بربريت ۽ جارحيت جو مثال قائم ڪندي جتي اسرائيل-آمريڪا جي انتها پسندي ايران خلاف زور وٺي رهي آھي ته يقينن ايران به ان جارحيت خلاف پاڻ ملهائيندي پنھنجي همت، جرئت ۽ ڀرپور طاقت سان مهاڏو اٽڪائيندي جوابي ڪارروائيون ڪندي اسرائيل ۽ آمريڪا جون متيون منجھائي ڇڏيون آھن. اسرائيل ۽ آمريڪا ايران کي هلڪو وٺندي هِن جنگ جو آغاز ته ڪري ڇڏيو آھي پر هاڻي ان جي ابتڙ يعني ايران مان هٿ ڇڏائڻ لاءِ انھن لاءِ ڏينھون ڏينھن مشڪل بڻجي رهيو آھي. آبنائي هر مز لنگھه بند هجڻ عالمي سطح تي دنيا لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آھي
ان جنگ دوران ايران پنھنجي عظيم سپريم ليڊر ۽ اهم اڳواڻن جي شھادت باوجود ظالم آڏو نه جھڪندي ۽ ثابت قدم رهندي پنھنجي دشمنن کي للڪاريندي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندي ڀرپور نموني سان جوابي ڪارروايون ڪندي کين پريشان ڪري ڇڏيو آھي. خاص طور تي ٽرمپ تمام گهڻو بوکلاهٽ جو شڪار بڻجندي پنھنجي عوام آڏو به پنھنجي ساک وڃائي چڪو آھي. ايران خلاف ٽرمپ جي اسرائيل سان گڏجي جارحيت کي رد ڪندي آمريڪي عوام ٽرمپ جو گهيرو تنگ ڪندي نظر اچي رهيو آھي. گذريل هفتي کان آمريڪي عوام ۽ ٽرمپ مخالف آمريڪي اڳواڻ ٽرمپ جي تنگ ذهن، غلط پاليسين ۽ سندس جارحيت پسند روين خلاف لکن جي تعداد ۾ آمريڪي روڊن تي سراپا احتجاج آھن. آمريڪا ۾ ٽرمپ خلاف احتجاجن ۽ مظاهرن ۾ ڏينھون ڏينھن شدت اچي رهي آھي، ٽرمپ خلاف آمريڪي عوام سراپا احتجاج بڻجي ”نو ڪنگز“ نالي تحريڪ هلائي ڇڏي آھي. ذريعن موجب گذريل ڪجھه ڏينھن اندر آمريڪي عوام ٽرمپ خلاف ”نو ڪنگز“ تحريڪ هلائيندي آمريڪا جي تقريبن 50 اسٽيٽس جي لڳ ڀڳ 3200 مختلف جڳهن تي لکن جي تعداد ۾ عوام روڊن تي نڪري ايران خلاف شروع ٿيندڙ اسرائيل-آمريڪا جارحيت ۽ ٽرمپ جي غلط پاليسين کي ڀرپور نموني رد ڪندي ٽرمپ ۽ سندس حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي ٽرمپ جي جارحيت ۽ انتھاپسندي کي دنيا آڏو وائکو ڪري ڇڏيو آھي.
نه رڳو آمريڪا پر آمريڪا کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ به رهندڙ آمريڪي شهرين پڻ ٽرمپ خلاف نو ڪنگز موومينٽ جو حصو بڻجندي احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو آهي، جنھن جو مثال فرانس جي گادي جي هنڌ پئرس ۾ آمريڪي رهائشين فرانس ليبر يونين ۽ انساني حقوق تنظيمن سان گڏجي ٽرمپ خلاف احتجاج ڪندي نظر آيا آھن. مطلب ته لکين ماڻھن جو ٻاهر روڊن تي نڪرڻ ان ڳالهھ جو دنيا کي واضح طور پيغام پهچي رهيو آھي ته آمريڪي عوام ٽرمپ جي جارحيت ۽ انتها پسندي کان ڪيترو بيزار ۽ تنگ ٿي چڪو آھي. ٻڌايو وڃي ٿو ته آمريڪي عوام طرفان اهڙو سخت ردعمل پهريون دفعو نه پر هن جي هن ٻئي دؤر جي هڪ سال اندر هي ٽئين تحريڪ هلي رهي آھي، جنھن ۾ لکين آمريڪي سندس خلاف روڊن ۽ وائيٽ هائوس جو گهيراءُ ڪندي سراپا احتجاج بڻيا آھن. ان کان پهرين گذريل سال جي جون مهيني ۾ به هڪ فوجي پريڊ جي تقريب دوران لکين مظاهرين روڊن تي نڪري سندس خلاف احتجاج ڪندي نظر آيا ۽ ان کان علاوه ان ئي سال جي آڪٽوبر جي مهيني ۾ پڻ ٽرمپ خلاف لکين ماڻھن ائين روڊن رستن تي نڪري احتجاج ڪيا هئا، يعني ٽرمپ کي پنھنجو عوام به کيس رد ڪري چڪو آھي ۽ لڳاتار انتهاپسندي کي رد ڪندي آخر انھن ”نو ڪنگز موومينٽ“ جو آغاز ڪيو آھي.
