اوسلو (ويب ڊيسڪ) ناروي جو بادشاهه هيرالڊ پنجون 89 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. کيس گذريل هفتي رت جي هڪ ناياب بيماري جي نشاندهي کانپوءِ علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
اوسلو جي شاهي محل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هيرالڊ جمعي ڏينهن مقامي وقت موجب صبح 06:35 وڳي اوسلو جي نيشنل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
خبر جي اعلان سان ئي شاهي محل جي ڇت تي لڳل شاهي جهنڊو سرنگون ڪيو ويو.
سندس لاڏاڻي کان اڳ شاهي خاندان جي ميمبرن بادشاهه جي عيادت ڪئي، جڏهن ته ماڻهن شاهي محل جي ٻاهران گل رکيا.
هيرالڊ 14هين صدي کانپوءِ ناروي ۾ پيدا ٿيندڙ ناروي جو پهريون بادشاهه هو.
سندس جاءِ تي سندس 53 ورهين جو پٽ هاڪون نئون بادشاهه بڻجي ويو آهي، جيڪو اڄ حڪومت سان گڏ اسٽيٽ ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس پڻ ڪندو.
سندس پونئرن ۾ گهرواري راڻي سونيا، ڌيءَ شهزادي مارٿا لوئيز، پٽ ۽ نئون بادشاهه هاڪون ۽ 6 پوٽا پوٽيون شامل آهن.
دنيا مان تعزيتي پيغام
برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين ناروي جي بادشاهه هيرالڊ جي لاڏاڻي تي پنهنجي انتهائي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
سويڊن جي بادشاهه ڪارل سورهين گستاف پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هيرالڊ کي ”منهنجو، منهنجي خاندان ۽ سويڊن جو هڪ سٺو دوست“ قرار ڏيندي ياد ڪيو ۽ هاڪون لاءِ ”ڪاميابي ۽ خوش بختي“ جي دعا ڪئي.