پاڪستان جي بندرگاهن ۾ سڌارا، معيشت جي بحاليءَ جو نئون باب

اعجاز ممنائي

پاڪستان جي بندرگاهن جي ترقي ۽ مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جن ۾ وزارتِ سامونڊي معاملا (Ministry of Maritime Affairs) جي ذريعي جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال، ڪسٽم جي بهتري ۽ گڏيل سهڪار انتهائي اهم آهن. الله تعاليٰ پاڪستان کي هڪ اهڙي جاگرافيائي حيثيت ڏني آهي جيڪا دنيا جي تمام گهٽ ملڪن کي نصيب ٿيندي آهي. اسان وٽ سمنڊ ۽ ٽي قدرتي بندرگاهه گوادر، ڪراچي ۽ پورٽ قاسم جي صورت ۾ موجود آهن، جيڪي اسان جي معيشت جي جان آهن ۽ سامونڊي واپار کي زميني رستن سان ڳنڍين ٿيون. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ماضي جي حڪمرانن جي ناقص منصوبابندي، سست ڪسٽم ڪليئرنس ۽ بدعنواني جي ڪري، اسان جا هي شاندار بندرگاهه پنهنجي اصل گنجائش جي 50 سيڪڙو کان به گهٽ ڪم ڪري رهيا آهن. جتي اسان کي دنيا لاءِ هڪ وڏو واپاري مرڪز هجڻ گهرجي ها، اتي اسان پاڙيسري ملڪن کان به پوئتي رهجي ويا آهيون. رڳو ڪراچي بندرگاهه جو مثال وٺو ته هي بندرگاهه مستقبل جي سڀني واپاري ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر جيئن ته اهو هاڻي شهر جي وچ ۾ واقع آهي، اتان کان سامان جي گاڏين جي آمدورفت سخت ٽرئفڪ جام جو سبب بڻجي ٿي، جنهن ڪري سامان بندرگاهه تي ئي رولڙي جو شڪار رهي ٿو ۽ نه رڳو وقت ضايع ٿئي ٿو پر خرچن ۾ به اضافو ٿئي ٿو.

ساڳئي طرح، دنيا هاڻي "سمارٽ بندرگاهن” ڏانهن وڌي رهي آهي، جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾، پراڻن طريقن جي ڪري، وڏا جهاز هتي ڊاڪنگ ڪرڻ کان لنوائين ٿا. سڀ کان وڏو الميو اهو هو ته هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ بدران، اسان جي بندرگاهن هڪ ٻئي سان مقابلو ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان گوادر پورٽ کي ٿيو ۽ اسان ان جي اسٽريٽجڪ فائدي کان محروم ٿي ويا سين.

پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ ان جمود کي ٽوڙڻ لاءِ، وزيراعظم "ميري ٽائيم ٽاسڪ فورس” جي نالي سان هڪ جامع ۽ انقلابي مهم شروع ڪئي آهي. هن ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي عمل درآمد لاءِ ڊسمبر 2024ع ۾ هڪ اعليٰ اختيار واري "اصلاحات لاڳو ڪرڻ واري ڪميٽي” جوڙي وئي، جنهن ۾ وزارت دفاع، نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن (اين ايل سي)، لاجسٽڪس ۽ سامونڊي معاملن جا اعليٰ ماهر ۽ لاڳاپيل ادارا شامل ڪيا ويا. هن ڪميٽي جو بنيادي مقصد انهن سڀني ساختي ۽ انتظامي خامين کي ختم ڪرڻ هو جيڪي پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائي رهيون هيون. تازو ئي سامهون ايندڙ هڪ سرڪاري رپورٽ موجب، هن ڪميٽي هڪ ناقابل يقين ڪارنامو انجام ڏنو آهي. ٽاسڪ فورس پاران منظور ڪيل 99 وڏن سڌارن جي قدمن مان، 85 قدمن کي 100 سيڪڙو لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 11 سڌارا پنهنجي آخري مرحلن ۾ آهن ۽ صرف 3 ڊگهي مدي وارا منصوبا آهن جن کي مستقل حڪمت عملي تحت اڳتي وڌايو پيو وڃي. هي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ سڀ کان وڏو، جامع ۽ تيز ترين سڌارو آهي.

