اسان ستَ آهيون

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

 قبرستانن ۾ اڪثر ڪري ڊيڄاريندڙ ماٺ هوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اها ماٺ ڳالهائڻ شروع ڪندي آهي. گذريل هفتي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ويس ته معمول جيان انهن قبرن تي به حاضري ڏنم، جن ۾ منهنجو ابو، امان، ڀاءُ، ڌيءُ  ۽ ڏاڏنگ جا ٻيا ڪيترائي ماڻهو مڻين مٽي پايو سالن کان سُتا پيا آهن، فاتحه پڙهڻ کان پوءِ منهنجي نظر  هڪ تازي قبر تي وڃي بيٺي. اتي هڪ ٻارڙي ۽ سندس ٻه ڀائر خاموشيءَ سان پنهنجي نوجوان پيءُ جي قبر تي گلاب جون پتيون وکيري رهيا هئا. سڀ کان ننڍڙو ادڙو وڏي ڌيان سان اگر بتي ٻاري رهيو هو، ڄڻ هو باهه نه، پر پنهنجي پيءُ جي ياد روشن ڪري رهيو هجي. انهن ٻارڙن جي چهرن تي اها اداسي ڏسڻ ۾ ڪونه آئي، جيڪا يتيميءَ کان پوءِ اڪثر چهرن تي واهيرو ڪندي آهي. ان جي ابتڙ سندن چهرن تي هڪ عجيب سڪون ۽ اطمينان هيو. لڳو ٿي ته ڄڻ کانئن پيءُ ڌار ناهي ٿيو ۽ اهو ساڻن گڏ هجي. مان سندس ويجهو ويس. دل ۾ هڪ سوال هيو، جيڪو شايد مون جهڙي وڏي ڄمار جي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اڀرندو آهي. مان کانئن پڇيو ته ” ڇا توهان کي پنهنجو پيءُ ڏاڍو ياد ايندو آهي.“ منهنجي ان سوال جي جواب ۾ ٽنهي ٻارڙن جيڪو چيو، تنهن قبرستان جي سموري ماٺ ٽوڙي ڇڏي. هنن چيو، ”بلڪل به نه!… ڇو ته اسان جو پيءُ اسان جي دل ۾ آهي، روح ۽ ذهن ۾ سمايل آهي هُو ته اسان کان ڌار ٿيو ئي ناهي.“

اهو جواب ٻڌي مان چنڊ گهڙين تائين کين تڪيندو رهيس، مون کي لڳو ته ٻار موت کي اسان وڏن کان وڌيڪ ٿا سمجهن. اسان قبرن کي هڪ پڄاڻي سمجهندا آهيون، پر ٻار انهن کي هڪ ياد سمجهندا آهن ۽ ياد ته زندگي ئي هوندي آهي. ان گهڙيءَ اوچتو مون کي انگريزي ٻوليءَ جي عظيم شاعر ورڊس ورٿ جو هڪ لازوال نظم ياد اچي ويو جنهن جو عنوان  We are Seven  (اسان ست  آهيون) آهي. ان نظم ۾ هڪ  ننڍڙي ٻارڙي پنهنجي مري ويل ڀيڻ ڀائرن کي به ڳڻپ ۾ شامل رکي ٿي ۽ وڏي يقين سان چئي ٿي ته ”اسان ست آهيون“ شايد محبت جي رشتن جي تند ڪڏهن به ناهي ڇڄندي. شايد ٻارڙا اهو راز اسان وڏڙن کان اڳ ئي پروڙي وٺندا آهن ته وڇڙڻ، ختم ٿي وڃڻ ناهي هوندو. اها  ئي سوچ مون کي ان شاندار نظم تائين وٺي وئي، جيڪو صديون اڳ سرجيو ويو هيو، پر اڄ به قبرستان، يادن ۽ ٻارڙن جي معصوم ويساهه ۾ جيئرو آهي ان نظم ۾ اها معصوم ٻارڙي موت کي جدائي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿي. سندس خيال ۾ مري ويل ڀيڻ ڀائر ڪيڏانهن به ناهن ويا، اهي هر وقت ساڻس گڏ آهن اها ئي معصوم ضد ان نظم کي هڪ اهڙو درد عطا ڪري ٿي، جيڪو هڪ پڙهندڙ جي  دل ۾ دير تائين لهرون پيدا ڪندو رهي ٿو. جڏهن اسان ان نظم کي پڙهون ٿا ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته ننڍپڻ شايد زندگيءَ جو آخري وقت هوندو آهي، جڏهن محبت، موت کان وڌيڪ سگهاري لڳندي آهي، جڏهن قبرون ڪا به وٿي ناهن وجهنديون، پر يادن جا دروازا ۽ دريون کولي ڇڏينديون آهن. هي نظم ”اسان ست آهيون“ انساني رشتن جي ان لازوال حرارت جو هڪ استعارو آهي. اهو نظم پڙهي ڏسو:

