سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو وڌندڙ خطرو

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر اقبال

خيرپور ۽ سکر ڊويزن ۾ سامهون آيل تازن شڪي منڪي پاڪس ڪيسن سنڌ جي عوامي صحت واري نظام کي هڪ غير معمولي دٻاءُ ۽ بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ تازي سرڪاري ڄاڻ موجب ضلعي خيرپور ۾ ست نون ڄاول ٻارن جي فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن، جن مان چار ۾ منڪي پاڪس (Mpox) جي باقاعده تصديق ٿي آهي، جڏهن ته سڄي صوبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 شڪي ڪيس سامهون اچي چڪا آهن۔ انهن ڪيسن جو دائرو صرف خيرپور تائين محدود نه رهيو آهي، پر سکر، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد تائين پکڙجي ويو آهي، جتي ”چڪن پاڪس جهڙن“ چمڙي جي انفيڪشن وارا مريض رپورٽ ٿي رهيا آهن۔ اها صورتحال نه رڳو هڪ طبي چيلينج آهي، پر انتظامي ۽ سماجي سطح تي به هڪ وڏي بحران جي نشاندهي ڪري ٿي۔

صورتحال جو سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳو پهلو اهو آهي ته متاثر ٿيندڙن ۾ گهڻو ڪري نوان ڄاول ٻار شامل آهن، جڏهن ته ڪجهه ڪيسن ۾ مائرن ۾ به ساڳي نوعيت جون علامتون ڏٺيون ويون آهن۔ اهو امر ان خدشي کي مضبوط ڪري ٿو ته انفيڪشن نه رڳو اسپتالن جي اندر (nosocomial transmission) پر ممڪن طور تي ڪميونٽي سطح تي به پکڙجي رهيو آهي۔ پاڪستان جهڙن معاشرن ۾، جتي گهريلو سار سنڀال، گڏيل رهائش ۽ روايتي سنڀال جا طريقا عام آهن، اتي بيماري جي پکڙجڻ جا امڪان وڌيڪ وڌي وڃن ٿا، خاص طور تي جڏهن حفاظتي قدمن بابت آگاهي محدود هجي۔

تشخيصي عمل دوران متاثر ٻارن جا نمونا ڪراچي جي معتبر ليبارٽرين، جن ۾ ڊاؤ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز (DUHS) ۽ آغا خان يونيورسٽي اسپتال (AKUH) شامل آهن، ڏانهن موڪليا ويا، جتي مجموعي طور ست ٻارن ۾ وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي۔ تنهن هوندي به صحت کاتي ۽ طبي ماهرن جو موقف آهي ته فوتگين جو سڌو سبب منڪي پاڪس نه هو، پر سڀئي فوت ٿيل ٻار اڳ ئي انتهائي ڪمزور حالت ۾ هئا۔ انهن ۾ وقت کان اڳ ڄمڻ، گهٽ وزن ۽ غذائي کوٽ جهڙا عنصر شامل هئا، جيڪي پاڪستان جي عوامي صحت واري نظام ۾ موجود پراڻين مسئلن جي عڪاسي ڪن ٿا۔

جيڪڏهن هن پکڙجڻ جي سببن جو جائزو ورتو وڃي ته سڀ کان اهم عنصر اسپتالن ۾ انفيڪشن ڪنٽرول (IPC) جي ڪمزور صورتحال آهي۔ ابتدائي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته ممڪن آهي وائرس غير جراثيم ٿيل طبي اوزارن وسيلي منتقل ٿيو هجي۔ ان کان علاوه آءِ سي يو ۾ گنجائش کان وڌيڪ مريضن جو دٻاءُ، نرسري وارڊن ۾ ڪراس انفيڪشن، ۽ صفائي ۽ جراثيم ڪشي جي اصولن تي مڪمل عمل نه ٿيڻ به هن پکڙجڻ کي تيز ڪرڻ جا سبب بڻيا آهن۔ وڌيڪ اهو ته نون ڄاول ٻارن جي ڪمزور مدافعتي نظام، ماءُ جي خراب صحت ۽ زچگي دوران غير معياري سهولتون به هن بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائين ٿيون۔

سماجي ۽ ثقافتي عنصر به هن بيماري جي پکڙجڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔ ڳوٺاڻن علائقن ۾ گهرن اندر غير تربيت يافته دائين وسيلي پيدائش ڪرائڻ، هڪ ئي جاءِ تي ڪيترن مريضن جو علاج ۽ صفائي جا ناقص انتظام بيماري جي پکڙجڻ کي آسان بڻائين ٿا۔ ساڳئي طرح ڪڏهن ڪڏهن بيماري لڪائڻ، ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ ۾ دير ڪرڻ ۽ خود علاج (self-medication) جهڙا رويا به صورتحال کي خراب ڪن ٿا۔

