کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس اينڊ ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽيز (آءِ ايف آر سي) جي نيپال ۾ وفد جي سربراهه ڊيوڊ فشر چيو آهي ته سندس اندازي موجب اربع ڏينهن آيل ٻوڏ سبب لڳ ڀڳ 93 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن.
هن ملڪ ۾ وڌيڪ ٻوڏ اچڻ ۽ ان جي امڪاني اثرن بابت خدشن کان پڻ آگاهه ڪيو.
ڊيوڊ فشر اڄ صبح هڪ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان يقينن ٻيهر ٻوڏ اچڻ جي خطري بابت تمام گهڻو فڪرمند آهيون.
آءِ ايف آر سي فوري طور زندگيون بچائڻ وارين امدادي ڪارروائين لاءِ 2 ڪروڙ 50 لک سوئس فرانڪ (23 ملين پائونڊ، 31 ملين ڊالر) جي هنگامي اپيل جاري ڪئي آهي.
اداري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان مقصد لاءِ پنهنجي پوري عالمي نيٽ ورڪ کي سرگرم ڪري ڇڏيو آهي.
نيپال ۾ ٻيهر ٻوڏ جو خطرو، 93 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو، زندگيون بچائڻ لاءِ مالي سهائتا جي اپيل
You might also like