بيزاري ڇو ۽ ڪيئن ٿيندي آهي؟ ڪاميابين جا خواب سچا ڪندڙ احساس!

ماڻهو جي ڪيفيت جو دارومدار ان جي طبيعت سان گڏ ماحول ۽ حالتن به هوندو آهي، مثال طور خوش، مطئمن ۽ ڏکاريون حالتون وغيره پنهنجو پنهنجو ۽ الڳ الڳ اثر ڇڏينديون آهن، وري توهان اهڙا ڪيترائي ماڻهو ڏٺا هوندا جيڪي گهڻي قدر اوهان کي کلندا نظر ايندا، وري ڪي اهڙا به هوندا آهن جيڪي سنجيدا يا ٿورا گهڻا سخت مزاج ۽ ڏکارا هوندا آهن، جن جي ڪيفيتن جا مختلف سبب هوندا آهن.

اڄ اسان اوهان کي هڪ اهڙي ڪيفيت جي سائنسي حقيقتن بابت ٻڌائينداسين جيڪا لڳ ڀڳ هر ماڻهو تي تاري ٿي هوندي، ان جا ظاهري ڪهڙا به سبب آهن پر سائنس ان بابت ڇا ٿي چئي اچو ته ان بابت ڄاڻيو.

اها ڪيفيت آهي بيزاري.

بيزاري (Boredom)  هڪ اهڙو انساني تجربو آهي جيڪو تقريبن هر ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن وقت محسوس ڪندو آهي،اها هڪ عام انساني نفسياتي حالت آهي، پر اها رڳو ان وقت پيدا نٿي ٿئي جڏهن ڪو ڪم نه هجي. نفسيات جي تحقيق مطابق بيزاري ان وقت محسوس ٿيندي آهي جڏهن انسان جي دماغي ضرورتن، ڌيان (Attention) ۽ هاڻوڪي ماحول جي وچ ۾ هم آهنگي يا دلچپسي نه رهي. جيڪڏهن ڪو ڪم تمام گهڻو سولو هجي، بار بار ساڳيو ورجائجي يا ان ۾ ڪو مقصد ۽ دلچسپي محسوس نه ٿئي ته دماغ ان سرگرمي کي گهٽ اهميت ڏيڻ لڳي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ بيزاري پيدا ٿئي ٿي.

ڪو ماڻهو ڪجهه به سمجهي پر انساني دماغ فطري طور نون تجربن، سکڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ کي پسند ڪندو آهي. جڏهن زندگي ۾ نواڻ، چئلينج يا سکڻ جا موقعا گهٽجي وڃن ٿا ته دماغ کي مناسب ذهني تحرڪ نٿو ملي. ان ڪري ماڻهو ساڳن روزاني جي ڪمن، ڊگهي وقت تائين هڪجهڙي ڪم يا بي مقصد سرگرمين مان ٿڪ محسوس ڪري سگهي ٿو.

بيزاري ۾ ڌيان جو به وڏو ڪردار آهي. تحقيق ٻڌائي ٿي ته جڏهن ماڻهو ڪنهن ڪم تي پنهنجو ڌيان برقرار نٿا رکي سگهن ته بيزاري جو احساس ٿئي ٿو. مثال طور، ڪتاب پڙهڻ دوران بار بار ذهن ڀٽڪڻ، ڊگهي گڏجاڻي ۾ دلچسپي ختم ٿيڻ يا هڪجهڙي ڪم کي لڳاتار ڪرڻ سان دماغ ان سرگرمي کان لاتعلق ٿيڻ لڳي ٿو.

دماغ ۾ موجود انعام وارو نظام (Reward System) به بيزاري سان لاڳاپيل آهي. ڊوپامين (Dopamine) نالي ڪيميائي مادو حوصلي، دلچسپي ۽ انعام جي احساس ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. جڏهن ڪو ڪم نئون تجربو ڏئي، ڪاميابي جو احساس پيدا ڪري يا ڪو مقصد فراهم ڪري ته دماغ ان کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو. پر جڏهن سرگرميون ساڳيون ۽ بي مقصد محسوس ٿين ٿيون ته دلچسپي گهٽجي وڃي ٿي ۽ بيزاري وڌي ٿي.

اڄ جي جديد دور ۾ لڳاتار فون، سوشل ميڊيا ۽ تيز رفتار تفريح به ماڻهن جي ڌيان تي اثر وجهي ٿي. دماغ جڏهن هر وقت نون ۽ تيز محرڪن جو عادي ٿي وڃي ٿو (مثال: سوشل ميڊيا تي مختلف قسمن جا دلچسپ ريل يا وڊيوز ڏسڻ)ته عام ۽ خاموش سرگرميون ڪڏهن ڪڏهن گهٽ دلچسپ محسوس ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري ڪجهه ماڻهو ٿوري دير خاموش ويهڻ يا هڪ ئي ڪم تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا. انسان جو دماغ جڏهن هڪ ئي وقت مختلف دلچسپ شيون ڏسڻ جو عادي ٿي وڃي ٿو ته انکي ٿوري ٿوري مصروفيت يا هلڪي ڦلڪي خوش مزاج واري ڪم ۾ دلچسپي نٿي رهي ۽ بيزاري جو احساس ٿئي ٿو. اوهان اهو به ڏٺو هوندو ته لڳاتار مختلف دلچپس ريلز يا وڊيوز ڏسڻ جي باوجود به ماڻهو اهو بيزار ضرور ٿيندو آهي اهو انڪري جو ساڳيو ڪم ٿي رهيو هجي ٿو.

سائنسدانن جو خيال آهي ته بيزاري سدائين ناڪاري شيءِ ناهي. اها ڪڏهن ڪڏهن دماغ جو هڪ اشارو هوندي آهي ته انسان کي نئين سکيا، تخليقي سرگرمي يا ڪنهن وڌيڪ معنيٰ واري مقصد جي ضرورت آهي. ڪيترائي تخليقي خيال به ان وقت پيدا ٿيندا آهن جڏهن انسان کي ٿورو واندڪائي وارو وقت ملي ٿو ۽ ذهن آزاد نموني سوچڻ شروع ڪري ٿو.

مثال طور ماڻهو جي دل ۽ ذهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه وڏو ڪرڻ جو ولولو هوندو آهي ۽ انکي اها ڳالهه سمجهه ناهي ايندي ته ان ڪم جي شروعات ڪٿان ڪجي جنهن لاءِ هو مختلف ڪم ۽ طريقا آزمائيندو آهي جيڪي ان جي مقصد سان نه ٺهڪڻ سبب بيزاري جو نتيجو ڏيندا آهن ۽ اها ئي بيزاري نيٺ ڪنهن اهڙي نتيجي تي به پهچائيندي آهي جنهن جي مدد سان ماڻهو اهي ڪم ڪري ويندو آهي جيڪي ان جو سڀ کان وڏو خواب هوندا آهن.

مختصر طور، بيزاري ان وقت پيدا ٿيندي آهي جڏهن دماغ کي مناسب چئلينج، ڌيان، نواڻ يا مقصد نه ملي. اها انساني ذهن جو هڪ قدرتي پيغام آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته شايد زندگي ۾ نئون تجربو، نئين سکيا يا تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي.

انڪري جيڪڏهن اوهان به ڪڏهن بيزاري محسوس ڪيو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو جو دماغ هاڻي نواڻ چاهي ٿو يا کڻي سادن لفظن ۾ چئجي ته هو توهان جي عملن مان تنگ ٿي چُڪو آهي.

You might also like