بلوچستان جون حالتون ٺيڪ آهن ته ڌرڻا ڇو لڳل آهن؟رياست ڪٿي آهي؟ اختر مينگل

ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته جيڪڏهن بلوچستان جون حالتون واقعي ٺيڪ آهن ته ماڻهن ڌرڻن ۾ ڇو آهن؟جنهن  رياست ۾ سچ ڳالهائڻ گناهه ۽ حق گهرڻ ڏوهه بڻجي وڃي،اها رياست وڌيڪ دير تائين نٿي هلي سگهي،ڪوئيٽا ۾ زيارت ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي وارثن جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي هن چيو  ته جيڪڏهن انصاف جو نظام موجود آهي ته زيارت سانحي سميت ٻين واقعن جي آزاد ۽ شفاف جاچ ڇو نٿي ڪرائي وڃي؟رياست پنهنجي ئي ادارن ۽ فيصلن تي اعتماد نه پئي ڪري،اهو سڀ کان وڏو الميو آهي،هن چيو ته ليويز کي ختم ڪري پوليس ۾ ضم ڪرڻ سميت بلوچستان ۾ ڪيترائي تجربا ڪيا ويا پر اهي سمورا تجربا ناڪام ثابت ٿيا،عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ مختلف ڪميٽيون ۽ نمائندا موڪليا وڃن ٿا پر مسئلن جو مستقل حل فراهم نٿو ڪيو وڃي،ان ڪري احتجاج ڪندڙن کي پنهنجي موقف ۽ حق تي ثابت قدم رهڻ گهرجي،هن چيو ته دنيا ۾ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هڪ شخص جي قتل تي حڪومتون جوابده بڻجن ٿيون پر هتي ايترن سانحن باوجود ڪنهن به ذميواري قبول ناهي ڪئي، هن چيو ته جيڪڏهن حڪمران واقعي عوام جي ڏک ۾ شريڪ هجن ها ته پنهنجي عهدن ۽ اسيمبلي سيٽن تان استعيفيٰ ڏئي متاثرن سان گڏ بيهن ها،هن چيو ته  غيرت،حيا ۽ عوامي احساس ذميواري نه خريد ڪري سگهجي ٿي نه ئي قرض تي وٺي سگهجي ٿي،بلڪه اها ڪردار جو حصو هوندي آهي، هن چيو ته اسلام آباد ۾ هن هنه سانحي،زيارت سانحي ۽ بلوچستان جي ٻين واقعن تي هر فورم تي آواز اٿاريو آهي ۽ متاثر جيڪي به احتجاجي لائحه عمل طئي ڪندا،بي اين پي انهن سان گڏ هوندي هن چيو ته بلوچستان جي عوام تي ظلم ۽ ناانصافي جو سلسلو رياست جي قيام کان جاري آهي،حڪمرانن کي بلوچستان جي وسيلن،گئس،معدنيات ۽ قدرتي ذخيرا ته نظر اچن ٿا پر هتان جي عوام جون محروميون نظر نٿيون اچن، هن چيو ته بلوچ ۽ پشتون عوام جي حقن ۽ جانين کي نظرانداز ڪري رڳو وسيلن مان فائدو کنيو ويو جڏهن ته ماضي ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ عوام کي دٻائڻ لاءِ هٿياربند گروپن ۽ غيرقانوني حربن جو سهارو ورتو ويو، هن چيو ته سول اسپتال ڪوئيٽا سانحي سميت ڪيترن ئي واقعن ۾ بيگناهه ماڻهن جو خون وهايو ويو،پر متاثرن کي انصاف نه ملي سگهيو،بلوچستان ۾ هزارين خاندان اڄ به پنهنجي پيارن جي واپسي ۽ انهن جي لاشن جا منتظر آهن، جڏهن ته زيارت سانحي جا متاثر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي پيارن جا لاش تدفين لاءِ حاصل ڪري سگهيا پر ڪيترائي خاندان اهڙا آهن جن کي اڄ تائين پنهنجي پيارن جو ڪو پتو ناهي مليو،فوجي آپريشن بند ڪيا وڃن،لاپتا ماڻهن جي واپسي تائين ڌرڻو جاري رهندو

 

You might also like