گليشيئر ڦاٽو يا زلزلو آيو؟ نيپال ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ جي اصل ڪارڻ بابت ماهرن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۽ تبت جي سرحد ويجهو اوچتو آيل ٻوڏ سبب فوتگين جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي، جڏهن ته سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته ٻوڏ هماليه ۾ برف تيزيءَ سان پگهرڻ سبب هڪ گليشيئر ڪِرڻ جي نتيجي ۾ آئي.
شروعاتي طور تي چيو ويو هو ته زلزلي سبب لينڊ سلائيڊنگ ٿي ۽ ان کانپوءِ ٻوڏ آئي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 500 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي وضاحت ڪئي ته هن تباهي جو سبب ”گليشيئر ڪِرڻ“هو، هي اهو عمل آهي، جنهن ۾ ڪو گليشيئر يا ان جو ڪو حصو ٽٽي پکڙجي وڃي ٿو.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي جي انگن اکرن ۽ واقعي جو تجزيو ڪندڙ سائنسدانن موجب، گليشيئر ڪِرڻ ۽ ماٿري جي تري سان ٽڪرائجڻ جو اثر ايترو شديد هو، جو ان جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي.
يونيورسٽي آف ڊنڊي جي گليشيئر ماهر ڊاڪٽر سائمن ڪُڪ برطانوي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ٽيم نشاندهي ڪئي آهي ته نيپال ۾ ”لانگٽانگ ليرونگ“ چوٽيءَ ويجهو موجود هڪ گليشيئر جو هيٺيون حصو ڪِري پيو هو، اهو هنڌ ٻوڏ متاثر علائقي کان لڳ ڀڳ 15 ڪلوميٽر اولهه طرف آهي.
هن اندازو لڳايو ته گليشيئر اتر اولهه واري پاسي کان ڪِريو ۽ پوءِ وهڪري جي رخ ۾ اولهه ڏانهن وڌيو.
بين الحڪومتي سائنسي اداري ”انٽرنيشنل سينٽر فار انٽيگريٽيڊ مائونٽين ڊيولپمينٽ“ جي هڪ تجزيي موجب، ” اوچائي واري علائقي مان برف ۽ پٿرن جو وڏي ڇپ ڪِرڻ“ جو واقعو پيش آيو هوندو.
جنهن جي نتيجي ۾ برف ۽ پٿرن جي ملبي جو وڏو مقدار ڀوٽي ڪوشي درياهه جي مددگار ندي ”لينڊي کولا“ ۾ داخل ٿيو، جنهن سبب درياهه جي وهڪري ۾ اوچتو تيزي اچي وئي.

ٻوڏ سبب تباهي ۽ وڌندڙ فوتگيون
اربع ڏينهن نيپال ۾ ڀوٽي ڪوشي درياهه ۾ آيل ٻوڏ ٽن ضلعن ۾ وڏي پئماني تي تباهي مچائي هئي.
هن آفت جي نتيجي ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن، پرڏيهي سياحن ۽ مقامي شهرين سميت سوين ماڻهو اڃا تائين گم آهن.
ٻوڏ سبب روڊن، پلن، بجلي جي ڍانچي ۽ آبادي وارن علائقن کي سخت نقصان رسيو، جنهن سبب وڏي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.
اختيارين موجب، هي ويجهڙائي وارن سالن دوران نيپال ۾ آيل بدترين قدرتي آفتن مان هڪ آهي.
نيپال جي سياحتي بورڊ موجب، گم ٿيل سياحن ۾ ڀارت جا 100 کان وڌيڪ، آمريڪا جا 54، آسٽريليا جا 34 ۽ برطانيا جا 33 شهري شامل آهن.
ان کانسواءِ 100 کان وڌيڪ مقامي شهري پڻ گم آهن، هي علائقو سياحن ۽ ٽريڪنگ ڪندڙن ۾ تمام گهڻو مشهور آهي.
تبت ۾ چيني سرڪاري ميڊيا ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ ۽ 265 ماڻهن جي گم ٿيڻ جي خبر ڏني آهي.
تبت مان سامهون آيل سي سي ٽي وي وڊيوز ۾ سرحدي لنگهه تي پاڻي ۽ گاري جو وڏو وهڪرو عمارتن سان ٽڪرائجندي نظر اچي ٿو.
نيپال جا ڪيترائي پوليس اهلڪار، فوجي جوان ۽ بجلي کاتي جا ملازم پڻ گم آهن.
هڪ عورت ٻڌايو ته ”منهنجو خاندان منهنجين اکين اڳيان ٻوڏ وهڪري ۾ لڙهي ويو، هن ۽ سندس پٽ هڪ عمارت جي ڇت تي چڙهي پنهنجي جان بچائي.“
اختيارين شروعاتي طور شڪ ظاهر ڪيو هو ته ممڪن آهي ٻوڏ کان اڳ زلزلو آيو هجي، پر آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب بعد ۾ معلوم ٿيو ته زلزلي جهڙي سرگرمي اصل ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب پيدا ٿي هئي.
نيپال پوليس موجب، اربع ڏينهن آيل ٻوڏ ۾ فوت ٿيل ماڻهن مان رات دير تائين 157 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا هئا.
پوليس سوشل ميڊيا ذريعي جاري ڪيل ڄاڻ ۾ ٻڌايو ته انهن مان 64 لاش چتوان ضلعي مان مليا.
پوليس موجب، ڳولا ۽ امدادي ڪارروائين لاءِ 3 هزار 318 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
اربع ڏينهن آيل شديد ٻوڏ جي نتيجي ۾ روڊن ۽ پلن کي 15 ارب نيپالي رپين کان وڌيڪ نقصان پهچڻ جو شروعاتي اندازو لڳايو ويو آهي.

