پمز اسپتال واقعو اسانجي انتظامي يونٽن واري موقف جي تصديق ڪري ٿو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پمز اسپتال ۾ 14 ٻارن جي فوتگي هڪ حادثو آهي، احتساب انهن کان شروع ٿيڻ گهرجي، اسان وٽ وسيلن جي کوٽ جو مسئلو به آهي.

هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته وزيراعظم سان فائر سيفٽي ۽ عملي جي تربيت سميت ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اسان وٽ وسيلن جي کوٽ جو مسئلو به آهي، جڏهن ته پمز اسپتال جو حادثو انتظامي يونٽن بابت اسان جي موقف جي تصديق ڪري ٿو.

هن چيو ته پمز اسپتال ۾ 14 ٻارن جي فوتگي هڪ حادثو آهي، وزيراعظم يا وفاقي وزير جو ڪم اسپتال جي نگراني ڪرڻ نه هجڻ گهرجي.

You might also like