پمز سانحي جي جاچ لاءِ هائوس ڪميٽي ٺاهڻ جو ٺهراءُ سينيٽ مان منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اجلاس ۾ پمز سانحي تي سخت بحث ٿيو، جنهن دوران واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو سامهون آيو، جڏهن ته هائوس ڪميٽي ٺاهڻ جو ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو ويو.
سينيٽ جو اجلاس پريزائيڊنگ آفيسر منظور احمد ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس معمول جي ڪارروائي معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي سينيٽر شيري رحمان رٿ پيش ڪئي.
جنهن بعد سينيٽ معمول جي ڪارروائي معطل ڪري پمز سانحي تي بحث شروع ڪري ڇڏيو. سينيٽ ۾ پمز سانحي تي بحث لاءِ سوالن جو وقفو به معطل ڪيو ويو، جنهن جي رٿ شيري رحمان پيش ڪئي.
اجلاس ۾ حڪومت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن ري آرگنائيزيشن ترميمي بل 2026ع واپس وٺي ڇڏيو، بل واپس وٺڻ جي رٿ آءِ ٽي واري وزير بدران مملڪتي وزير طلال چوڌري پيش ڪئي.
سينيٽر علي ظفر پمز واقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي واقعي جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪيو.
هن چيو ته پمز واقعي جي ذميواري هر ان شخص تي آهي، جيڪو بجيٽ منظور ڪرڻ ۾ شامل هو.
هن چيو ته اسان صحت جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي سان غريب ماڻهو جي صحت تي پوندڙ اثرن جي نشاندهي ڪئي هئي.
سينيٽر علي ظفر مطالبو ڪيو ته معاملي تي سينيٽ جي ڪميٽي ٺاهي وڃي، جنهن جي سربراهي مخالف ڌر جو ڪو ميمبر ڪري. ڪميٽي ۾ 50 سيڪڙو حڪومتي ۽ 50 سيڪڙو مخالف ڌر جا ميمبر هجڻ گهرجن، جڏهن ته ڪميٽي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايس او پيز تيار ڪري.
علي ظفر چيو ته ڪميٽي کي اختيار ڏنو وڃي ته اها پنهنجي مدد لاءِ ڪنهن به اداري کي گهرائي سگهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومتي ڪميٽين تي عوام کي يقين ناهي.
سينيٽر پرويز رشيد خيالن جو اظهار ڪندي سي ايم ايڇ جو نظام پمز ۾ پڻ لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني.
هن چيو ته سي ايم ايڇ ۾ سپاهي کان جنرل تائين علاج ٿيندو آهي ۽ اتي اهڙن واقعن جون ڪڏهن به شڪايتون سامهون ناهن آيون.
هن پمز سانحي کي تمام وڏو الميو قرار ڏيندي چيو ته هي پهريون الميو ناهي، اهڙا واقعا روز ٿين ٿا.
پرويز رشيد چيو ته روز الميو ٿيندو آهي، ماڻهو روئيندا آهن ۽ پوءِ اڳتي وڌي ويندا آهن، اهڙا الميا ختم نه ٿيندا.
هن چيو ته ڪميٽيون به ٺهن ٿيون، جاچ به ٿيندي آهي ۽ سزا ۽ جزا به ٿيندي آهي، پر ان باوجود مسئلو برقرار رهي ٿو.
پرويز رشيد تجويز ڏني ته قانون ٺاهيو وڃي ته سرڪاري پگهار ۽ مراعتون وٺندڙن ۽ سندن گهرڀاتين جو علاج سرڪاري اسپتال ۾ ٿيندو. سرڪار کان پگهار وٺندڙن جي خانگي اسپتال مان علاج تي پابندي لڳائي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن اهڙو قانون ٺاهي ڇڏيو وڃي ته ڏينهن اندر اسپتال عالمي معيار جا ٿي ويندا.
هن سرڪار کان پگهار وٺندڙن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪرڻ جي پابندي ۽ سندن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ لازمي داخل ڪرائڻ جو قانون ٺاهڻ جي تجويز پڻ ڏني.