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ نون ڪيسن جي لڳاتار رپورٽنگ ان ڳالهه جو واضح اشارو آهي ته بيماري هاڻي هڪ ممڪن علائقائي آئوٽ بريڪ جي صورت اختيار ڪري رهي آهي۔ سکر جي چلڊرن اسپتال ۽ ڪيترن نجي مرڪزن ۾ ٻارن ۾ چمڙي جي زخم ۽ شڪي وائرل انفيڪشن جا ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ۾ به ساڳي نوعيت جي صورتحال رپورٽ ٿي آهي۔ ڪجهه ڪيسن ۾ مائرن ۾ علامتن جو ظاهر ٿيڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته اسپتال ۽ ڪميونٽي ٻنهي سطح تي انفيڪشن جو گڏيل پکڙجڻ ممڪن آهي۔

هن نازڪ صورتحال ۾ سنڌ جي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ سيڪريٽري صحت طاهر حسين سانگي جي ھدايت تحت صحت کاتي فوري ۽ هنگامي قدم کنيا آهن۔ انهن جي هدايتن تي متاثر اسپتالن جي نون ڄاول ٻارن جي آءِ سي يوز کي عارضي طور بند ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ خاص ماهر ٽيم کي فوري طور خيرپور موڪليو ويو ته جيئن وائرس جي ممڪن ذريعن ۽ پکڙجڻ جي سببن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي۔ ان کان علاوه ڪنٽيڪٽ ٽريسنگ، سيمپلنگ، آئسوليشن سينٽرن جي قيام، ۽ ريپڊ ريسپانس ٽيم (RRT) جي جوڙجڪ جهڙا قدم تيزي سان کنيا ويا۔

سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۽ ضلعي انتظاميا کي به سرگرم ڪيو ويو، جن اسپتالن جا دورا ڪري انفيڪشن ڪنٽرول پروٽوڪولز جي لاڳو ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي۔ وزير صحت خاص طور هدايت ڪئي ته سڀني سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ انفيڪشن ڪنٽرول جي معيارن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي وڃي۔ ساڳئي طرح سيڪريٽري صحت سرويلنس سسٽم کي فعال بڻائڻ ۽ رپورٽنگ جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو۔

تنهن هوندي به هي بحران ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته صرف هنگامي قدم ڪافي نه آهن، پر صحت جي نظام ۾ بنيادي سڌارن جي ضرورت آهي۔ خاص طور نون ڄاول ٻارن جي وارڊن ۽ آءِ سي يوز ۾ انفيڪشن ڪنٽرول جا معيار، طبي عملي جي تربيت ۽ جراثيم ڪشي جي نظام کي جديد بنيادن تي مضبوط ڪرڻ لازمي آهي۔

مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي ضروري آهي۔ ان ۾ سڀني اسپتالن جو باقاعده انفيڪشن ڪنٽرول آڊٽ، نون ڄاول يونٽن ۾ خاص نگراني، فوري ڪيس رپورٽنگ سسٽم ۽ ليبارٽري نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪرڻ شامل هئڻ گهرجي۔ ان سان گڏ ڪميونٽي سطح تي آگاهي مهم، خاص ڪري ڳوٺاڻن علائقن ۾، انتهائي اهم آهي ته جيئن والدين بروقت علامتن کي سڃاڻي سگهن ۽ فوري طبي مدد حاصل ڪن۔

وڌيڪ اهو ته زچگي جي نظام ۾ سڌارو، دائين جي تربيت، ۽ بنيادي صحت مرڪزن کي مضبوط ڪرڻ به بيماري جي پکڙجڻ کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو۔ جيڪڏهن اهي قدم مربوط طريقي سان لاڳو ڪيا وڃن ته نه رڳو موجوده بحران تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، پر مستقبل ۾ اهڙن خطرن کان به بچي سگهجي ٿو۔ مجموعي طور خيرپور جو هي واقعو هڪ واضح وارننگ آهي ته جيڪڏهن انفيڪشن ڪنٽرول، نگراني ۽ اسپتال مئنيجمينٽ جي نظام کي فوري طور بهتر نه ڪيو ويو ته مستقبل ۾ اهڙا وڌيڪ عوامي صحت جا بحران پيدا ٿي سگهن ٿا۔ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاليسي ساز، طبي ماهر ۽ سماج گڏجي هڪ مضبوط، محفوظ ۽ اثرائتو صحت جو نظام قائم ڪن ته جيئن اهڙن خطرن جو بروقت ۽ مؤثر مقابلو ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.