ملير جي سامونڊي پٽي کان ويندي کيرٿر جبل، ڪنڊ جهنگ، موئيدان ۽ گڏاپ جي سوين ڳوٺ جتي اڄ به انسان پٿر واري دور مان گذري رهيا آهن بنيادي گهرجن کان وٺي صحت جهڙي اهم ۽ حساس شعبي ۾ سرڪاري ڪتابن اندر ڪروڙين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود علائقو صحت مرڪز جي بهترين بلڊنگن ۽ حاضر اسٽاف جي باوجود ملير واسين کي گهربل صحت جون سهولتون ملي نه سگهيون آهن، عطائي ڊاڪٽر انسانن جي زندگين سان راند ڪري رهيا آهن عطائي ڊاڪٽرن جون هر علائقي وسندي واهڻ ۾ ڪلينڪون کليل آهن جن جي ڪا به سند يافته يا رجسٽريشن نه آهي، هنن ڪلينڪن ۾ علاج جي نالي تي انسان ذات جي صحت سان ويساهه گهاتيون ٿي رهيون آهن آئي ڏينهن اهڙا ڪيس ميڊيا جي زينت ته ضرور بنجن ٿا پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به غيرقانوني طور تي قائم ٿيل ڪلينڪ يا عطائي ڊاڪٽر خلاف صحت کاتي ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، مريض کي بغير ڪنهن ٽيسٽ ڪرڻ کانسواءِ اينٽي بائيوٽڪ دوائن جو استعمال عام نظر اچي ٿو. افسوس جو مقام اهو آهي ته اهي سڀ عمل بنا ڪنهن سائنسي ڄاڻ، بنا ڪنهن ليبارٽري ٽيسٽ ۽ بنا ڪنهن ماهر ڊاڪٽر جي نگراني جي انجام ڏنا پيا وڃن.
حقيقت اها آهي ته اهي عطائي مريضن جي بيماري کي سمجهڻ بدران صرف علامتن تي ڪم ڪن ٿا. ٿوري بخار، کنگهه يا جسم جي سور کي به اهڙي انداز سان علاج ڪيو وڃي ٿو ڄڻ ڪا وڏي پيچيده بيماري هجي، جنهن جي نتيجي ۾ مريضن کي غير ضروري اينٽي بائيوٽڪس ڏنيون وڃن ٿيون، جيڪي نه صرف جسم جي قدرتي مدافعتي نظام کي ڪمزور ڪن ٿيون، خطرناڪ استعمال ٿيندڙ اينٽي بائيوٽڪ انسان جي جسم کي انيڪ خطرناڪ بيمارين جي ور چڙهيو وڃن، اهڙين غير ذميوار ماڻهن جيڪي عطائي ڊاڪٽر جي نالي ويٺا آهن تنهن جي اهڙي ڪڌي عمل ملير جي خاص طور تي ٻهراڙين ۾ هيپاٽائٽس سي سميت چمڙي ۽ دماغ جون بيماريون جنم ورتو آهي، ملير ۾ سرڪاري صحت جو نظام يا ته انتهائي ڪمزور آهي يا مڪمل طور تي غير فعال نظر اچي ٿو. سرڪاري اسپتالن ۽ ڊسپينسريز جي کوٽ، ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۽ ايمرجنسي سهولتن جي عدم دستيابي ماڻهن کي مجبورن اهڙن عطائي علاج ڪندڙن ڏانهن ڌڪي ٿي، جتي علاج جي اميد کان وڌيڪ خطرو موجود هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو غريب ۽ بي وس ماڻهو، جيڪي مهانگي پر مستند علاج برداشت نٿا ڪري سگهن، اهي پنهنجي صحت جو سودو اهڙن غير مستند هٿن ۾ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن مسئلي کي صرف هڪ رپورٽ يا رسمي نوٽيس تائين محدود نه رکيو وڃي، پر عملي ۽ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. غير رجسٽرڊ ڪلينڪن کي بند ڪيو وڃي، عطائيت خلاف مهم کي تيز ڪيو وڃي، ۽ هر ڪلينڪ تي واضح طبي معيار لاڳو ڪيو وڃي. ساڳئي وقت انهن پٺتي پيل علائقن ۾ سرڪاري اسپتالن، موبائل هيلٿ يونٽن ۽ تربيت يافته عملي جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ملير جي ڏورانهن وارن علائقن ۾ بهتر سٺي علاج سان گڏ انساني جانيون بچايون وڃن ۽ ملوث غيرقانوني عطائي ڊاڪٽرن لاءِ مستقل بنيادن تي ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ اهڙي عمل کي مستقل بنيادن تي جاچ پڙتال وارو سلسلو هلندو رهي.