سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪپتان پيٽ ڪمنز اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان ۽ وزيراعظم عمران خان کي مناسب طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اڳوڻن عالمي ڪپتانن جي مهم جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.
پيٽ ڪمنز سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان گريگ چيپل جي پوسٽ شيئر ڪندي چيو ته هو گريگ چيپل ۽ ٻين اڳوڻن عالمي ڪپتانن جي حمايت ڪري ٿو.
هن چيو ته اميد آهي ته عدالتي حڪم تحت عمران خان جو طبي معائنو جاري رکيو ويندو ۽ سندس گهرڀاتين سان ملاقاتون پڻ جاري رهنديون.
پيٽ ڪمنز وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته عمران خان سان هر انسان کي ملڻ واري عزت ۽ وقار سان ورتاءُ ڪيو ويندو.