 1950ع ۾ ’سر مورٽيمر ويلر‘ نالي آرڪيالاجسٽ ڳولي لڌو هو، پر اُن، هِن ديوار جِي، ”شھر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ٺاھيل هڪ ڇِت“ طور ”غلط سڃاڻپ“ ڪئي ھئي. جڏھن ته دراصل هيءَ ڀت هڪ اهڙي فصِيلَ يا ’شھر پناھه‘ ٿي ڀاسي، جيڪا عام طور تي حدن جي نشان لاءِ يا حملن کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪنھن علائقي يا شھر جي چوڌاري اَڏي ويندي آهي. جيڪا سرن، يا پٿرن جي ڪنھن لوڙھي وانگر هوندي آهي. هن کوٽائيءَ جو مک مقصد اولاھين اسٽوپا دڙي جي چوڌاري، هن ’شھر پناھه‘ نما ڀِت جي مجموعي منصوبي ۽ تاريخ کي ڳولڻ هو. سر وِيلر جي 1950ع واري کوٽائي ۽ ان جو ٺاھيل خاڪو (ڊرائنگ) ڏيکاري ٿي ته هيءَ ڀت ڪيترن ئي مرحلن ۾ ٺھي هئي، جنھنجو ابتدائي ڍانچو ان کان به اڳ جي ڪنھن آباديءَ جي چوٽيءَ مٿان اڏيل هو. جيتوڻيڪ هن ڀِت جا سڀ کان ھيٺيان تَھَه (بارَ) هاڻي واري پاڻيءَ جي زيرِ زمين سطح کان هيٺ آهن. تازي کوٽائيءَ ۾، وِيلر جي اڳوڻي کوٽيلَ کڏ کي ٻيھر کوٽيو ويو آهي، ته جيئن هن ڀِت جي اڏاوت جي مختلف مرحلن جي قدامت ڄاڻي سگهجي. پھرينءَ ڀِت جي هيٺيُن سطحن مان مليلَ مٽيءَ جا ٿانوَ ۽ ڪاربان جا نمونا ظاهر ڪن ٿا ته هي شروعاتي ڍانچو ابتدائي هڙپائي يا ڪوٽڏيجي دؤرَ جي آخر ۾ (2700 ــ 2600 قبل مسيح ڌاري)، هڙپائي مرحلي جي شروعات کان لڳ ڀڳ 100 سال کن اڳ تعمير ڪيو ويو هو.

هن تازي کوٽائيءَ جي شروعات ۾ مُک اسٽوپا جي اولاھين پاسي 4 4 x ميٽر هم چورس ماپ جا ٻه کَڏا (وچ ۾ هڪ ميٽر جي وِٿي ڇڏي) کوٽيا ويا. بعد ۾ اولھه ڏانھن کوٽائيءَ کي 3 ميٽر اڃا وڌايو ويو. اتي موجوده زمين جي سطح کان لڳ ڀڳ 50 سينٽي ميٽر هيٺ (سمنڊ جي سطح کان 48 ميٽر مٿي) هڪ جديد فرش پڻ مليو، جيڪو اسٽوپا واري دڙي جي اولھه واري ڪناري سان پُوروڇوٽ اتر ــ ڏکڻ طرف آهي. اهو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته اهو فرش ڪڏهن تعمير ڪيو ويو هو، پر اهو ظاهر ڪري ٿو ته اهو فرش موجوده پنجاب ۾ واقع سنڌو سڀيتا جي هڪ ٻئي اهم ۽ قديم ماڳَ ’هڙپا‘ (1500 ق.م کان 4000 ق.م) ۾ استعمال ٿيل سِرُن گاڏڙ ڪجهه نئين طرز جون سِرُون استعمال ڪري ٺاھيو ويو آهي. هي فرش تقريباً 1.8 ميٽر ويڪرو ۽ 7 سينٽي ميٽر ٿُلهو آهي. فرش کي ڪُنڊائتين سِرُن سان ٺاهيو ويو آهي ۽ ان جي هيٺان صاف درياءَ جي ريتيءَ جو هڪ تھه به مليو آهي.

ان کانپوءِ، هن سياري ۾ اڳ کوٽيل کڏن کان 5 ميٽر ڏکڻ ۽ 5 ميٽر اولھه ۾ 2 4 xميٽرن جا ٻه ٻيا کڏا به کوٽيا ويا. هنن کڏن ۾ پڻ لڳ ڀڳ 48 ميٽر ھيٺ ساڳئي نوعيت جون سرون ۽ ديوار جي بناوت ملي آهي. اولاھين کوٽيل کڏ ۾ جديد سِرُن جي ذڪر ڪيل فرش جي جوڙجڪ کي هٽائي ڏٺو ويو، ته ان جي هيٺان اولھه واريءَ ڪنڊ جي لڳ ڀڳ 47.74 ميٽر هيٺ هن قديم ’شھرِ پناھه‘ / حفاظتي ڀِت جي نشاندھي ڪئي وئي آهي. هن ڀت جي ٻن حصن جي ڪل ويڪر لڳ ڀڳ ساڍا 6 ميٽر آهي. سِرُن جو رنگ ڪٿي ڪٿي ڦِڪو ڀورو ۽ ڪٿي ڪٿي ان کان ٿورو هلڪو آهي. هن کوٽائيءَ دؤران ويلر واري کڏ جو ڀراءُ تيستائين هَٽايو ويو، جيستائين سندس کوٽيل کڏ جي ڪناري تي ڏاڪن جا نشان ظاهر نه ٿيا. جنھن بعد اها کوٽائي بند ڪري دريافت ٿيل جزوي ڀت جي نشانن کي ڍڪيو ويو، تان ته ان کي موسمي اثرن کان محفوظ رکي سگهجي.

