هر سال عيدالفطر هجي يا عيدالاضحيٰ، خوشين، خريداري ۽ ميل ملاقاتن سان گڏ هڪ ٻي تلخ حقيقت به سنڌ سميت سڄي ملڪ جي شهرن ۾ سامهون ايندي رهي ٿي، ۽ اها آهي عيد جي ڏينهن دوران ڦورن جون وڌيل ڏوهاري سرگرميون. ماڻهو جيڪي پنهنجي ٻارن لاءِ عيد جون خوشيون خريد ڪرڻ نڪرندا آهن، سي ئي رستن تي ڦرجڻ، زخمي ٿيڻ يا ڪڏهن ڪڏهن مزاحمت ڪرڻ تي قتل ٿيڻ جا شڪار بڻجي ويندا آهن. سوال اهو آهي ته آخر هر عيد تي اهڙي صورتحال ڇو پيدا ٿئي ٿي؟ ڇا حڪومت، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا سنجيده حڪمت عملي موجود به آهي يا نه؟
عيد جي موقعي تي بازارن ۾ غير معمولي رش هوندي آهي. ماڻهو رات دير تائين خريداري ڪندا آهن، اي ٽي ايمز تان رقم ڪڍندا آهن، زيورن، ڪپڙن ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري ۾ مصروف هوندا آهن. اهڙن موقعن تي ڏوهاري گروهه به اڳواٽ منصوبابندي سان سرگرم ٿي وڃن ٿا. هو ڄاڻن ٿا ته عيد جي ڏينهن ۾ ماڻهن وٽ نقد رقم ۽ قيمتي سامان وڌيڪ هوندو آهي، جڏهن ته پوليس جو نظام يا ته روايتي گشت تائين محدود هوندو آهي يا وري ڪيترن علائقن ۾ عملي جي کوٽ سبب مؤثر نگراني نٿي ٿي سگهي. نتيجي طور عام ماڻهو آسان شڪار بڻجي وڃن ٿا.
اصل سوال حڪومت جي ذميواري بابت آهي. ڇا حڪمرانن کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته عيد جهڙي خوشيءَ واري موقعي تي عوام جو تحفظ سندن بنيادي فرض آهي؟ جيڪڏهن هر سال ساڳيا واقعا ورجائجن ٿا ته ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته يا ته حڪمت عملي ناڪام آهي يا وري مسئلي کي سنجيدگي سان ورتو ئي نٿو وڃي. پوليس طرفان هر ڀيري اهو بيان جاري ڪيو ويندو آهي ته سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي يا مارڪيٽن ۾ گشت وڌايو ويو آهي، پر زميني حقيقتون انهن دعوائن جي ابتڙ نظر اچن ٿيون. ڪراچي جهڙي ميگا سٽي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم هاڻي معمول بڻجي چڪو آهي. شهري پنهنجو موبائل فون کڻي هلڻ کان ڊڄن ٿا. موٽر سائيڪل سوار ڦورو ڏينهن ڏٺي جو شهرين کي يرغمال بڻائين ٿا ۽ ڪيترن واقعن ۾ سي سي ٽي وي وڊيوز به سامهون اچن ٿيون، پر پوءِ به گرفتاريون محدود نظر اچن ٿيون. سوال اهو به آهي ته آخر ڏوهاري ايتري بي خوف ڇو آهن؟ ڇا انهن کي قانون جو ڪو ڊپ ناهي؟ جيڪڏهن گرفتار ٿيل ڏوهاري ڪجهه ڏينهن ۾ آزاد ٿي وڃن، جيڪڏهن سياسي يا بااثر ڌريون ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪن، يا جيڪڏهن جاچ جو نظام ڪمزور هجي ته پوءِ ڏوهه وڌڻ فطري ڳالهه آهي.
عيد جي موقعي تي خاص طور تي پوليس جي نااهلي وڌيڪ نمايان ٿي ويندي آهي. بازارن، شاپنگ سينٽرن، منڊين ۽ اي ٽي ايمز جي ٻاهران مستقل نگراني هجڻ گهرجي، پر اڪثر هنڌن تي پوليس جي موجودگي رڳو علامتي هوندي آهي. ڪيترن علائقن ۾ شهري پاڻ چوڪيداري ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن حڪومت واقعي سنجيده هجي ها ته عيد کان هفتا اڳ جامع سيڪيورٽي پلان تي عمل شروع ڪيو وڃي ها، حساس علائقن جي نشاندهي ڪئي وڃي ها، جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي ها ۽ ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيا وڃن ها. ان کان علاوه، ڏوهه جي وڌڻ جا سماجي ۽ معاشي سبب به نظرانداز نٿا ڪري سگهجن. بيروزگاري، مهانگائي، منشيات ۽ قانون جي ڪمزور عملداري ڪيترن نوجوانن کي ڏوهه ڏانهن ڌڪي رهي آهي. جڏهن هڪ طرف غربت وڌندي وڃي ۽ ٻئي طرف قانون جو خوف ختم ٿي وڃي ته پوءِ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿيندو ئي. پر اهو جواز ڪنهن به صورت ۾ عام ماڻهن کي غير محفوظ بڻائڻ جو سبب نٿو بڻجي سگهي. رياست جو بنيادي فرض ئي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ آهي.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت رڳو بيانن بدران عملي قدم کڻي. سڀ کان پهرين عيدن ۽ ٻين وڏن موقعن لاءِ مستقل سيڪيورٽي پاليسي تيار ٿيڻ گهرجي. پوليس گشت کي روايتي انداز بدران انٽيليجنس بنيادن تي موثر بڻايو وڃي. جديد ڪئميرائن، ڊجيٽل نگراني ۽ ڊيٽا بيس سسٽم کي وڌيڪ فعال ڪيو وڃي. موٽر سائيڪل تي ٿيندڙ وارداتن کي روڪڻ لاءِ رجسٽريشن ۽ چيڪنگ جو سخت نظام لاڳو ڪيو وڃي. جن علائقن ۾ بار بار ڦرون ٿين ٿيون، اتي مستقل پوليس پڪٽون قائم ڪيون وڃن.
عيد خوشين، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام کڻي ايندي آهي، پر جيڪڏهن ماڻهو پنهنجن ٻارن کي بازار وٺي وڃڻ کان ڊڄن، جيڪڏهن خاندان رات دير سان گهر موٽڻ ۾ خوف محسوس ڪن ۽ جيڪڏهن هر گهٽي ۾ ڦورن جو خطرو موجود هجي ته پوءِ اهڙي سماج ۾ خوشين جو تصور به اڌورو رهجي وڃي ٿو. حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته عوام جو اعتماد صرف تقريرن سان بحال نٿو ٿي سگهي. ان لاءِ عملي نتيجا ڏيکارڻا پوندا. جيڪڏهن ايندڙ عيدن تي به ساڳيا سوال، ساڳيا لاش ۽ ساڳيو خوف موجود رهيو ته پوءِ اها رڳو انتظامي ناڪامي نه، پر رياستي ذميواريءَ کان سنگين غفلت سمجهي ويندي.