مان هڪ ننڍڙي ٻارڙي ڏٺي

جنهن جاوار گهنڊيدار هئا

چهرو سهڻو ۽ معصوم

اکين ۾ جهنگ جهڙو سڪون

مان کانئس پڇيو

”ادڙي! توهان گهڻا ڀيڻ ڀائر آهيو؟“

هن وراڻيو:
”اسان ست آهيون“

مان وري پڇيو:

”ست“ پر ٻڌاءِ ته سهي،

توهان سڀ ڪٿي رهندا آهيو؟“

هن ٻڌايو:

ٻه سمنڊ پار رهندا آهن.

ٻه ڪانوي شهر ۾،

۽ ٻه اسان جي گرجا جي پاسي ۾،

قبرستان ۾  سُتا پيا آهن،

۽ هڪ ننڍڙي جهوپڙي ۾،

مان امان سان گڏ رهندي آهيان.

مان چيو:

”جيڪڏهن ٻه قبرستان ۾ آهن،

ته پوءِ توهان ته پنج ٿيا نه؟“

ٻارڙي چيو:

”نه! اسان ست آهيون“

مان پڇيو:

اهي ٻئي ڪٿي دفن آهن؟

هن ٻڌايو:

”گرجا وٽ

ڇٻر جي هيٺان

انهن جون قبرون گڏگڏ آهن.“

پوءِ هن هورڙيان ٻڌايو:

”مان اڪثر اتي وڃي ويهندي آهيان،

پنهنجا جورابا  اُڻندي آهيان،

۽ وٽن گيت ڳائيندي آهيان،

ڪڏهن ڪڏهن شام ڌاري،

مان اتي ماني به کائيندي آهيان،

۽ سياري جي راتين ۾،

اتي ويهي کيڏندي به آهيان،

منهنجي هڪ ننڍڙي ڀيڻ جين هئي،

اها ڏاڍي پياري هئي،

۽ ڀاءُ جون به هيو،

ٻنهي کي خدا پاڻ وٽ گهرائي ورتو،

پهرين جين بيمار ٿي،

پوءِ هوءَ ماٺ ڪري سمهي پئي،

پوءِ واري ڀاءُ به هليو ويو.

۽ هاڻي اهي ٻئي گڏ آهن“

مان وري چيو:

” پر ننڍڙي ادڙي!

جڏهن ٻه مري چڪا آهن،

ته پوءِ توهان ست ڪيئن ٿيا؟“

هن معصوم ضد مان وراڻيو:

”نه! اسان ست آهيون.“ (ترجمو)

هن نظم ۾ هڪ معصوم ٻارڙيءَ پاران زندگيءَ ۽ موت جي فلسفي کي وڏي گهرائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت، موت – ڇا واقعي ايترو سادو ۽ سولو آهي، جيترو هڪ ٻار جي دل ۾ وسندو آهي؟ يا وري ايترو ڏکيو، منجهيل ۽ اوندا هو، جيترو وڏا سمجهندا آهن؟ وليم ورڊس ورٿ جو نظم We are Seven رڳو هڪ نظم ناهي، پر انساني معصوميت جي اها سچائي آهي، جنهن کي وقت جي دز به لٽي نه ٿي سگهي. هڪ ننڍڙي ٻارڙيءَ جي دل ۾ لڪل زندگيءَ موت جي سمجهاڻي، هن نظم جي مرڪز ۾ آهي ۽ هي اهو ئي جذبو آهي، جنهن کي محسوس ڪندي پرهندڙ هڪ اهڙو تاثر ماڻي ٿو جيڪو سڄي ڄمار دل ۽ ذهن ۾ ترسي پئي ٿو.

