ان وقت آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڄڻ مقابلو هو ته ڪير سڀ کان پهرين ان آمريڪي اهلڪار تائين پهچي ٿو، جيڪو جهاز ڪرڻ کان پوءِ ايران جي ڏکڻ واري جبلائي علائقي ۾ گم ٿي ويو هو. ريسڪيو مشن جا مڪمل تفصيل سامهون ناهن آيا، پر تجزئي نگارن ان کي ڏکڻ ايران ۾ هڪ تمام وڏو ۽ پيچيده جنگي ريسڪيو آپريشن قرار ڏنو آهي.ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته ڪارروائي دوران آمريڪي ۽ ايراني فورسز جي وچ ۾ جھڙپ به ٿي ۽ امڪان آهي ته اهلڪار جهاز مان نڪرندي زخمي ٿيو هجي. اهڙين حالتن ۾ ڪنهن پائليٽ کي ڪڍڻ آمريڪي فوج لاءِ سڀ کان ڏکيو ۽ انتهائي وقت جي پابندي وارو مشن هوندو آهي، جنهن کي ڪومبيٽ سرچ اينڊ ريسڪيو چيو ويندو آهي. اهي ڪارروايون عام طور تي هيليڪاپٽرن ذريعي ڪيون وينديون آهن جيڪي دشمن جي علائقي ۾ هيٺين اوچائي تي پرواز ڪندا آهن، جڏهن ته ٻيا جهاز علائقي جي نگراني ۽ حملي جي ذميواري سنڀاليندا آهن. صدر ٽرمپ موجب اهو ڪرنل ايران جي خطرناڪ جبلن ۾ دشمن جي علائقي اندر لڪايل هو ۽ هر گذرندڙ ڪلاڪ سان ايراني فورسز سندس ويجهو پهچي رهيون هيون.
آمريڪي اختيارين ٻڌايو ته اهو اهلڪار 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت جبلن ۾ اڪيلو رهيو ۽ رڳو هڪ هٿيار سان پنهنجي حفاظت ڪندو رهيو. آمريڪي اختيارين مسلسل سندس جڳهه تي نظر رکندا رهيا.
آمريڪي ميڊيا موجب F-15E جي پائلٽ کي کڻي وڃڻ وارو هڪ هيليڪاپٽر ننڍن هٿيارن جي فائرنگ جي زد ۾ آيو، جنهن سبب عملدارن مان ڪجهه زخمي ٿيا، پر هيليڪاپٽر محفوظ لهي ويو۔ پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته جابلو علائقن ۾ رهندڙ خانه بدوش قبيلن آمريڪي ريسڪيو مشن ۾ شامل ٻن بليڪ هاڪ هيليڪاپٽرن تي فائرنگ ڪئي۔ بي بي سي ويرفائي جمعي جي هڪ وڊيو جي تصديق ڪئي آهي، جنهن ۾ ٽي هٿياربند ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ ٻن بليڪ هاڪ هيليڪاپٽرن تي فائرنگ ڪندي نظر اچن ٿا۔ ايراني فوجي قيادت ٻنهي آمريڪي جهازن کي ڪيرائڻ جو سهرو پنهنجي نئين فضائي دفاعي نظام کي ڏنو آهي، جيئن سرڪاري خبر ايجنسي رپورٽ ڪيو آهي۔ ڪوهگيلوئيه ۽ بوئير احمد ايران جو ڏکڻ اولهه وارو جابلو صوبو آهي جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ ست لک آهي۔ هتي خانه بدوش قبيلن جا ماڻهو به رهن ٿا، جيڪي پري پهاڙي علائقن ۾ پنهنجن مال ۽ خيمن جي حفاظت لاءِ عام طور هٿيار رکندا آهن۔
ٻئي طرف خوزستان ايران جو اهم صنعتي ۽ تيل پيدا ڪندڙ صوبو آهي، جتي 47 لک کان وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا جن ۾ عرب، فارسي ڳالهائيندڙ ۽ ٻيا نسلي گروهه شامل آهن۔ هي صوبو ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔ F-15E هڪ اهڙو جنگي جهاز آهي جيڪو هوا کان هوا ۽ هوا کان زمين ٻنهي قسمن جا مشن انجام ڏئي سگهي ٿو۔ ايران جي تناظر ۾ اهي جهاز ممڪن آهي ته دفاعي ڪردار ۾ استعمال ٿي رهيا هجن، يعني ايراني ڊرونن ۽ ڪروز ميزائلن کي نشانو بڻائڻ لاءِ۔ زميني حملي جي ڪردار ۾ هي جهاز ليزر ۽ GPS سان هدايت ڪيل هٿيارن سميت مختلف قسم جا بم ڪيرائڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ هن جهاز ۾ ٻه اهلڪار هوندا آهن: پائلٽ ۽ ويپن سسٽمز آفيسر جيڪو هدف چونڊڻ ۽ هٿيارن جي پروگرامنگ جي ذميواري سنڀاليندو آهي۔ هي ٻه رڪني نظام خطرناڪ يا مصروف فضائي ماحول ۾ ڪم جي ورڇ سبب جهاز جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي ٿو، خاص طور تي جڏهن پائليٽ کي دشمن جي حملن کان بچندي پرواز ڪرڻي پوي۔ اڃا تائين اهو واضح ناهي ته آمريڪي جهاز ڇو ڪيرايو ويو، پر جيڪڏهن ان کي ايران نشانو بڻايو آهي ته سڀ کان وڌيڪ امڪان سطح کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جو آهي۔