اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ جو نظام ڳري سڙي ويو آهي، هتي روزانو 1300 ٻار مري رهيا آهن، اچو ته گڏجي انهن کي بچايون.
سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اڄ رات وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽي جي رپورٽ اچي ويندي، اوهان رپورٽ ڏسي ٻڌايو ته ڪهڙي خامي رهجي وئي آهي، وزيراعظم کان وٺي ڪنهن جي به نيت ناهي ته پمز سانحي ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي بچايو وڃي.
مصطفيٰ ڪمال اپوزيشن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هڪ ماڻهو کي به نه ڇڏيو ويندو، اوهان ٻڌايو، حڪومت اوهان کي سهڪار فراهم ڪندي.
هن چيو ته وزارتن لاءِ اسان پنهنجون قبرون خراب نه ڪنداسين، ڪو به نه بچندو، ڀلي ڪيترو به وڏو ترم خان هجي، اوهان اسان جي رهنمائي ڪريو، اسان کي روڊ ميپ ڏيو.
وفاقي وزير چيو ته اسان سمورن آفيسرن کي لائين حاضر ڪنداسين، ڪو به ايم اين اي يا سينيٽر ٻيهر فون نه ڪري ته هن ماڻهو کي ڇو هٽايو ويو، هتي سڀني جو ماڻهو لڳل آهي.
هن چيو ته پمز ۾ حياتي وڃائيندڙ ٻار 15 هئا، هڪ ٻار کي اسٽاف بچايو، ڪنهن ماسي يا پُڦي نه بچايو. مان صحت وارو وزير آهيان، مان پاڻ کي ذميوار سمجهان ٿو، مون پاڻ کي پيش ڪيو آهي. اپوزيشن جي ڪميٽي ٺاهي وڃي، جاچ ڪري ۽ 40 ڏينهن جو وقت مقرر نه ڪيو.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪير چئي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ مثالي حالتون آهن؟ سڄي ملڪ ۾ روزانو 1300 ٻار مري رهيا آهن، دنيا ۾ ٻارن جي روزاني موت جي شرح سڀ کان وڌيڪ پاڪستان ۾ آهي، اچو ته ويهي مستقبل جي ٻار کي مرڻ کان بچايون.
هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي هڪ به اجلاس کي مس ناهي ڪيو.
پمز اسپتال سانحي ۾ 15 مري ويا ، هڪ ٻارڙي کي ماسيءَ يا پُڦي نه پر اسٽاف بچايو: مصطفيٰ ڪمال
You might also like