وليم ورڊس ورٿ پنهنجي شاعريءَ ۾ فطرت ۽ ٻارڙن کي مکيه جاءِ ڏني آهي. پرهڪ ٻارڙي چئي ٿي ته "اسان ست آهيون“ هڪ نرالو مثال آهي، جنهن ۾ شاعر اسان کي هڪ اهڙي معصوم ٻارڙيءَ سان ملائي ٿو، جيڪا پنهنجي ٻن مرحوم ڀيڻ ڀائرن کي جيئرو سمجھي ٿي. جڏهن شاعر کانئس پڇي ٿو ته، "توهان ڪيترا ڀيڻ ڀائر آهيو؟” ته ٻارڙي يقين واري لهجي ۾ وراڻي ٿي ته، "اسان ست آهيون” ۽ هي ئي اهو جملو آهي، جيڪو هن نظم جو مرڪزي تاثر بڻجي اڀري اچي ٿو. ان نظم ۾ شاعر ۽ ٻارڙي جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه رڳو لفظن جي مٽاسٽا ناهي، پر ٻن دنيائن جو ٽڪراءُ آهي: هڪ پاسي بالغ ذهن آهي، جيڪو موت کي حقيقت مڃي ٿو ۽ ٻئي طرف وري هڪ معصوم دل آهي، جيڪا جذبن کي حقيقت سمجھي ٿي. ٻارڙي چئي ٿي ته سندس ڀيڻ ڀاءُ مري چڪا آهن، پر پوءِ به هوءَ ساڻن ڳنڍيل آهي، انهن سان ڳالهائيندي آهي، سندن قبرن وٽ ويهندي آهي ۽ کين گيت ٻڌائيندي آهي. اها ٻارڙي اصل ۾ اسان کي ٻڌائي رهي آهي ته موت رشتا ناتا ختم ناهي ڪري سگهندو، اها ئي ڳالهه سڀ کان وڏو تاثر بڻجي اڀري ٿي.

"اسان ست آهيون” ۾ فطرت، معصوميت ۽ موت کي نهايت خوبصورتيءَ سان ڪٺو ڪيو ويو آهي، هن نظم ۾ فطرت جو عڪس، معصوميت جي روشني ۽ موت جي گهرائي گڏ موجود آهن. نظم جو منظرنامو به ڏاڍو موهيندڙ آهي. هڪ چرچ، ڇٻراٽو، ٻارن جو قبرون، اُس ۽ وڻن جي ڇانوَ – اهو سڀ ڪجھه هڪ اهڙي فضا جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي موت ڪا اوپري شيءِ ڪونهي. اها ٻارڙي، جيڪا پنهنجي مئل ڀيڻ ڀائرن کي جيئرو  ٿي سمجھي، هڪ "فطري انسان” جي علامت آهي. فطري انسان اهو هوندو آهي، جيڪو موت سان وڙهندو ناهي، پر ان کي پنهنجي انداز سان قبول ڪندو آهي. هي نظم اسان کي اهو سيکاري ٿو ته شايد اسان موت کي گهڻو ڳرو ۽ ڏکوئيندڙ بڻائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري جيڪڏهن اسان ان ٻارڙيءَ جي اکين سان ڏسنداسين ته پوءِ اسان کي موت ۾ به زندگيءَ جي لاٽ ٻرندي نظر ايندي.

نظم ۾ جڏهن شاعر ٻارڙيءَ کي چئي ٿو ته، "تنهنجا ڀيڻ ڀائر مري ويا آهن، ته توهان پنج آهيو، ته ٻارڙي هڪدم جواب ڏئي ٿي ته، "نه! اسان ست آهيون.” ان هڪ جملي ۾ جذبَن جو هڪ طوفان لڪل آهي، جيڪو سڄي ڄمار جي تجربي کان گھڻو گهرو محسوس ٿئي ٿو. سچ ته ٻارن جي دنيا بيحد عجيب ٿيندي آهي. سندن لاءِ محبت جو مطلب جسماني موجودگي نه، پر ياد، جذبو ۽ ڳانڍاپو هوندو آهي. ٻارڙيءَ لاءِ سندس مئل ڀيڻ ڀائر جيئرا آهن، ڇو ته هوءَ کين ياد ڪري ٿي، سندن ويجهو رهي ٿي ۽ ساڻن ڳالهائي ٿي. اهو هڪ اهڙي دل جو آواز آهي، جيڪو وقت ۽ حقيقت جي دائري کان گهڻو مٿانهون آهي.

هن نظم ۾ شاعر ۽ ٻارڙيءَ جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه بلڪل ائين ئي آهي، جيئن اڪثر ڪري زندگي ۾ ٻن مختلف سوچ رکندڙن جي وچ ۾ ٿيندي آهي. شاعر جو ذهن حقيقت، منطق ۽ سچائيءَ تي قائم آهي. هو چوي ٿو ته جيڪي مري ويا، سي هاڻ گڏ ڪونهن تنهنڪري اهي ست نه پر پنج آهن. پر ٻارڙي چوي ٿي ته اهي هاڻي به گڏ آهن، مان انهن جي قبرن وٽ ويهندي آهيان، جورابا اڻندي آهيان ۽ ساڻن ڳالهائيندي آهيان. اها ڳالهه ٻولهه ظاهر ڪري ٿي ته ذهن ۽ جذباتي منطق ٻه ڌار شيون آهن. دل جي سچائي ۽ دماغ جي سچائي به پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مڪمل آهن، پر هي نظم اهو تاثر ڏئي ٿو ته شايد دل جي سچائي گهڻي اونهي ۽ گهڻي اصل هوندي آهي.

