آمريڪا – ايران جنگ، سفارتي حل جي تڪڙي ضرورت

تحرير: سيد مجاھد علي

ايڪس تي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو پيغام ۽ امن جي خواهش جو اظهار، پاڪستان طرفان جنگ بندي لاءِ ڪيل ڪوششن جي حوالي سان هڪ مثبت اشارو آهي. پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بي صبري ۽ ڌمڪيون هن سفارتي عمل کي لڳاتار نقصان پهچائي رهيون آهن. ٻئي ڌريون جنگ بندي تي راضي نظر اچن ٿيون. ان لاءِ بنيادي نُڪتن تي به ڪنهن حد تائين اتفاق هجڻ گهرجي. پر هڪ پاسي ايران لاءِ آمريڪي واعدن تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي آمريڪي حڪومت اهڙا نتيجا چاهي ٿي جيڪي فوري طور حاصل ٿي وڃن، جڏهن ته موجوده پيچيده تڪرار ۾ اهو ممڪن ناهي. هن مسئلي جو حل ڌمڪين جي ٻولي ۾ ڳالهائي نٿو ڳولي سگهجي. ان بدران بهتر اهو ٿيندو ته ڌريون عارضي جنگ بندي تي راضي ٿي وڃن. ان کان پوءِ ڳالهين جي ميز تي ويهي هڪ ٻئي جي شرطن تي بحث ڪيو وڃي ۽ گڏيل طور اهڙو معاهدو تيار ڪيو وڃي جيڪو ڪنهن جي فتح يا شڪست جو اعلان نه هجي، پر امن جو پيغام بڻجي.

عارضي جنگ بندي سان هڪ ته ايراني عوام کي ڪجهه راحت ملندي ۽ روزانو ٿيندڙ بمباري بند ٿيڻ سبب ايراني قيادت کي به جنگي حالتن بدران امن واري معاهدي تي ڌيان ڏيڻ جو موقعو ملندو. ان سان گڏ عرب ملڪن تي ايراني حملن جو سلسلو بند ٿيڻ سان علائقي جي قوتن جي وچ ۾ پيدا ٿيل بي اعتمادي ۽ غير يقيني واري فضا به ڪنهن حد تائين گهٽجي سگهي ٿي. اهڙي طرح هڪ اهڙو ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ تڪرار ۾ شامل سڀ ڌريون جذباتي حالت بدران وسيع نظر سان فيصلا ڪري سگهن. صدر ٽرمپ ڏهه ڏينهن جي مهلت جو حوالو ڏيندي ڪجهه وقت اڳ ٻيهر اعلان ڪيو آهي ته ايران وٽ هاڻي صرف اٺيتاليهه ڪلاڪ بچيا آهن. جيڪڏهن هن مدت ۾ ايران معاهدو نه ڪيو ۽ هرمز واري سامونڊي لنگهه کي نه کوليو ويو ته آمريڪا ايران تي سخت تباهي مسلط ڪندو. هٿيارن ۽ بارود سان تباهي آڻي جيڪڏهن آمريڪي قيادت واقعي ايران کي ختم ڪرڻ يا ان مان پيدا ٿيندڙ سلامتي جي خدشن کي ختم ڪرڻ جو خواب ڏسي رهي آهي ته افسوس سان چوڻو پوندو ته ان خواب جو نتيجو تمام خوفناڪ ۽ ڏکوئيندڙ هوندو.

ايران ڪنهن به حالت ۾ ڌمڪين يا دٻاءُ هيٺ معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. جيڪڏهن ٽرمپ جي اعلان موجب آمريڪا ايران جي توانائي مرڪزن ۽ پاڻي صاف ڪرڻ وارن پلانٽن تي حملا ڪري ٿو ته ان سان ايراني عوام وڌيڪ تڪليفن ۾ مبتلا ٿيندا. اهڙو قدم عالمي اصولن جي خلاف هوندو. آمريڪا دعويٰ ڪئي هئي ته جنگ جو مقصد ايراني عوام کي آزادي ڏيڻ ۽ دنيا کي جوهري بليڪ ميلنگ کان بچائڻ آهي. پر جيڪڏهن ايراني عوام جي بنيادي ضرورتن جا ذريعا تباهه ڪري انهن جي همدردي حاصل ڪرڻ جو تصور ڪيو وڃي ٿو ته اهو تمام وڏو غلط اندازو آهي.

ايران اڳ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن ان جي توانائي مرڪزن تي حملا ٿيا ته هو به خليجي ۽ عرب ملڪن ۾ توانائي مرڪزن، پاڻي صاف ڪرڻ وارن ادارن ۽ ڄاڻ ٽيڪنالاجي جي مرڪزن کي نشانو بڻائيندو. جيڪڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل جي دعوائن کي صحيح به مڃجي ته گهڻا ايراني ميزائل تباهه ڪيا وڃن ٿا، تڏهن به گذريل هڪ مهيني دوران ايران اسرائيل کان علاوه ڪيترن عرب ملڪن ۾ ڪجهه هدفن کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. جيڪڏهن ايران جي توانائي ذريعن تي حملا ٿيڻ کان پوءِ ايران به اهڙا ئي جوابي حملا ڪري ٿو ته علائقي جي ڪيترن ملڪن ۾ زندگي مفلوج ٿي سگهي ٿي. آمريڪي قيادت کي سوچڻ گهرجي ته ايران کي تباهه ڪرڻ ۽ کيس پٿر جي دور ڏانهن واپس موڪلڻ جي جذبي ۾ ڪٿي پنهنجي انهن ساٿين کي ئي نقصان نه پهچائي ويهي جيڪي ڏهاڪن کان آمريڪي سلامتي لاءِ کربين ڊالر خرچ ڪندا رهيا آهن ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪي مفادن جو تحفظ ڪندا رهيا آهن. اهڙي حڪمت عملي ايران سان گڏ عرب ملڪن سان آمريڪا جي لاڳاپن تي به ڊگهي مدي وارا اثر ڇڏيندي.