پھرين شھر جي ڀِت جي هيٺان تازي ڪيل اُونھِي کوٽائيءَ مان هٿ آيل ڪوٽڏيجي دؤرَ جا همعصر ٿانوَ، هن جي ڀِت جي اڏاوتَ کان اڳ هڪ اهم ابتدائي هڙپائي اثر جي موجودگيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا، جن تي هڙپا سميت ڪوٽڏيجيءَ جي ابتدائي دؤر جو اثر نظر اچي ٿو ۽ هيءَ شھر پناھه (ڀِتِ) 2600 ق.م. کان 2800 ق.م جِي وچَ ۾ اڏيل ڀاسي ٿي. کوٽائيءَ جي وچينءَ ۽ مٿئينءَ سطح مان ملندڙ مٽيءَ جا ٿانوَ ۽ ڪاربن جا نمونا تصديق ڪن ٿا ته هن ڀِتِ جا پڇاڙڪا مرحلا، هڙپا دؤر دؤران اڏيا ويا هئا، جيڪي تقريباً 2600 قبل مسيح کان تعمير ٿيڻ شروع ٿيا ۽ ان کي 2200 ق.م. کانپوءِ تائين وڌايو ۽ سنواريو ويو. ايندڙ رِٿيل جاچ منصوبي ۾ ان ڳالھه جو پتو لڳايو ويندو ته اها ڀِتِ اسٽوپا واري دڙي جي چوڌاري مڪمل شھرِ پناھه جي صورت ۾ اڏيل آهي يا نه، ته جيئن ان ڀِت جي مُک لنگهه (شھر ۾ داخل ٿيندڙ دروازي / ”گيٽ وي“) کي ڳولي سگهجي ۽ اهو طئي ڪري سگهجي ته ان ڀت جو ڪارج ڪھڙو هو ۽ ڀِت ڪڏھن ۽ ڪيئن ڊٺي!

هن تازي ڀِت جي کوٽائيءَ مان ڪل581 ٿانوَ ٿپا (Artifacts) ۽ ٻيو سامان مليو آهي، جن ۾ ڪوڏين، مٽيءَ ۽ شيشي مان ٺھيل چُوڙيون ۽ انھن جا ٽُڪرا، ماربل جُون گُهگهيُون، بٽڻَ، ٽامي جون راڊُون ۽ ڇلا، ڪٽ وڍَ جا مختلف ڌاتن ۽ پٿرن مان ٺھيل اوزارَ ۽ مختلف شڪلين جا پٿرَ شامل آهن.

هن ’شھر پناھه‘ (ڀِت) کي ڳولي لھڻ ۾ SEAS پاران سنڌ سرڪار سان لکپڙھه ۽ رهنمائيءَ ۾ قديم آثارن جي نامياري ماھرَ، ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاريءَ جو اهم ڪردار رھيو. سرڪاري آرڪيالاجي کاتي پاران علي لاشاري، دانش احمد ۽ سيّد فراز علي مستعد ڪردار ادا ڪندا رھيا، جڏھن ته زاهده قادري به هڪ ڏينھن لاءِ تصويرڪشيءَ لاءِ سائيٽ تي آئي. شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي آثارِ قديمه کاتي جي شاگردن قاصد ملاح، طوبيٰ شفيق، گلاب نبي، اسد شيخ، ڪاشف شيخ، معظم شاهه سميت شاڪر شاھه، علي شاھه، شيخ جاويد سنڌي، نوازش علي دايو، اعزاز پيرزادو، مھر علي شر، محمّد سليم حيدر، عابد انصاري، نور حسين ڏيٿو، عابد مھر، زاهد ڏيٿو ۽ اياز مشوري به قديم آثارن جي ماھرن جي هن ٽيم جو حصو هئا. جڏھن ته 53 کن مقامي مزدورن پڻ هيءَ ديوار ڦولھڻ ۾ پنھنجو رتُ ستُ ڏنو.

هن ڪالم لاءِ دريافتن جي ابتدائي رپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ آءٌ سنڌ حڪومت جي نوادرات ۽ قديم آثارن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل، پنھنجي دوست عبدالفتح شيخ صاحب ۽ پاڪستان جي نامياري آرڪيالاجسٽ ۽ پنھنجي استاد، ڊاڪٽر اسما ابراھيم جو بيحد ٿورائتو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.