بار بار ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ
ماهرن موجب، نيپال ۽ چين جي سرحدي هماليه جابلو پٽي واري علائقي جي جاگرافيائي جوڙجڪ، برفاني ڍنڍن جي صورتحال ۾ مسلسل تبديليون ۽ برسات جي موسم ۾ ٿيندڙ شديد برساتن سبب هن علائقي ۾ اوچتو ايندڙ قدرتي آفتن جا واقعا بار بار پيش اچن ٿا.
اربع ڏينهن صبح رسوا جي ڀوٽي ڪوشي ترشولي درياهه ۾ آيل شديد ٻوڏ سبب رسوا، نوواڪوٽ، ڌادنگ، گورکا ۽ چتوان سميت ڪيترائي ضلعا متاثر ٿيا آهن.
تبتي علائقي ۾ ڪيتريون ئي برفاني ڍنڍون موجود آهن، جڏهن ته نيپال جي پاسي هيٺائين وارن علائقن ۾ ڪيتريون ئي آباديون آهن. ان ڪري برفاني ڍنڍن جي ڦاٽڻ ۽ برفاني ڇپن جي ڪرڻ سبب ٿيندڙ نقصان هن علائقي کي وقت به وقت برداشت ڪرڻو پوي ٿو.
نيپال جي نينشنل ڊيزاسٽر کاتي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ انتظام جي ايگزيڪيوٽو چيف ڌرم راج اُپريتي برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ماضي جي تجربن ۽ مجموعي صورتحال کي ڏٺو وڃي ته اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بلند هماليائي علائقن ۾ گرمي پد ۾ واڌ ۽ ان جي نتيجي ۾ اتي ٿيندڙ مجموعي تبديليون ئي ان جي بنيادي سبب آهن.“

سبب ڇا آهي؟
نيپالي اختيارين موجب، گذريل سال وانگر هن ڀيري به ترشولي درياهه جي ٻوڏ نيپال جي سرزمين مان نه، پر تبت واري پاسي کان پيدا ٿيندي نظر اچي ٿي. اربع ڏينهن صبح هي ٻوڏ نيپالي علائقي ۾ داخل ٿي.
سينيئر موسمياتي ماهر ۽ آبي ۽ موسميات کاتي جي ترجمان وبڀوتي پوکريل چيو ته واقعي جي اصل ڪارڻ بابت اڃا حتمي نتيجي تي پهچڻ ممڪن ناهي.
هن چيو ته ”اسان ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اڃا اهڙي صورتحال ناهي جو يقين سان چئي سگهجي ته اهو ئي سبب هو.“
ٽرڀوون يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ، پلچوڪ ڪيمپس جي ڊزاسٽر اسٽڊيز سينٽر جي ڊائريڪٽر بسنت اڌيڪاري هن وقت چين جي صوبي سچوان ۾ موجود آهي ۽ اتي کان ئي هن واقعي جو جائزو وٺي رهيو آهي.
هن چيو ته ” هن واقعي جون خاصيتون اشارو ڏين ٿيون ته اهو برفاني ڇپ ڪرڻ جو واقعو ٿي سگهي ٿو ۽ اطلاع ملي رهيا آهن ته اتي پاڻي مڪمل طور تي نيڪال ناهي ٿيو، تنهن ڪري خطرو اڃا برقرار آهي. تنهن هوندي به حتمي يقين لاءِ سيٽلائيٽ تجزيي جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ڪو آپشن ناهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”ماضي ۾ به اهڙي قسم جي ٻوڏ وارن واقعن ۾ برفاني ڍنڍن جي ڦاٽڻ ۽ برفاني ڇپن جي ڪرڻ کي بنيادي سببن طور ڏٺو ويندو رهيو آهي.“

