ٽرمپ، نيتن ياهو جو جنگي جنون ۽ بدلجندڙ عالمي طاقت جو توازن

تحرير: محمود شام

ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو طرفان مڙهيل جنگ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اولهه جي قيادتون ناڪام ٿي ويون آهن، جڏهن ته اوڀر جي قيادت جا امڪان ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. ايشيا ۾ نئين سياسي، معاشي ۽ فوجي صف بندي جنم وٺندي. هاڻي سوچڻ جي ضرورت آهي ته پاڪستان اولهه سان گڏ هوندو يا اوڀر سان. قيادت جو بحران رڳو پاڪستان ۾ ناهي، پر سڄي دنيا ۾ غير يقيني پيدا ڪري رهيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تان حڪومتون نه هلايون وينديون آهن. مسخرا وڏين وڏين رياستن جي واڳ سنڀالي ويٺا آهن.

آمريڪا ڪڏهن جمهوريت جو علمبردار هوندو هو ۽ پنهنجا فيصلا ڪانگريس ۽ نمائندن واري ايوان جي باقاعده منظوري سان ڪندو هو. هاڻي مقامي هجن يا عالمي ادارا، آمريڪي انتظاميا انهن سڀني کان مٿانهون ٿي وئي آهي. ٽي هزار آمريڪي شهرن ۾ نعرا لڳي رهيا آهن ته بادشاهه نٿو گهرجي. ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ کي به بي تاج بادشاهه سمجهي ٿو. هڪ ڏينهن فوج جي سربراهه کي برطرف ڪيو وڃي ٿو، ٻئي ڏينهن عورت اٽارني جنرل کي. بادشاهه، بادشاهن سان ئي رابطا رکندا آهن ۽ عوام جي چونڊيل اڳواڻن کي پسند ناهن ڪندا. مان ته تاريخ جو شاگرد آهيان، تنهنڪري بنا ڪنهن ڊپ جي چئي سگهان ٿو ته جيڪڏهن دنيا ۾ ڪٿي به ذميوار حڪمران ۽ نظرياتي قيادت هجي ها ته، نه آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم جي هٿن ۾ يرغمال بڻجي ها ۽ نه ئي جنگ شروع ٿئي ها. جيڪڏهن جنگ شروع به ٿي وڃي ها ته ايتري ڊگهي نه ٿئي ها. عالمي ماهر حيران آهن ته هن جنگ جي حڪمت عملي ڇا هئي. ايران کان يهودي ۽ عيسائي ڇو خوفزده هئا ۽ هاڻ به ڇو آهن؟

هاڻي جنگ مصنوعي ذهانت سان وڙهي پئي وڃي. جڏهن ذهانت مصنوعي هوندي ته قيادت به مصنوعي ئي پيدا ٿيندي. اهڙيون مصنوعي قيادتون اڪثريت جي احترام نٿيون ڪن، تنهنڪري جنگ جو سڄو بار عوام تي وڌو پيو وڃي. جيئن بازارن ۾ واپاري سموري مهانگائي گراهڪن جي مٿان وجهي ڇڏيندا آهن. گاديءَ وارن شهرن ۾ ويٺل حڪمران به ڪنهن حد تائين واپاري ئي آهن. پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جو بار اڪثريت جي مٿان وڌو ويو آهي، جڏهن ته ستيتاليهه سيڪڙو ماڻهو اڳ ئي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. سڀني شين جون قيمتون وڌي ويون آهن. هڪ اندازي موجب پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سبب حڪومت کي روزانو چار کان پنج ارب رپيا وڌيڪ آمدني ٿيندي. معاشي ماهر ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته حڪومت جو روزانو خرچ ڪيترو آهي، پر غريب پاڪستانين لاءِ اهو وڏو ظلم آهي. صاف ظاهر آهي ته پاڪستان جا سرمائيدار، جاگيردار ۽ سردار حڪمران پنهنجي هم وطنن جي اڪثريت سان ڪا همدردي نٿا رکن. فيصلي کان ٻئي ڏينهن صوبائي وزيراعليٰ مختلف منصوبن ذريعي غريب نوجوانن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪا رڳو ظاهري تسلي آهي، ڇو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن وڌڻ سان سڀني ضروري شين جون قيمتون به وڌي ويون آهن، جڏهن ته عام ماڻهن جي آمدني ساڳي ئي رهي آهي. حڪومت واپارين جي من ماني روڪي نٿي سگهي، ڇو ته حڪومت پاڻ به واپارين جي ئي آهي.

