پاڪ-چين بي ٽو بي ڀائيواري 13 ارب ڊالر ٿي وئي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ-چين بي ٽو بي ڀائيواري جو ڀائيواري13 ارب ڊالرن کان وڌي ويو آهي.

هڪ بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته هينئر تائين 300 کان وڌيڪ ايم او يوز ۽ ڪيترائي گڏيل منصوبا طئي ٿي چڪا آهن.

هن چيو ته پاڪستان ڪاروبار لاءِ کليل آهي ۽ سڌارن توڙي ترقي جي راهه تي گامزن آهي، جڏهن ته معاشي سفارتڪاري کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي ستون بڻايو ويو آهي.

نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه تي لوهي ڀائپي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي وقت، عالمي تبديلين ۽ علائقائي چئلينجن جي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.