سرحدي علائقن ۾ اهڙا واقعا بار بار ڇو ٿين ٿا؟
ماهرن جو چوڻ آهي ته نيپال ۽ چين جي وچ ۾ اترين سرحد تي بلند هماليائي علائقا پکڙيل آهن. سرحد جي ٻئي پاسي تبتي پليٽو واقع آهي، جڏهن ته هماليائي علائقي ۾ موجود گليشيئرز، انهن مان ٺهندڙ برفاني ڍنڍون ۽ نيپال ڏانهن پاڻي جو تيز وهڪرو قدرتي خطرن کي وڌيڪ پيچيده بڻائين ٿا.
خاص طور تي چوماسي دوران شديد برساتون، گليشيئرز ۾ ٿيندڙ تبديليون ۽ برفاني ڇپن جي ڪرڻ جهڙا عنصر جڏهن هڪ ٻئي سان ڳنڍجي وڃن ٿا ته تمام گهٽ وقت ۾ پاڻي، پٿر ۽ مٽي جو وڏو مقدار هيٺين علائقن تائين پهچي وڃي ٿو.
گذريل سال به رسوا علائقي ۾ ٻوڏ آئي هئي، جنهن سان تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو.
ٽرڀوون يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر سڌيپ ٺاڪوري جو چوڻ آهي ته ”برفاني ڍنڍن جو ڦاٽڻ ۽ برفاني ڇپن جو ڪرڻ نيپال-چين، خاص طور تي تبت جي سرحدي علائقن ۾ موجود امڪاني موسمي ۽ جاگرافيائي خطرا آهن.“
هن چيو ته ”نيپال جي پاسي هيٺائين وارن علائقن ۾ آباديون، روڊ، پل، پن بجلي جا منصوبا ۽ ٻيو بنيادي ڍانچو موجود آهي، ان ڪري جڏهن تبت ۾ برفاني ڇپ ڪري ٿي يا برفاني ڍنڍ ڦاٽي ٿي ته ان جي نتيجي ۾ نيپال جي هيٺين درياهي علائقن کي وقت به وقت نقصان پهچي ٿو.“

گليشيئر جو ڦاٽڻ ۽ برفاني ڇپ جو ڪرڻ
ماهرن موجب، بلند هماليائي علائقن ۾ برفاني ڍنڍن جو ڦاٽڻ ۽ برفاني ڇپن جو ڪرڻ هڪ عام قدرتي عمل آهي.
ٽرڀوون يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ٺاڪوري چيو ته ”بلند هماليائي علائقن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڍنڍون موجود آهن، جن ۾ گليشيئرز جو پاڻي گڏ ٿيندو رهي ٿو. جيئن ته انهن ڍنڍن ۾ مسلسل پاڻي ايندو رهي ٿو، ان ڪري جيڪڏهن پاڻي جو مقدار ڍنڍ جي قدرتي بند جي برداشت کان وڌي وڃي ته ڍنڍ ڦاٽي سگهي ٿي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”اهڙي طرح جيڪڏهن ڪنهن ڍنڍ ۾ برفاني ڇپ ڪري پوي ته ڍنڍ جو پاڻي اُٻري ٻاهر نڪري سگهي ٿو، ان کي به برفاني ڍنڍ جو ڦاٽڻ چيو وڃي ٿو.“
هن چيو ته ”ڪڏهن ڪڏهن زلزلي جا لوڏا به ڍنڍ کي متاثر ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه وقت مسلسل برسات سبب ڍنڍ جي ڪنارن تي دٻاءُ وڌي وڃي ٿو ۽ ڍنڍ ڦاٽي سگهي ٿي. انهن مان ڪنهن به سبب سان جيڪڏهن ڍنڍ جو بند ٽٽي وڃي ته ان کي برفاني ڍنڍ جو ڦاٽڻ چيو ويندو آهي“
ماهرن موجب، ڪڏهن ڪڏهن برف جون وڏيون وڏيون ڇپون يا پٿر هيٺائين وارن علائقن ڏانهن ڪِري پون ٿا، جنهن سان برفاني ڍنڍ ڦاٽي سگهي ٿي يا درياهه جو وهڪرو به رڪجي سگهي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ قدرتي آفتون جنم وٺي سگهن ٿيون.
پلچوڪ ڪئمپس جي وسنت اڌيڪاري اربع جي واقعي بابت چيو ته ”جيتوڻيڪ اندازو لڳايو پيو وڃي ته لينڊي کولا ۾ برفاني ڇپ پاڻي جو رستو روڪي ڇڏيو هو ۽ ان ئي سبب اهو واقعو پيش آيو، پر ٻوڏ اچڻ کان اڳ درياهه بند ٿيڻ ۽ پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ بابت ڪا به اطلاع سامهون ناهي آئي.“