مطلب ته جمهوريت جي دعويدار ملڪ آمريڪا جو صدر ٽرمپ ڏاڍو سو گابو واري پاليسي تي هلندي پاڻ کي سپر پاور سمجهندي جيڪو وڻي سو ڪري واري عمل تي زور ڏئي رهيو آھي، جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آھن، جنهن مان تازو ايران سان جنگ ڇيڙڻ ان کان اڳ وينزويلا جي صدر کي سندس سرزمين تان کڻائي آمريڪا ۾ قيد ڪرائڻ ۽ وينزويلا ۾ پنهنجي مفادن خاطر پوري رجيم چئينج آڻي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻڻ، آرڪيٽڪ سي ۽ قدرتي معدنيات سان مالامال گرين لينڊ تي نظرون ۽ عالمي فلاحي تنظيمن سان مالي سهڪار ختم ڪندي انهن جي مالي سهڪار بند ڪرڻ اهي سڀ ان جي تنگ ذھني ۽ پاڻ کي سڀ کان سپر پاور سمجهڻ جون ڪَڙيون آھن پر موٽ ۾ آمريڪي عوام هن جي غلط پاليسين کي مڪمل رد ڪندي روڊن تي نڪري تحريڪون هلائي رهيا آھن. ايران رجيم تبديلي جو چئلينج ڪندڙ ٽرمپ پاڻ پنھنجي عوام جي سندس خلاف هلايل ”نو ڪنگز تحريڪ“ جو شڪار ٿيندي اهڙي ڄار ۾ ڦاسي پيو آھي، جنھن مان سندس نڪرڻ محال ٿي پيو آهي ۽ ايران رجيم تبديل ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ واري ٽرمپ لاءِ آمريڪي عوام طرفان شروع ٿيندڙ ”نو ڪنگز تحرڪ“ کان بچڻ يا آئينده اقتدار ۾ وري اچڻ هن لاءِ سواليه نشان بڻجي چڪو آھي.
گذريل هفتي کان آمريڪي عوام ۽ ٽرمپ مخالف آمريڪي اڳواڻ ٽرمپ جي تنگ ذهن، غلط پاليسين ۽ سندس جارحيت پسند روين خلاف لکن جي تعداد ۾ آمريڪي روڊن تي سراپا احتجاج آھن. آمريڪا ۾ ٽرمپ خلاف احتجاجن ۽ مظاهرن ۾ ڏينھون ڏينھن شدت اچي رهي آھي، ٽرمپ خلاف آمريڪي عوام سراپا احتجاج بڻجي ”نو ڪنگز“ نالي تحريڪ هلائي ڇڏي آھي. ذريعن موجب گذريل ڪجھه ڏينھن اندر آمريڪي عوام ٽرمپ خلاف ”نو ڪنگز“ تحريڪ هلائيندي آمريڪا جي تقريبن 50 اسٽيٽس جي لڳ ڀڳ 3200 مختلف جڳهن تي لکن جي تعداد ۾ عوام روڊن تي نڪري ايران خلاف شروع ٿيندڙ اسرائيل-آمريڪا جارحيت ۽ ٽرمپ جي غلط پاليسين کي ڀرپور نموني رد ڪندي ٽرمپ ۽ سندس حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي ٽرمپ جي جارحيت ۽ انتھاپسندي کي دنيا آڏو وائکو ڪري ڇڏيو آھي.