نيشنل پارٽي جي سينيٽر جان محمد بليدي پمز سانحي تي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو.
هن چيو ته 20 هزار ارب رپين جو قومي بجيٽ هو، پر پمز نٿا هلائي سگهون.
سندس چوڻ هو ته 4 صوبا نٿا هلائي سگهون، 25 ٺاهي ڇڏيا ته ڇا حال ٿيندو؟
سينيٽ ۾ پمز سانحي تي بحث دوران فلڪ ناز چترالي چيو ته صحت وارو وزير سينيٽ اجلاس ۾ پمز جا قصيدا پڙهي رهيو هو، ان تي شرم وچان ٻڏي مرڻ گهرجي.
هن چيو ته واقعي واري ڏينهن پمز ويس ته سيڪيورٽي گارڊن ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
فلڪ ناز چترالي چيو ته ٻار شاپنگ بيگ ۾ والدين حوالي ڪيا ويا ۽ چيو ويو ته ڪنهن کي ٻڌائڻو ناهي ۽ هتان هليا وڃو.
هن چيو ته اسلام آباد ۾ ٻه اسپتال سنڀالي نٿا سگهجن ۽ اهي ٽپا ڏئي چون ٿا ته اسان نوان صوبا ٺاهينداسين.
فلڪ ناز چترالي صحت واري وزير ۽ حڪومت کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته سندن اڳواڻ پي ٽي آءِ باني کي به ان ئي اسپتال آندو ويو هو.
هي ڄار پي ٽي آءِ باني لاءِ وڇايو ويو هو ۽ عمران خان کي پمز آڻڻ سيڪيورٽي رسڪ آهي.
فلڪ ناز چترالي جي تقرير تي مسلم ليگ ن جي ميمبرن ۽ ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن احتجاج ڪيو.
مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته پهريان طئي ڪري وٺون ته سياست تي ڳالهائڻو آهي يا پمز واقعي تي.
هن چيو ته پمز واقعي تي ڳالهائڻ بدران آخر ۾ هي چور کي وٺي آيا.
سينيٽر شيري رحمان چيو ته سڀ کان وڌيڪ عوام جو خادم وزير هوندو آهي، اسان عوام جا نوڪر آهيون ۽ عوام بادشاهين کان تنگ اچي چڪا آهن. عوام چوي ٿو ته اسان کي سهولت گهرجي، ماڻهو ايوانن مان مايوس ٿي چڪا آهن. هن سانحي جي جاچ لاءِ هائوس ڪميٽي جو مطالبو ڪيو.
شيري رحمان چيو ته جيڪي ڪميٽيون ٺهيون آهن، اسان کي انهن تي ڪو اعتماد ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن جاچ نه ٿي ته استعيفائون گهرنداسين. سندس چوڻ هو ته 14 ٻارن جون مائرون روئي رهيون آهن. هنگامي نڪرڻ جا رستا بند هئا.
هن چيو ته هر اسپتال ۾ اسٽاف صبح 6 وڳي موجود هوندو آهي، پر اتي اسٽاف نه هو، پتو لڳايو ته اسٽاف ڪٿي هو.
هن چيو ته اسان سڄي زندگي اي سي ۾ ويهندا آهيون، ڪنهن اي سي ۾ چڻنگ ڏٺي آهي؟ سسٽم ڪم ئي نٿا ڪن.
شيري رحمان سوال ڪيو ته جولاءِ ۾ هاسٽل ۾ باهه لڳي هئي، ٻڌايو وڃي ته ان جو ڇا ٿيو.
هن چيو ته جيڪڏهن جاچ نه ٿي ته هوءَ هي ايوان هلڻ نه ڏيندي، سي ڊي اي جون رپورٽون پمز جي رپورٽن کان مختلف آهن، اتي جي انتظاميا کان پڇيو وڃي ته اها ڇا ڪري رهي آهي.
