قصور(عوامي آواز نيوز) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قصور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي رياستي ادارن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پوءِ چون ٿا ته اسان جا جوان شهيد ٿي رهيا آهن؛ او بابا! تنهنجي جوانن پيٽي (بيلٽ) ان ڪري ٻڌي آهي، پگهاران لاءِ وٺي رهيا آهن ته انهن ملڪي سلامتي لاءِ وڙهڻو آهي. توهان مون تي ڪهڙو احسان ڪيو آهي؟ هن چيو ته منهنجي خون پگهر جي ٽيڪس مان ئي ته ان ڳالهه لاءِ پگهار وٺي رهيا آهيو. هر کاتي جو هڪ دائره اختيار آهي، اهڙي طرح فوج جو به هڪ دائره اختيار آهي، فوج جي به هڪ ذميواري آهي. پنهنجي ذميواريءَ تي نظر رکو.،هن چيو ته ملڪ برباد ٿي رهيو آهي، خيبر پختونخوا ۾ اڄ ڪا حڪومت ناهي. سج لهڻ کانپوءِ پوليس پنهنجي ٿاڻي کان ٻاهر نه ايندي،روڊ رستا هٿياربندن حوالي آهن، هن چيو ته توهان صرف گاديءَ وارن شهرن ۾ پنهنجي وڏن وڏن بنگلن جي اندر ويٺا آهيو، ڄنگهه تي ڄنگهه رکي سمجهو ٿا ته اسان حڪمران آهيون. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي صوبي ۾ توهان جي ڪا حڪومت ناهي. ۽ اها ڳالهه ٻڌي ڇڏيو، دل جا ڪن کولي ٻڌو،هن چيو ته بلوچستان ۾ بلوچ علائقن ۾ بغاوتون هيون، پورو بلوچ علائقو پاڪستان جي اختيار مان نڪري چڪو هو. اڄ به اتي حڪومت جي ڪا رٽ موجود ناهي. هاڻي ته پختون علائقو به رت ۾ وهنجي رهيو آهي. پختون علائقي ۾ اسان ٻن ٽن ڏينهن اندر پنجاهه کان وڌيڪ لاش کنيا آهن. هن چيو ته ڇا هي پاڪستان جي عوام جي قسمت ۾ آهي ته اسان هتي رت ڏئي وقت گذارڻو آهي؟ نه منهنجو ٻچو اسڪول پڙهڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري سگهي ٿو، نه منهنجي صوبي جو غريب انسان روزي مزدوريءَ لاءِ گهر کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن گهر کان ٻاهر نڪري ٿو ته اهو پاڻ کي محفوظ نٿو سمجهي. پوءِ چون ٿا ته اسان جا جوان؛ او بابا پگهاران لاءِ وٺي رهيا آهن ته انهن ملڪي سلامتي لاءِ وڙهڻو آهي. اسان کي چئو ٿا ته توهان لشڪر ڪڍو، توهان هٿيار کڻي هٿياربند گروهن خلاف وڙهو. مان ڪو لشڪر نه ٺاهيندس. توهان هليا ويندؤ، توهان منهنجي سرزمين کي ايندڙ نسلن تائين ذاتي دشمنين ڏانهن ڌڪي رهيا آهيو، هميشه هميشه لاءِ قتل و غارت ڏانهن ڌڪي رهيا آهيو. اها سياست ڪنهن ٻئي کي سمجهايو، اها اسان کي نه سمجهايو. توهان جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي ته وردي لاهي اچو، اليڪشن ۾ حصو وٺو، خبر پئجي ويندي ته وردي واري کي ماڻهو ڪهڙو ووٽ ڏين ٿا؟ هن چيو ته توهان جو اختيار آهي ته توهان جنهن کي چاهيندؤ حڪومت ڏيندؤ ۽ جنهن کان چاهيندؤ حڪومتون کسي وٺندؤ. مان حڪومت کي وڏي احترام سان چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ٻه چار ايف آئي آرون ڪٽجڻ جي ڪري ڪو عادي ڏوهاري ٿئي ٿو ۽ ان کي انتظاميا جڏهن چاهي گرفتار ڪري سگهي ٿي، ته ايندڙ مستقبل ۾ اهڙا ڪيس نواز شريف، شهباز شريف ۽ زرداريءَ جو انتظار ڪري رهيا آهن. قانون سازيون ٿي رهيون آهن، پارليامينٽ ذريعي اسٽيبلشمينٽ کي طاقتور بڻايو پيو وڃي ۽ پنجاب ۾”عادي ڏوهاري“ جو نئون قانون اچي رهيو آهي. عادي ڏوهاريءَ جي قانون ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي اختيارن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اڄ توهان مدرسن جي خلاف اهو قانون ٺاهي رهيا آهيو. توهان نيشنل ائڪشن پلان ۾ هڪ لڪير لکي ته صوبي خيبر پختونخوا ۾ آپريشن ڪيو وڃي، توهان بلوچستان جي باري ۾ چيو ته اتي پرتشدد واقعن کي روڪڻ ۽ اهڙين تنظيمن جو رستو روڪڻ لاءِ بلوچستان کي حق ڏئي ڇڏيو، اسان ان جي مخالفت نه ڪئي، اسان بلوچستان جي حقن جي حمايت ڪئي، پر نتيجو ڇا نڪتو؟ هاڻي ٻڌايو ته توهان بلوچستان ۾ ڪا ترقي ٿي؟ هاڻي هر طرف کان توهان گهيريل آهيو. هن چيو ته توهان ڪٿي آهيو؟ سواءِ ان جي ته هڪ ايوانِ صدر ۾ ويٺو عياشي ڪري رهيو آهي ۽ ٻيو وزيراعظم (هاؤس) ۾ ويٺو عياشي ڪري رهيو آهي. اسٽيبلشمينٽ کي به چوڻ چاهيان ٿو ته توهان به ڪي ڌاريان ناهيو، توهان به اسان جا پاڪستاني آهيو، توهان به اسان جا ڪلمي گو ڀائر آهيو. پر ملڪ اندر رهڻو آهي ته منهنجي لاءِ به هڪ دائرو آهي، مون کي پنهنجي دائري کان ٻاهر نه وڃڻ گهرجي. پارليامينٽ جو به هڪ دائرو آهي.