آمريڪي صدر جي خميس جي صبح واري تقرير کان پوءِ دنيا جي ڪيترين ئي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻاڙائي اچي وئي ۽ خام تيل جون قيمتون وڌي ويون. وائيٽ هائوس ڪڏهن به دنيا سان ايتري دشمني اختيار نه ڪئي هئي. هاڻي کلي عام چيو پيو وڃي ته ٽرمپ جنگ بندي چاهيندو هو، کيس اهو ئي مشورو به ڏنو ويو هو، پر اسرائيل کيس روڪي ڇڏيو. ٽرمپ ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڪهڙو سودو ٿيو آهي، اهو بعد ۾ سامهون ايندو. آمريڪي ووٽر پريشان آهن ته هنن وائيٽ هائوس ۾ آخر ڪنهن کي ويهاري ڇڏيو آهي. نومبر ۾ آمريڪي ادارن جي چونڊ ٿيندي. جائزا ٽرمپ جي پارٽي جي حق ۾ ناهن. اهڙي طرح بنيامين نيتن ياهو به آڪٽوبر 2026ع ۾ چونڊ نه کٽي سگهندو. هنن پنهنجو بجيٽ ته منظور ڪرائي ورتو آهي، پر رڳو ست ووٽن جي فرق سان. هاڻي هو آڪٽوبر تائين وزيراعظم رهندو. ايران ۾ في الحال چونڊن جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي. مصنوعي ذهانت مصنوعي حڪومتن کي جنم ڏنو آهي، مصنوعي معيشت، مصنوعي واپار، مصنوعي رياستون ۽ انهن ۾ مصنوعي حڪمران جن جون ڏوريون ڪٿي ڪٿي کان هِلن ٿيون. هن مڙهيل جنگ جي نتيجي ۾ جيڪي مثبت ۽ منفي لاڙا پيدا ٿي رهيا آهن، اهي ڪجهه هن ريت آهن:

آمريڪا ۽ يورپ جي وچ ۾ فاصلا وڌي ويا آهن. برطانيا، اسپين ۽ فرانس جنگ جو حصو بڻجڻ کان صاف انڪار ڪيو آهي يورپي ملڪ کلي اسرائيل جي مذمت نٿا ڪن، پر يورپ جو عوام هن جنگ جو اصل ذميوار اسرائيل کي ئي سمجهي ٿو آمريڪا ۾ صدر جي مواخذي واري تحريڪ زور وٺي سگهي ٿي، پر ان لاءِ ٽي نومبر 2026ع تائين نمائندن واري ايوان جي چونڊ نتيجن جو انتظار ڪرڻو پوندو. هن وقت تائين جا جائزه مخالف ڌر جي حق ۾ آهن. گڏيل قومن جو ادارو ۽ ان جا ماتحت ادارا پنهنجي بي وسي جو جائزو وٺي رهيا آهن. چين ۽ روس جنگ کان ٻاهر آهن، پر هن جنگ جا مثبت نتيجا شايد انهن جي حصي ۾ اچن.پاڪستان جو 2026 ۽ 2027 وارو بجيٽ تيار ٿي رهيو آهي. جنگ جي نتيجي ۾ خوفناڪ ٽيڪس لڳي سگهن ٿا. قرض وڌندا، برآمدات گهٽجي ويون آهن ۽ آمدني جا ذريعا محدود ٿي رهيا آهن.

هاڻي متبادل توانائي لاءِ فني ڪوششون وڌيڪ تيزي سان شروع ٿينديون. چين پاڪستان کي افغانستان سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ چيو آهي. هاڻي افغانستان بابت آمريڪا بدران چين جو اثر وڌڻ جا امڪان آهن. روس ۽ چين ايشيا ۾ نئين صف بندي ڪري سگهن ٿا. اسلامي ملڪن جي تنظيم عملي طور بي اثر ٿي چڪي آهي ۽ ان کي ٻيهر فعال ڪرڻ جون ڪوششون نظر نٿيون اچن. هن وقت خليجي تعاون واري تنظيم وڌيڪ سرگرم نظر اچي رهي آهي ۽ ممڪن آهي ته مستقبل ۾ اهي ملڪ پنهنجي گڏيل دفاعي فوج قائم ڪن. آمريڪا فوجي اتحاد مان به ٻاهر نڪري سگهي ٿو، پر پوءِ ان اتحاد جو وجود آمريڪا کان سواءِ ڪمزور ٿي ويندو.

28  فيبروري 2026ع کان شروع ٿيندڙ هن جنگ جي سڀ کان وڏي قرباني جمهوري ادارا بڻيا آهن. غير جمهوري ادارن کي وڌيڪ طاقت ملي آهي. حڪمرانن جمهوري ادارن کي نظرانداز ڪري فيصلا ڪيا آهن. ٻي وڏي تباهي معيشت جي ٿي آهي، جيڪا هاڻي انتهائي بحران واري حالت ۾ آهي. ٽئين وڏي تباهي ڄاڻ ٽيڪنالاجي ۽ ميڊيا جي ٿي آهي. ممڪن آهي ته ڊسمبر 2026ع يا جنوري 2027ع ۾ جڏهن نوان سياسي بلاڪ وجود ۾ اچن ته نوان فوجي اتحاد، نوان ٽيڪنالاجي معاهدا ۽ نوان معاشي ٺاهه به سامهون اچن. حڪومتي ۽ عالمي ادارا غير مؤثر ٿي چڪا آهن، تنهنڪري هاڻي تعليمي ادارن جي اهميت وڌندي. نئين نسل جي وچ ۾ سماجي رابطن وسيلي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. نوجوان سرحدن کان مٿانهان نيون تنظيمون به قائم ڪري سگهن ٿا.

اولهه ۾ قيادت ۽ حڪمران پنهنجي عوام جو اعتماد وڃائي چڪا آهن. هاڻي اوڀر جي دنيا لاءِ مضبوط امڪان پيدا ٿي رهيا آهن. ايران جي مزاحمت ان کي قيادت جو ڪردار ڏئي رهي آهي. جيڪڏهن ايشيا جي قيادت پنهنجي عوام تي اعتماد ڪندي فيصلا ڪري ته نوان ايشيائي اتحاد اولهه تي سبقت حاصل ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.