هن اصلاحي مهم تحت، پهريون ۽ سڀ کان اهم ڪم "نيشنل پورٽس ماسٽر پلان” جي تياري آهي، جنهن تحت هاڻي اسان جون بندرگاهون بنا ڪنهن سبب جي هڪ ٻئي سان مقابلو نه ڪنديون، پر منصوبي تحت اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ڪهڙي بندرگاهه کي ڪهڙي شعبي تي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ ان کي ڪيئن جديد بڻائڻو آهي. ان سان گڏوگڏ سڀني بندرگاهن جي ٽيرف کي هڪجهڙو ۽ معياري بڻايو ويو آهي ته جيئن واپارين لاءِ ڪو به ابهام نه رهي. ڊي ريگيوليشن جي ميدان ۾ سڀ کان وڌيڪ انقلابي تبديلي اها آئي آهي ته هاڻي ڪسٽم آفيسرن جي سامهون ڪاغذن جا ڍير ختم ٿي ويا آهن ۽ حڪومت "پاڪستان سنگل ونڊو” جا سڀ کان اهم ماڊل لاڳو ڪري ڇڏيا آهن. ان سان گڏ، انٽرپرائز ريسورس پلاننگ سسٽم ۽ ويسل ٽريفڪ مئنيجمينٽ سسٽم کي چالو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بزنس انٽيليجنس ڊيش بورڊ ذريعي اعليٰ آفيسر هاڻي لائيو ڏسي سگهن ٿا ته ڪهڙي ٽرمينل تي ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي. انهن ڊجيٽل سڌارن جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته هاڻي مالي ٽرانزيڪشن ڊجيٽل ٿي ويا آهن ۽ ڪنٽينرز جي ريئل ٽائيم ٽريڪنگ ممڪن ٿي وئي آهي، جنهن سان واپاري پنهنجي آفيس ۾ ويٺي ڏسي سگهن ٿا ته سندن سامان ڪٿي پهتو آهي. ان سان نه رڳو بندرگاهن تي سامان رکڻ تي خرچ ٿيندڙ وقت گهٽجي ويو آهي، پر انساني مداخلت جي خاتمي جي ڪري ڪسٽم ڪليئرنس ۾ بدعنواني ۽ رشوت خوري جا رستا پڻ بند ٿي ويا آهن. ڪسٽم جي پراڻي ويب او (WeBOC) سسٽم کي به مڪمل طور تي ٻيهر ڊزائين ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم ۽ گوادر پورٽ جي ڪارڪردگي جو آڊٽ ٽئين پارٽي کان ڪرايو ويو آهي ته جيئن غفلت جي ڪا گنجائش نه رهي.

ياد رهي ته وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس جي هيءَ سڌاري جي مهم صرف بندرگاهن تائين محدود ناهي، پر سڄي سامونڊي شعبي تائين پکڙيل آهي. ڪسٽم قانونن ۽ بينڪ گارنٽي جي شرطن ۾ نرمي سان، پاڪستان هاڻي دنيا جي وڏين شپنگ ڪمپنين لاءِ ٽرانزٽ ۽ ٽرانس شپمينٽ جو مرڪز بڻجي رهيو آهي، جنهن پرڏيهي ڪمپنين جو اعتماد بحال ڪيو آهي. ان سان گڏ، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (PNSC) جي جهازن کي جديد بڻائي نوان ڪارگو جهاز خريد ڪيا پيا وڃن، ۽ پاڪستاني ملاحن کي ٽيڪس ۾ وڏو رليف ڏنو ويو آهي. هڪ ٻي تاريخي ڪاميابي اٺن سالن کان پوءِ ”گڊاني ري سائيڪلنگ انڊسٽري“ جي بحالي آهي، جيڪا بين الاقوامي قانونن تحت هزارين خاندانن کي روزگار فراهم ڪندي. ان کان علاوه، پرڏيهي ٺيڪيدارن تي انحصار کي ختم ڪرڻ لاءِ، نيشنل ڊريجنگ ۽ مئرين سروسز قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا سمنڊ جي رستن کي پاڻ صاف ڪندي، جڏهن ته مڇي مارڻ واري شعبي ۾، پنج سالن جي منصوبي تحت جھينگا فارمنگ ۽ جديد ڪولڊ چين انفراسٽرڪچر تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن سامونڊي کاڌي جي برآمدات کي وڌائي سگهجي ۽ ملڪ وڏي پئماني تي پرڏيهي مٽاسٽا ڪمائي سگهي

 

You might also like