پاڪستان جي معيشت هن وقت هڪ انتهائي نازڪ دور مان گذري رهي آهي، جتي مهانگائي نه رڳو اقتصادي توازن کي متاثر ڪري رهي آهي، پر سماجي ڍانچي کي به ڌڪ رسائي رهي آهي. عام ماڻهو لاءِ بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته وچولي طبقو به آهستي آهستي غربت جي حدن ڏانهن وڌي رهيو آهي. مهانگائي جي موجوده لهر رڳو انگ اکرن جو مسئلو ناهي، بلڪه اها هڪ همگير بحران جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي جنهن جا اثر زندگي جي هر شعبي تي محسوس ٿي رهيا آهن.
گذريل ڪجهه سالن ۾ خوراڪ ۽ بنيادي شين جهڙوڪ اٽو، کنڊ، گهي، دالون ۽ سبزيون وغيره غير معمولي وڌي ويون آهن، جيڪي عام شهرين جي خريداري جي طاقت کان ٻاهر ٿي ويون آهن. ان سان گڏ بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ لڳاتار اضافو عوام جي مشڪلاتن کي وڌائي رهيو آهي. ڪرائي، تعليمي خرچ ۽ علاج پڻ زندگي کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. مهانگائي جي هن طوفان جا سبب نه رڳو داخلي آهن، پر عالمي ۽ مقامي عنصر به شامل آهن. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت ۾ اضافو، سپلائي چين ۾ رنڊڪون ۽ ڪرنسي جي قدر ۾ لاهه چاڙهه پاڪستان جهڙي درآمدي معيشت کي سخت متاثر ڪيو آهي. ان کان علاوه، ملڪ اندر پاليسي سازي ۾ تسلسل جي کوٽ، مالي نظم و ضبط جي ڪمزوري ۽ ناقص حڪمراني پڻ هن بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائين ٿيون.روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي درآمدي اشيا کي وڌيڪ مهانگو ڪيو آهي، جڏهن ته برآمدات ۾ خاطرخواه واڌ نه ٿيڻ سبب تجارتي خسارو وڌي رهيو آهي. توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرض ۽ انتظامي ڪمزوريون به قيمتن ۾ اضافي جو سبب آهن.
حڪومت جو ردعمل گهڻو ڪري عارضي ۽ ردعملي نوعيت جو رهيو آهي. مختلف دورن ۾ حڪومتون سبسڊي، پرائس ڪنٽرول ڪميٽيون ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوششون ڪيون آهن. فلاحي پروگرام جهڙوڪ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ احساس پروگرام ذريعي گهٽ آمدني وارن کي مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي. پر انهن قدمن جي افاديت محدود رهي آهي ڇو ته اهي مسئلي جي پاڙ تائين نٿا پهچن. سبسڊي جو نظام اڪثر بدعنواني، ناقص منصوبابندي ۽ سياسي مداخلت جو شڪار رهي ٿو. يوٽيلٽي اسٽورز تي شين جي کوٽ، ناقص معيار ۽ غير منصفاڻي ورهاست عام مسئلا آهن. پرائس ڪنٽرول ڪميٽيون گهڻو ڪري صرف ڪاغذي ڪارروايون ڪن ٿيون ۽ ذخيره اندوزي ۽ منافع خوري تي مؤثر قابو نه آڻي سگهن ٿيون. ٽيڪس نظام جي ساخت پڻ مهانگائي ۾ اضافي جو اهم سبب آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪس جو وڏو بار عام صارف تي پوي ٿو. روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ شين تي سيلز ٽيڪس ۽ ٻيا محصول قيمتن کي وڌيڪ وڌائين ٿا. ٽيڪس نيٽ جو محدود هجڻ ۽ اشرافيه جو ٽيڪس کان بچڻ، بار کي وڌيڪ غير منصفاڻو بڻائي ٿو. حڪومتي پاليسين ۾ تسلسل جي کوٽ هڪ وڏو مسئلو آهي. هر نئين حڪومت اڳوڻي پاليسين کي رد ڪندي نئين حڪمت عملي اختيار ڪندي آهي، جنهن سبب نه رڳو سرمايوڪار جو اعتماد متاثر ٿئي ٿو پر معيشي استحڪام پڻ خطري ۾ اچي ٿو. بين الاقوامي مالي ادارن جهڙوڪ آءِ ايم ايف سان معاهدن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون شرطون رکجن ٿيون جيڪي گهٽ مدت ۾ مهانگائي وڌائين ٿيون، جهڙوڪ توانائي جي قيمت ۾ واڌارو ۽ سبسڊي جو خاتمو.
مهانگائي جا سماجي اثر به نهايت سنگين آهن. غربت ۾ واڌ، بي روزگاري، ڏوهن جي شرح ۾ اضافو ۽ ذهني دٻاءُ معاشري ۾ تيزي سان وڌي رهيا آهن. وچولي طبقي، جيڪو معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي سمجهيو ويندو آهي، سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي. ان طبقي جي ڪمزوري سان نه رڳو معاشي سرگرميون متاثر ٿين ٿيون پر سماجي استحڪام پڻ خطري ۾ پوي ٿو.
موجوده صورتحال ۾ اهو سوال اهم آهي ته ڇا حڪومتي ردعمل واقعي مؤثر آهي؟ حقيقت اها آهي ته موجوده قدم مسئلي جي شدت جي مقابلي ۾ ڪافي نه آهن. ضرورت اها آهي ته حڪومت عارضي رليف سان گڏ مستقل اصلاحات تي به ڌيان ڏئي. زرعي ۽ صنعتي شعبن جي بحالي تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن مقامي پيداوار وڌي ۽ درآمدات تي انحصار گهٽجي. ٽيڪس نظام کي منصفاڻي ۽ سادو بڻائڻ گهرجي ته جيئن وڌيڪ ماڻهو ان ۾ شامل ٿي سگهن ۽ بار جو مناسب ورڇ ممڪن ٿي سگهي. گورننس جي نظام کي بهتر ڪري بدعنواني ۽ نااهلي جو خاتمو ڪيو وڃي. قيمتن جي نگراني جو نظام مؤثر بڻائي، ذخيره اندوزي ۽ منافع خوري خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. توانائي جي شعبي ۾ اصلاحات ذريعي گردشي قرض جو خاتمو ۽ سستي توانائي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. برآمدات کي هٿي ڏيڻ لاءِ صنعتي پاليسين کي مستحڪم ڪيو وڃي ۽ سرمايوڪار لاءِ سازگار ماحول مهيا ڪيو وڃي.اهو چئي سگهجي ٿو ته مهانگائي رڳو اقتصادي مسئلو نه رهي، بلڪه هڪ قومي بحران بڻجي چڪي آهي. ان جي حل لاءِ سياسي عزم، پاليسين ۾ تسلسل ۽ مؤثر عملدرآمد ضروري آهي. جيڪڏهن حڪومت بروقت ۽ جامع قدم نه کڻي، ته هي بحران وڌيڪ ڳڀير بڻجي سگهي ٿو ۽ ان جا اثر ايندڙ نسلن تائين محسوس ٿيندا.