اسان ست آهيون  ۾ بار بار چرچ جو ذڪر اچي ٿو، جتي ٻارڙيءَ جي ڀينرن ۽ ڀائرن جون قبرون موجود آهن. اهو چرچ ڪا ڏهڪائيندڙ جاءِ ڪونهي، پر هڪ ڏٺل وائٺل ۽ سڪون وارو هنڌ آهي. اها ٻارڙي اتي ويهي ٿي، کائي پئي ٿي ۽ گيت ڳائي ٿي. ڄڻ  اهو هنڌ سندس زندگي جو حصو آهي، نه ڪي ڪا ڊيڄائيندڙ ڪنڊ. اهو نظم ٻڌائي ٿو ته ٻارڙن جي دل ۾ موت جو خوف ايڏو شديد ناهي هوندو جيترو وڏڙن جي دلين ۾. شايد ان جو ڪارڻ اهو آهي جو ٻار زندگي کي رڳو جسم جي موجودگي سان نه پر روح جي ڳانڍاپي سان سڃاڻيندا آهن. جڏهن  اسان ڪنهن سان سچي  محبت ڪندا آهيون ته پوءِ هو مرڻ کانپوءِ به اسان جي اندر ۾ جيئرو رهندو آهي. ٻارڙي جو اهو ايمان ايترو معصوم ۽ ايترو سچو آهي جو پڙهندڙ جي دل پگهرجي وڃي.

وليم ورڊس ورٿ رومانويت جو نمائندو شاعر هيو. وٽس فطرت، جذبا، ٻالڪپڻ ۽ عام ماڻهن جي زندگي سدائين مرڪز ۾ رهي. هي نظم به انهن مڙني موضوعن کي پاڻ ۾ سمائي ٿو. هي نظم هڪ ٻارڙيءَ جي اکين سان دنيا کي ڏسڻ جي هڪ زبردست ڪوشش آهي يعني هڪ اهڙي دنيا، جتي موت ڌار ٿيڻ جو نالو ڪونهي، پر هڪ  ٻئي  انداز سان گڏ رهڻ جو نانءُ آهي.

هن نظم کي پڙهي هڪ عجيب اداسيءَ ۽ هڪ مرڪ دل مان اڀري اچي ٿي. اداسي ان ڪري ته ٻارڙيءَ جا ڀيڻ ڀاءُ مري ويا آهن ۽ مُرڪ ان ڪري ته هوءَ پوءِ به کين جيئرو سمجھي ٿي. اهو تاثراتي تضاد هن نظم کي بيحد خاص بڻائي ٿو. هڪ پڙهندڙ ان نظم کي پڙهي رڳو موت تي ئي نه، پر پنهنجي ننڍپڻ، پنهنجي وڃايل معصوميت ۽ انهن رشتن تي پڻ سوچڻ لڳي ٿو، جن کي اسان وقت سان گڏ وساري ڇڏيو هوندو آهي. هي نظم اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته اهي ماڻهو جيڪي اسان کان موت ڌار ڪري ڇڏيا، سي اڄ به اسان جي اندر، اسان جي يادن ۾، اسان جي جذبن ۾ جيئرا آهن ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته اسان به "اسان ست آهيون” جهڙي جملي سان کين هميشه پاڻ سان گڏ رکي سگهون ٿا.

"اسان ست آهيون” آهي ته هڪ نظم، پر منجهس زندگيءَ جي پوري سچائي سمايل آهي. هڪ ننڍڙي ٻارڙيءَ جي سادگيءَ جي پردي ۾ اهو فلسفو ٻڌايو ويو آهي، جيڪو وڏن وڏن ڏاهن کي سالن ۾ به سمجهھ ۾ ناهي ايندو. وليم ورڊس ورٿ هڪ معصوم ٻارڙيءَ وسيلي اسان کي اهو ٻڌايو آهي ته موت کان بنهه ڊڄڻ نه گھرجي، پر ان کي زندگيءَ جي هڪ ٻئي انداز سان قبول ڪرڻ گھرجي.

هي نظم قاري جي دل ۾ هڪ نرم ۽ مستقل جذبو جاڳائي ٿو. ڪڏهن هڪ اهڙو تاثر پڻ پيدا ڪري ٿو، جيڪو نه رڳو هن نظم کي يادگار بنائي ٿو، پر هڪ پڙهندڙ جي اندر موجود ٻارڙي کي به جاڳائي ٿو. سچ ته اسان جي دل ۾ اها ننڍڙي ٻارڙي ڪٿي نه ڪٿي ضرور موجود آهي، جيڪا هاڻي به چئي ٿي ته، "اسان ست آهيون.”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.