” عمران خان جي پٽن جو انٽرويو ڇو هلايو؟ “ پي سي بي جو انگلش بورڊ آڏو احتجاج

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن جي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن انگلش براڊڪاسٽرز ماني جي وقفي دوران اڳوڻي ڪپتان عمران خان جي پٽن جو انٽرويو نشر ڪري ڇڏيو.
عمران خان جي پٽن جو انٽرويو نشر ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان باضابطا طور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پي سي بي اسڪاءِ اسپورٽس خلاف انگلش بورڊ وٽ باضابطا شڪايت ڪئي آهي.
رپورٽن موجب، پي سي بي انٽرويو نشر ڪرڻ خلاف احتجاج طور وقفي کانپوءِ پاڪستاني ٽيم کي ميدان ۾ نه موڪلڻ جي آپشن تي پڻ غور ڪيو هو.
واضح رهي ته هي انٽرويو انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسڪاءِ اسپورٽس جي موجوده براڊڪاسٽر مائيڪ ايٿرٽن ورتو هو، جنهن دوران عمران خان جي پٽن سليمان ۽ قاسم خان پنهنجي والد جي صحت بابت خدشن جو اظهار ڪيو.

You might also like