ڳئون جي گوشت جي نقصانن بابت نئين تحقيق

ذيابطيس ٽائپ 2 يا هاءِ بلڊ شوگر اهڙيون دائمي بيماريون آهن جيڪي تمام گهڻيون عام آهن.

اهو چيو ويندو آهي ته ڳاڙهو گوشت، خاص ڪري ڳئون جي گوشت جي استعمال سان بلڊ شوگر ۽ ذيابطيس ٽائپ 2 جي سطح ۾ واڌ ٿيندي آهي.

پر هاڻي هڪ نئين تحقيق ۾ اها خبر پئي آهي ته اهو خيال غلط آهي ۽ ڳئون جي گوشت سان بلڊ شوگر جي سطح، انسولين جي ڪارڪردگي، سوجن (ورم) يا هاءِ بلڊ شوگر جي مريضن جي صحت تي ڪو به ناڪاري اثر نٿو پوي.

آمريڪا جي انڊيانا يونيورسٽي اسڪول آف پبلڪ هيلٿ جي هن تحقيق ۾ هڪ ڪلينڪل ٽرائل ڪيو ويو هو.

هن ڪلينڪل ٽرائل ۾ 18 کان 74 سال عمر وارا 24 ماڻهو شامل ڪيا ويا.

هي سڀ ماڻهو وڌيڪ جسماني وزن يا ٿولهه جو شڪار هئا ۽ هاءِ بلڊ شوگر جو به سامنا ڪري رهيا هئا، پر ان کانسواءِ عام طور تي صحتمند هئا.

انهن ماڻهن کي 28، 28 ڏينهن لاءِ ٻه مختلف غذائي منصوبا اختيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو.

پهرين مرحلي ۾ انهن کي روزانو ٻه ڀيرا کاڌو ڏنو ويو، جنهن ۾ ڳئون يا ڪڪڙ جو گوشت شامل هو.

هنن ماڻهن کي ان عرصي دوران روزانو لڳ ڀڳ 100 گرام گوشت استعمال ڪرائڻو پيو.

ان کان پوءِ 28 ڏينهن تائين کين گوشت کان پري رکيو ويو ۽ ٻنهي مرحلن ۾ انسولين جي حساسيت، بلڊ شوگر ۽ ٻين پهلوئن جو جائزو ورتو ويو.

ماهرن کي خبر پئي آهي ته ڳئون جي گوشت جي روزاني استعمال سان انسولين جي حساسيت يا بلڊ شوگر جي سطح ۾ ڪو خاص فرق نظر نه آيو.

اصل ۾ ماهرن موجب ڳئون جي گوشت ۽ ڪڪڙ جي گوشت جا هاءِ بلڊ شوگر جي مريضن تي اثر تقريباً هڪ جهڙا هئا.

هنن ٻڌايو ته تحقيق مان اهو اشارو ملي ٿو ته ڳئون جي گوشت جي استعمال سان ميٽابولڪ صحت تي ناڪاري اثر نٿو پوي ۽ نه ئي سوجن پيدا ڪندڙ عنصرن جو خطرو وڌي ٿو.

هنن اهو به تسليم ڪيو ته تحقيق جا نتيجا ڪجهه حد تائين محدود آهن، ڇو ته ان جو مدو گهڻو ڊگهو نه هو، پر ان مختصر عرصي ۾ به غذا جا ميٽابولڪ اثر ظاهر ٿي سگهن ٿا.

هن تحقيق جا نتيجا جرنل ”ڪرنٽ ڊولپمينٽ ان نيوٽريشن“ ۾ ڇپيا آهن.

واضح رهي ته ذيابطيس ٽائپ 2 اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ لبلبو (پينڪرياز) مناسب مقدار ۾ انسولين پيدا نٿو ڪري يا جسم انسولين کي صحيح طريقي سان استعمال نٿو ڪري.

ان جي نتيجي ۾ بلڊ شوگر جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي وڃي ٿي، جنهن سان وقت سان گڏ جسم جا عضوا متاثر ٿين ٿا.

جيڪڏهن بلڊ شوگر ڪنٽرول نه ڪئي وڃي ته دل جي بيمارين، نظر وڃائڻ، اعصاب ۽ ٻين عضون کي نقصان پهچڻ سميت مختلف پيچيدگين جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.