سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس 27هين آئيني ترميم خلاف درخواست وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس 27هين آئيني ترميم خلاف درخواست وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جسٽس (ر) شبر رضا رضوي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن کي رجسٽرار آفيس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس موقف اختيار ڪيو ته ان نوعيت جون درخواستون وفاقي آئيني عدالت ۾ داخل ڪري سگهجن ٿيون.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ آفيس ان کان اڳ به 27هين ترميم خلاف هڪ درخواست وٺڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي.

You might also like