اسپتالن ۾ باهه وارن واقعن کان بچڻ لاءِ سگريٽ ڇڪڻ تي پابندي لڳائينداسين: عذرا پيچوهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته اسپتالن ۾ سگريٽ نوشي تي پابندي لڳائينداسين ته جيئن باهه لڳڻ وارن واقعن کان بچي سگهجي.
ڪراچي ۾ پريس بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي وي ڊي ۾ ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، ايس آءِ يو ٽي کي وڌيڪ وڌايو ويو آهي ۽ چلڊرن وارڊ ٺاهيو ويو آهي.
هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ او پي ڊي بلاڪ نئون ٺاهيو ويو آهي ۽ ٽراما سينٽر ۾ ويسڪولر سرجري شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٽراما سينٽر ۾ هائبرڊ آپريشن ٿيٽر پڻ ٺاهيو ويو آهي.
صحت واري وزير چيو ته نيپا چورنگي انفڪيشيئس ڊزيز اسپتال ۾ بهتري آندي پئي وڃي، ايمبولينس ايمرجنسي سروسز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ وڃي رهيا آهيون، تشخيصي ليبارٽرين جي سهولت پڻ وڌائي پئي وڃي، جڏهن ته سول اسپتال جو ماسٽر پلان تيار ٿي ويو آهي ۽ ميڊيڪل بلاڪ جي تعمير هن سال شروع ٿي وئي آهي.
هن چيو ته ريڊيولوجي جو سسٽم آئوٽ سورس ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، اين آءِ سي وي ڊي جو پيڊياٽرڪ يونٽ جلد فعال ڪرڻ وارا آهيون.
صحت واري وزير چيو ته پمز اسپتال ۾ ٻارن جي فوتگين تي افسوس آهي، پراڻن اسپتالن جو سروي ڪري رهيا آهيون، پراڻن اسپتالن ۾ بجلي جون لائينون ۽ بريڪر تبديل ڪري رهيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته اسپتالن ۾ باهه وسائڻ جا اوزار لڳل آهن، جڏهن ته اسپتالن ۾ فائر ڊرلز پڻ ٿينديون ۽ اسپتالن ۾ سگريٽ نوشي تي مڪمل پابندي لڳائي ويندي، جنهن سان باهه لڳڻ وارن واقعن جي روڪٿام ممڪن ٿي سگهندي.

 

You might also like