ڊجيٽل پاڪستان جا حامي آهيون، پر ڊيٽا تي سنڌ جو اختيار برقرار رکڻ چاهيون ٿا: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڊجيٽل نيشن پاڪستان فريم ورڪ، نيشنل ڊجيٽل ڪميشن ۽ نيشنل ڊجيٽل ماسٽر پلان تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي وزير وڏي وزير کي ڊجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ 2025ع ۽ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني.
آءِ ٽي واري وفاقي وزير چيو ته ڊجيٽل پاڪستان جو مقصد عوام، ڪاروبار ۽ حڪومت وچ ۾ خدمتن جي فراهمي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ آهي.
شزه فاطمه خواجا چيو ته نيشنل ڊجيٽل ڪميشن وزيراعظم جي سربراهي ۾ ملڪ جي ڊجيٽل پاليسي ۽ رخ جو تعين ڪندي.
وفاقي وزير موجب، پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي نيشنل ڊجيٽل ماسٽر پلان، ڊجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر ۽ ڊيٽا گورننس تي ڪم ڪندي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت 50 کان وڌيڪ ڊجيٽل پليٽ فارمز ۽ اي سروسز متعارف ڪرايون آهن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ زمين، اي پي سنڌ، اي آفيس، سنڌ جاب پورٽل ۽ سيف سٽي منصوبا اهم ڊجيٽل قدم آهن.
وڏي وزير چيو ته سنڌ ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن ۽ قومي ڊجيٽل ايجنڊا جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ قومي ڊجيٽل هدفن سان هم آهنگ پنهنجو ڊجيٽل ماسٽر پلان تيار ڪندو.
وڏي وزير چيو ته ڊجيٽل تبديلي جي عمل ۾ صوبائي خودمختياري، ڊيٽا ۽ نظامن جي ملڪيت برقرار رکي ويندي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ پنهنجي ڊيٽا، ڊجيٽل نظامن ۽ عملدرآمد بابت فيصلن تي مڪمل اختيار برقرار رکندو.
وڏي وزير آءِ ٽي کاتي کي نيشنل ڊجيٽل ماسٽر پلان جو جائزو وٺي سنڌ جون تجويزون مرتب ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته ڊجيٽل، ڊيٽا ۽ هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي(اَي آءِ ) جي اداراتي آفيسن جي قيام واري تجويز جي آجيان ڪريون ٿا.
وڏي وزير چيو ته ظابطن، خريداري ۽ منصوبابندي جي طريقيڪار کي ڊجيٽل دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو ويندو.
وڏي وزير ”ڊبليو اَي ايس ايل“ کي نيشنل ڊيٽا ايڪسچينج ليئر جي حوالي سان پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي سان رابطا جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته ڊيٽا شيئرنگ جي ڪنهن به فريم ورڪ ۾ سنڌ جي ڊيٽا جي ملڪيت ۽ ڪنٽرول جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.
ملاقات ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڊجيٽل گورننس، اَي آءِ ۽ عوامي خدمتن جي شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

 

You might also like