شيري رحمان چيو ته رڳو سيڪيورٽي کي الزام ڏيڻ سان ڪم نه هلندو، سي ڊي اي فائر سيفٽي انتظامن بابت جيڪي هدايتون ڏنيون هيون، اهي ڇو نه ڪيون ويون؟ ٻڌايو وڃي ته هنگامي رستا ڇو بند هئا، هن سينيٽ جي ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ان کي 40 ڏينهن جو وقت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ايوان کي ٻڌايو ته وزيراعظم ڪميٽي ٺاهي آهي، جيڪا شاهد خان جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته ٻي ڪميٽي وزيراعظم ڊاڪٽر ڪياني جي سربراهي ۾ ٺاهي آهي، حڪومت سانحي تي ڏکويل به آهي ۽ سنجيده به آهي.
مولانا عطاءُ الرحمان پمز ۾ ٿيل سانحي کي فڪر جوڳو لمحو قرار ڏيندي ذميوار ماڻهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جو مطالبو ڪيو.
هن چيو ته هي واقعو معمولي ناهي. ٻين ملڪن ۾ اهڙا واقعا نٿا ٿين، سانحي جا ذميوار به ڄاڻن ٿا ته ڪجهه دير ڳالهه ٿيندي ۽ پوءِ خاموشي ڇائنجي ويندي.
مولانا عطاءُ الرحمان چيو ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جو سانحو ٿيو، ان جا ذميوار ڪٿي آهن؟ پمز سانحي ۾ متاثر ٿيل مائرون روئي رهيون آهن.
هن مطالبو ڪيو ته جيڪا به ڪميٽي ٺاهي وڃي، ان کي ڊيڊ لائين ڏني وڃي، حڪومت هن وقت هڪ ڪٺ پتلي آهي ۽ ان جو ڪو اختيار ناهي.
هن چيو ته عالمي قوتن جي چوڻ تي انهن جو ايجنڊا پورو ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي، هڪ جوڙي کي چئن پنجن سالن کانپوءِ اولاد ٿيو ۽ اهو به سانحي ۾ فوت ٿي ويو، جيڪڏهن اهو واقعو ڄاڻي واڻي ان لاءِ ڪيو ويو ته جيئن اسان ان ۾ مصروف ٿي وڃون ۽ اهي پنهنجو ڪم ڪندا رهن ته معاملو انتهائي سنگين آهي.
هن چيو ته روزانو نبي اڪرم ﷺ جي ناموس تي حملا ٿي رهيا آهن، هتي قاديانين کي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي، اصل ذميوارن کي عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي.
سينيٽر خالدا عطيب چيو ته هن معاملي کي سياسي رنگ ڏنو پيو وڃي، هن سنڌ جي وليڪا اسپتال جو حوالو ڏيندي چيو ته ان کان اڳ استعمال ٿيل سرنجون استعمال ڪرڻ سبب 70 کان وڌيڪ ٻار ايڊز جو شڪار ٿي ويا هئا، جيڪڏهن ان واقعي تي ڪجهه ڪري وٺون ها ته شايد هي واقعو نه ٿئي ها.
خالدا عطيب چيو ته ٻارن جي وارڊ کي تالو لڳايو ويو هو ۽ اڌ ڪلاڪ چاٻي ڳولڻ ۾ لڳي ويو، جنهن سبب وارڊ بند رهيو، چاٻي ڳولڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳو ۽ ٻار ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا، هن وارڊ جي انچارج ۽ ڊيوٽي تي موجود نرسن بابت سوال اٿاريا.
خالدہ عطيب چيو ته وليڪا اسپتال ۾ متاثر ٻار روز جئن ۽ مرن ٿا، هن سوال ڪيو ته ڇا سنڌ حڪومت انهن ٻارن جي علاج جي ذميواري کنئي ۽ ان واقعي تي ڪنهن استعيفيٰ ڏني؟
سينيٽر دلاور حسين پمز جي انتظامي معاملن تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسپتال جي اي ڊي پنهنجي هيٺ اهڙا ماڻهو مقرر ڪيا آهن، جيڪي سندس ها ۾ ها ملائين. جپان جي اداري جائيڪا وڏي فنڊنگ ڪري هڪ منصوبو ڏنو، پر جائيڪا جي سهڪار سان شروع ٿيل منصوبي ۾ آپريشن به شروع نه ٿيا.
