مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جو بئريسٽر افتخار گيلاني آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ 30 ووٽ حاصل ڪري رياست جو 17هون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي.
چونڊ عمل دوران پيپلز پارٽي جي اميدوار سردار مختار خان رڳو 14 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.
اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جا ڪل 32 ميمبر موجود آهن، جڏهن ته 7 سيٽن تي اڃا تائين چونڊن جو عمل مڪمل ٿيڻو آهي.
ياد رهي ته بئريسٽر افتخار گيلاني ان کان اڳ تعليم واري وزير جا فرض پڻ انجام ڏئي چڪو آهي.
بئريسٽر افتخار گيلاني پهريون ڀيرو 2011ع ۾ آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو هو.
موجوده اسيمبلي ۾ هو ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ ذريعي ڪاميابي حاصل ڪري ايوان ۾ پهتو هو.
سندس نامزدگي تي پارٽي قيادت گذريل اهم اجلاس ۾ منظوري جي مهر هنئي هئي.
You might also like