ماضي جا واقعا
هماليائي علائقن ۾ برفاني ڍنڍن جي ڦاٽڻ ۽ برفاني تودن جي ڪرڻ جهڙن ننڍن وڏن موسمي واقعن کي ٽرڀوون يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ٺاڪوري غيرمعمولي نه ٿو سمجهي، تنهن هوندي به سندس خيال ۾ اربع ڏينهن آيل ٻوڏ هڪ ناياب واقعو هو.
هن چيو ته ”اسان هن واقعي جون جيتريون به وڊيوز ڏٺيون آهن، انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو تمام وڏو واقعو هو، درياهه جي پاڻي جي سطح معمول جي مقابلي ۾ لڳ ڀڳ 15 کان 20 ميٽر تائين بلند نظر اچي ٿي.“

ڇا ان کان بچي سگهجي ٿو؟
ٽرڀوون يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ٺاڪوري موجب، اهڙين موسمي قدرتي تبديلين کي روڪي نٿو سگهجي، تنهن هوندي به احتياطي قدم کڻي جاني ۽ مالي نقصان گهٽائي سگهجي ٿو.
هن چيو ته ”هاڻي جديد ارلي وارننگ سسٽم“ استعمال ڪيا پيا وڃن، برفاني ڍنڍن ۽ انهن جي چوڌاري لڳايا ويندڙ اهي نظام ڍنڍ جي پاڻي جي سطح ۽ ان جي قدرتي بند جي حالت بابت فوري معلومات فراهم ڪن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته ”جيڪڏهن اهڙن واقعن بابت اڳواٽ اطلاع ملي وڃي ته انساني جانين جي نقصان کي گهٽائي سگهجي ٿو.“
اهڙي طرح پلچوڪ ڪئمپس جي وسنت اڌيڪاري جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ ارلي وارننگ سسٽم لاڀائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، پر سرحد پار نوعيت وارن اهڙن واقعن جي صورت ۾ چين سان سرڪاري سطح تي رابطي ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته ”جيڪڏهن ٻوڏ نيپال مان ئي پيدا ٿئي ها ته اسان هتان کان ان جي نگراني ڪري سگهون ها، پر هن وقت نظر ايندڙ اهڙن واقعن لاءِ سرحد پار ڄاڻ واري نظام کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي، في الحال ائين ٿيندي نظر نٿو اچي.“
اڌيڪاري جو چوڻ آهي ته ”جتي اهڙي قسم جا واقعا پيدا ٿين ٿا، اتي انساني آباديون موجود ناهن، ماڻهن ذريعي ڄاڻ جي ڏي وٺ ڪرڻ مشڪل آهي، تنهن ڪري سيٽلائيٽ اسٽيشنون لڳائي انهن ذريعي نگراني ڪرڻ گهرجي.“
ٻي ي صورت ۾ سرحد کان هيٺ اسان جون آباديون موجود آهن، تنهن ڪري سڀ کان وڌيڪ نقصان اسان کي ئي برداشت ڪرڻو پوي ٿو.
ماهرن موجب، نيپال جي ڪجهه درياهي آبي ذخيرن وارن علائقن ۾ اهڙا نظام لڳائڻ شروع ڪيا ويا آهن، پر هماليائي علائقن ۾ انهن جو استعمال اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي.
ٽرڀوون يونيورسٽي جي ٺاڪوري چيو ته ” ان کانسواءِ خطرناڪ علائقن جي نشاندهي ڪري درياهه جي ڪنارن تي آباد وسندين کي ٻي هنڌ منتقل پڻ ڪري سگهجي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته ”جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ سڀ کان اثرائتو طريقو اهو ئي آهي ته خطري وارن علائقن ۾ آباديون قائم نه ڪيون وڃن.“

You might also like