بنا شادي جي ٻار ڄڻيندڙ نينا جي حوصلي جي واکاڻ! ارونا ايراني شادي کانپوءِ به ٻار ڇو نه ڄڻيا؟

بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ارونا ايراني فلمساز ڪڪو ڪوهلي سان پنهنجي رشتي ۽ اولاد نه ٿيڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي ڪامياب فلمساز 77 ورهين جو ڪڪو ڪوهلي 25 آگسٽ تي ممبئي جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اداڪارا ارونا ايراني سندس ٻي زال هئي.

ڪڪو ڪوهلي جي لاڏاڻي کانپوءِ اداڪارا ارونا ايراني سان سندس محبت، شادي ۽ ذاتي زندگي هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جو موضوع بڻجي وئي آهي، جڏهن ته پراڻن انٽرويوز جون وڊيوز به ٻيهر وائرل ٿي رهيون آهن.

ٻنهي 1990ع ۾ شادي ڪئي هئي. فلمساز ڪڪو ڪوهلي ارونا ايراني سان شادي کان اڳ ئي شادي شده ۽ ٻارن جو پيءُ هو، جڏهن ته ارونا ايراني سندس ٻي زال هئي ۽ ٻنهي الڳ گهرن ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي.

ڪڪو ڪوهلي جي لاڏاڻي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ارونا ايراني سان سندس ملاقات، محبت ۽ پوءِ شادي بابت پراڻيون خبرون ٻيهر سامهون اچي رهيون آهن. اهڙي ئي هڪ وائرل انٽرويو سڀني جو ڌيان ڇڪايو آهي.

ان انٽرويو ۾ اداڪارا ارونا ايراني پهريون ڀيرو کلي ڪري ٻڌايو هو ته شادي کانپوءِ خواهش هوندي به هن اولاد پيدا نه ڪرڻ جو فيصلو ڇو ڪيو.

ارونا ايراني چيو ته هوءَ پاڻ به اهڙي خاندان سان تعلق رکي ٿي، جتي سندس والد ٻه شاديون ڪيون هيون، ان ڪري هوءَ چڱيءَ ريت ڄاڻندي هئي ته اهڙين حالتن جو ٻار جي ذهني ڪيفيت تي ڪهڙو اثر پئجي سگهي ٿو.

هن چيو ته هوءَ سوچيندي هئي ته جيڪڏهن سندس ٻار وڏو ٿي پنهنجي والد بابت سوال ڪندو ته هوءَ کيس ڇا جواب ڏيندي. مون کي لڳندو هو ته منهنجي ٻار کي گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو.“

اداڪارا چيو ته اڄ جي دور ۾ شادي کانسواءِ به اولاد ٿي سگهي ٿو. نينا گپتا کي ڏسي مون کي لڳي ٿو ته اها وڏي همت جي ڳالهه آهي، پر مون ۾ اها همت نه هئي.

ياد رهي ته پنهنجي دور جي مشهور ۽ خوبصورت اداڪارا نينا گپتا شادي کانسواءِ ليجنڊري ڪرڪيٽر ويوين رچرڊز جي ڌيءَ کي جنم ڏنو هو ۽ پوءِ سندس پرورش به اڪيلي سر ڪئي هئي.

ارونا ايراني واضح ڪيو ته سندس فيصلو اولاد کان نفرت سبب نه هو، پر هوءَ پنهنجي ممڪن ٻار کي ڪنهن به جذباتي تڪليف کان بچائڻ چاهيندي هئي.

اداڪارا ٻڌايو ته کيس اهو خيال به پريشان ڪندو هو ته ڪڪو ڪوهلي اڳ ئي شادي شده هو ۽ سندس پنهنجو گهر ۽ خاندان هو.

ارونا ايراني موجب جيڪڏهن اهڙي صورتحال ۾ سندس ٻار پنهنجي والد جي قربت چاهي ها ۽ والد هر وقت ان سان گڏ موجود نه هجي ها ته ٻار لاءِ اها صورتحال انتهائي ڏکي ٿي سگهي ٿي.

ڪڪو ڪوهلي سان پنهنجي رشتي بابت ڳالهائيندي ارونا ايراني چيو ته ڪڏهن ڪڏهن انسان جذبات ۾ اهڙي رستي تي هلي پوي ٿو، جتان واپس اچڻ آسان ناهي هوندو.

سندس چوڻ موجب اڪيلائي جي لمحن ۾ ڪنهن انسان سان جذباتي وابستگي ٿي وڃي ٿي ۽ انسان مستقبل جي ممڪن ڏک کي وساري موجوده خوشيءَ ۾ اڳتي وڌندو رهي ٿو.

اداڪارا ارونا چيو ته کيس به هن رشتي ۾ خوشي ملي، پر هن ايندڙ وقت ۽ هڪ ممڪن ٻار جي زندگي کي نظر ۾ رکندي اولاد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ياد رهي ته فلمساز ڪڪو ڪوهلي 1991ع جي مشهور فلم ”ڦول اور ڪانٽي ذريعي شهرت حاصل ڪئي هئي. ڪڪو ڪوهلي پنهنجي پٺيان زال ارونا ايراني ۽ پهرين شادي مان ٻه ڌيئرون، پوجا ۽ ڪرشما، ڇڏي ويو آهي.

You might also like