ايراني پرڏيهي وزير اڄ بوشهر جي جوهري مرڪز ڀرسان آمريڪي ۽ اسرائيلي بمباري جو حوالو ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن انهن حملن سبب تابڪاري پکڙجي وئي ته رڳو ايراني عوام ئي متاثر نه ٿيندو، پر سڀ عرب ملڪ به ان جي اثر هيٺ اچي ويندا. هن خدشي کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي. ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي عظمت جا نعرا لڳائڻ باوجود دنيا جي اعتماد ۽ حمايت جا محتاج آهن. ايران خلاف هڪطرفي جنگ ۾ ساٿي ملڪن جي حمايت نه ملڻ سبب هو اڳ ئي مايوس آهن. اهڙي مايوسي ۾ کين ڪو اهڙو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي جيڪو آمريڪا کي وڌيڪ اڪيلو ڪري ڇڏي.جيڪڏهن ايران ۾ عام شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڪو قدم کنيو ويو ته آمريڪا جا دوست ۽ اتحادي ملڪ به پنهنجن لاڳاپن تي نظرثاني ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا. ڪيترائي مبصر اڳ ئي خبردار ڪري چڪا آهن ته آمريڪي اشتعال ٽئين عالمي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. صدر ٽرمپ ۽ سندس ساٿين کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهو تڪرار عالمي جنگ ۾ تبديل ٿي ويو ته ان جي تباهي ۽ نتيجن جو اندازو لڳائڻ ممڪن نه رهندو. اهڙي صورت ۾ اهو به ضروري ناهي ته جنگ جي پڄاڻي تي رڳو وچ اوڀر يا ايشيا جا ملڪ ئي تباهه ٿين يا آمريڪا وري ٻيهر عالمي طاقت بڻجي اڀري.

ٻئي طرف ايراني قيادت کي به آمريڪي دٻاءُ ۽ زيادتين جي باوجود پنهنجي عوام جي زندگين ۽ ايران جي مستقبل بابت سوچڻ گهرجي. هن جنگ ۾ ثابت قدم رهڻ ايران جي خودمختياري ۽ وقار لاءِ اهم ٿي سگهي ٿو، پر ساڳي وقت ان مان جلد کان جلد نڪرڻ جو رستو ڳولڻ ئي ايران جي بهترين مفاد ۾ هوندو. ان لاءِ ايران کي پنهنجي ڪجهه اميدن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ آمريڪا کي وڌيڪ للڪارڻ بدران ڳالهين جي ميز تي مراعتون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. پاڪستان کان علاوه مصر، ترڪي، سعودي عرب، چين ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ به هن عمل ۾ ايران جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ايران لاءِ جنگبندي طرف سنجيده قدم کڻڻ جو اهو ئي مناسب وقت آهي، نه ته حالتون ايران سان گڏ ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪن جي هٿن مان به نڪري سگهن ٿيون.

ايران ۾ قيادت جو بحران پڻ نظر اچي ٿو. اهو سچ آهي ته ايراني نظام اعليٰ قيادت جي شهادت باوجود حڪومتي نظام برقرار رکيو آهي، پر اهو واضح ناهي ته سياسي ۽ فوجي قيادت جي وچ ۾ رابطا ۽ اعتماد ڪهڙي حالت ۾ آهن. اهڙي ماحول ۾ رهبر اعليٰ مجتبيٰ خامنه اي جي غير موجودگي محسوس ڪئي پئي وڃي. ڪٿي به اهو واضح اشارو نٿو ملي ته ڇا هو آمريڪي بيانن موجب غير لاڳاپيل آهن يا جنگ بندي واري عمل ۾ سندن رهنمائي شامل آهي. جيڪڏهن مجتبيٰ خامنه اي فوجي ۽ سياسي قيادت جي وچ ۾ موثر رابطو قائم نٿا ڪري رهيا ته ان جو مطلب اهو ٿي سگهي ٿو ته پاسداران انقلاب جي ٻئي درجي جي قيادت وٽ اصل اختيار موجود آهي ۽ سياسي اڳواڻ انهن آڏو ڪمزور آهن.

جيڪي ايراني اڳواڻ پاڪستان سان رابطا ڪري ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، انهن کي پنهنجي پوزيشن ۽ طاقت جي ڍانچي ۾ پنهنجي حيثيت واضح ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن ايران طرفان ڪا گڏيل قوت جنگ بندي لاءِ ڳالهين تي تيار نه ٿي ته شايد هي معاملو ڪڏهن به حل نه ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.