تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ملاقات دوران ٿيل ڳالهه ٻولهه سامهون اچي وئي آهي.
ايراني صدر فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيو ته ايران رڳو پنهنجي قوم جي جائز حقن جي تحفظ جو خواهشمند آهي.
هن چيو ته ايران جي تاريخ ان ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿي ته آمريڪين سان ڳالهين ۾ انتهائي احتياط سان ڪم ورتو وڃي.
واضح رهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو مختصر پر انتهائي اهم سرڪاري دورو ايران مڪمل ٿي ويو آهي.
فيلڊ مارشل ايران جي صدر مسعود پزشڪيان، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي هئي.