هن الزام لڳايو ته موجوده اي ڊي اتي باقاعدي هڪ دڪانداري لڳائي آهي.
مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا ناصر عباس چيو ته پمز اسپتال جي اي ڊي بابت چيو ويو آهي ته سندس خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسز آهن.
هن چيو ته مختلف پارليامينٽيرينز ان اي ڊي خلاف ڳالهائي چڪا آهن، ان باوجود کيس هٽائي نه سگهيو ويو.
اي ڊي کي وزيراعظم به هٽائي نه سگهيو، سوال اهو آهي ته نااهل ماڻهو کي ڪنهن مقرر ڪيو هو.
ايتري وڏي سانحي کانپوءِ به ان نااهل شخص کي هٽائي نه سگهيو ويو، هن سڀ کان پهريان اي ڊي کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو، ان شخص جي موجودگي ۾ شفاف جاچ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟
راجا ناصر عباس چيو ته هي حادثو نه، ٻارن جو قتل آهي، ان تي سينيٽ جي ڪميٽي ٺاهي وڃي.
هن چيو ته باني پي ٽي آءِ کي جيڪڏهن پمز آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اها قتل جي سازش آهي.
هن سينيٽر پرويز رشيد جي ان ڳالهه جي پڻ حمايت ڪئي ته حڪومت پاڪستان کان پگهار وٺندڙ ڪنهن به شخص کي خانگي اسپتال ۾ علاج جي ضرورت نه هجڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته شهيد ٻارن جي والدين تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهي ڳالهائڻ کان پاسو ڪن.
ان کانپوءِ صحت واري وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال جي ايوان ۾ خطاب کان اڳ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو.
سينيٽر مشعال يوسفزئي چيو ته پهريان اسان کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو، پوءِ وزير جي ڳالهه ٻڌون، جنهن تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته کيس جواب ڏيڻ جو ڪو شوق ناهي.
صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي دل ڏکوئيندڙ واقعو هو ۽ ان جو ڪو به جواز ناهي.
هن چيو ته هن پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي، مصطفيٰ ڪمال ڪميٽي ٺاهڻ جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته ان تي وقت جي پابندي نه لڳائي وڃي.
هن چيو ته هڪ سال ۾ 4 لک ٻار مري رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ روزانو 1300 ٻار مري رهيا آهن، فوتگين ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڏو انگ اسان جو آهي،
هن چيو ته هر سال 11 هزار مائرون ويم دوران فوت ٿي وڃن ٿيون، هي نظام ڳري سڙي چڪو آهي، ٻن خراب ماڻهن مان هڪ گهٽ خراب شخص کي مقرر ڪرڻو پوي ٿو، جڏهن ته هر ڪو چوي ٿو ته ڪنهن ٻئي جو خراب ماڻهو هٽائي منهنجو خراب ماڻهو لڳايو.
مصطفيٰ ڪمال ايوان کي يقين ڏياريو ته ڪنهن هڪ شخص کي به نه بخشيو ويندو. وزارتن لاءِ اسان پنهنجي قبر خراب نه ڪنداسين، سڄي هيلٿ ڪيئر نظام کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، پوءِ ڪو به ايم اين اي يا سينيٽر ڪنهن ڊاڪٽر لاءِ فون نه ڪري.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته هتي سڀني جا ماڻهو لڳل آهن.
هن ٻڌايو ته هڪ ٻار کي بچايو ويو آهي ۽ ان کي اسٽاف بچايو آهي.
ان دوران سينيٽر شيري رحمان پمز سانحي جي جاچ لاءِ هائوس ڪميٽي ٺاهڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو.
شيري رحمان ايوان ۾ ٺهراءَ پيش ڪندي چيو ته چيئرمين سينيٽ اها ڪميٽي ٺاهي، ايوان قرارداد منظور ڪري ورتي.

You might also like