اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ دفاعي سهڪار جو نئون معاهدو، فوجي تعاون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو.
پاڪستان ۽ ڪويت دفاعي سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پروٽوڪول معاهدو 2026ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
ڪويت جي بچاءَ واري وزير شيخ عبدالله علي عبدالله السليم الصباح جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد راولپنڊي ۾ بچاءَ واري وزير خواجا محمد آصف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻطرفن دفاعي لاڳاپن، سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
نئين معاهدي تحت 2023ع واري دفاعي سهڪار جي معاهدي تحت قائم فوجي تعاون جي فريم ورڪ کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو. پاڪستاني فوج ڪويتي هٿياربند فوج کي تربيت، صلاحيت وڌائڻ، سرحدي انتظام ۽ ٻين دفاعي شعبن ۾ سهڪار فراهم ڪندي.
ٻنهي ملڪن نئين معاهدي کي گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جو عڪاس قرار ڏيندي دفاعي ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ورجايو.
ان کان اڳ ڪويتي بچاءَ واري وزير جي اڳواڻي ۾ وفد جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪويتي وفد علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستاني هٿياربند فوج جي پيشوراڻي صلاحيتن ۽ خدمتن کي ساراهيو.