ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي روينيو کاتي جي 63 سب رجسٽرارن طرفان 15هين گريڊ مان 17هين گريڊ ۾ پروموشن وٺڻ کان انڪار واري معاملي جو وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو.
سنڌ حڪومت 17هين گريڊ ۾ ترقي نه وٺڻ بابت 63 سب رجسٽرارن پاران ڏنل لکت ۾ درخواستون منظور ڪري ورتيون هيون، جنهن بعد سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو پاران سندن درخواستون منظور ڪندي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو هو.
وڏي وزير معاملي جو نوٽيس وٺندي ڄاڻ حاصل ڪئي ته روينيو کاتي ۾ 17هين گريڊ جون ڪيتريون پوسٽون خالي آهن ۽ ڪيترا سب رجسٽرار پروموشن وٺڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.
ذريعن موجب، ڄاڻايل لسٽ ۾ انهن سب رجسٽرارن جا نالا پڻ شامل آهن، جن کي کاتي ۾ بااثر سمجهيو وڃي ٿو.
روينيو کاتي جي 63 سب رجسٽرارن 15هين گريڊ مان 17هين گريڊ ۾ پروموشن وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي سنڌ حڪومت سندن ترقي نه وٺڻ بابت درخواستون منظور ڪري ورتيون هيون.
سنڌ جي 63 سب رجسٽرارن پاران پروموشن نه وٺڻ واري معاملي جو وڏي وزير نوٽيس ورتو
You might also like