چار مارچ: سنڌي شاگردن جي مزاحمتي تاريخ جو نه وسرندڙ باب

وجاھت حسين

جرمن مفڪر والٽر بينجامن چواڻي ”تاريخ جو اصل مقصد ماضيءَ جا قصا بيان ڪرڻ ناهي، پر ان ياداشت تي قبضو ڪرڻ آهي جنهن کي حڪمران طبقو ميسارڻ گهري ٿو“. سنڌ ۾ به اڄ نوجوانن کي پنهنجي تاريخي مزاحمتي حافظي کان محروم ڪيو پيو وڃي. اها ياداشت ئي اسان جي بقا آهي؛ ان کي ورجائڻ ۽ ان تي پنهنجو اختيار قائم رکڻ ئي اصل سياسي عمل آهي، ته جيئن اسان جي تاريخي سڃاڻپ گم نه ٿئي. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ڪي واقعا محض وقتي حادثا نه پر قومي شعور جي ارتقا جا اهم موڙ آهن.

اڄ کان ۵۹ سال اڳ، ۴ مارچ ۱۹۶۷ع تي حيدرآباد جي رستن تي وهندڙ شاگردن جو رت رڳو هڪ انتظامي مداخلت خلاف ردعمل نه هو، پر اهو ون يونٽ جي ان قهر خلاف هڪ منظم جدوجھد جو ڏينهن ھو جنهن سنڌ جي تاريخي وجود کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ۴ مارچ جو ڏينهن سنڌ جي شاگردن جي ان سياسي بلوغت جو گواهه آهي، جنهن نه رڳو آمريت جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو پر سنڌ جي سياسي قيادت کي نئون رت ۽ نئون رستو پڻ مهيا ڪيو. ۱۹۶۰ع وارو ڏهاڪو سنڌ لاءِ انتهائي گهٽ ٻوسٽ وارو هو. ون يونٽ ذريعي سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ٻوليءَ تي وار ڪيو ويو. ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي معاملن ۾ ڪمشنر مسرور حسن جي مداخلت ۽ وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان جي معطليءَ باهه تي تيل جو ڪم ڪيو. ۴ مارچ تي جڏهن ۲۰۷ شاگردن کي راجپوتانا اسپتال وٽ روڪي مٿن تشدد ڪيو ويو ۽ کين سينٽرل جيل موڪليو ويو، ته اها چڻنگ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي.

رواجي طور ڏٺو وڃي ته چار مارچ جي ڏھاڙي ھڪ احتجاجي ريلي تي پوليس پاران چڙھائي ڪري تشدد ۽ گرفتاريون ڪيون ويون جيڪو ته معامول بڻيل  ڳالهه آھي. پوءِ ان کي ايڏي پذيرائي ڇو ملي؟ اھو سمجھڻ تمام ضروري آھي! ھي ڏينهن رڳو هڪ واقعو ناهي، پر سنڌ جي قومي وجود جي بقا جو اعلان هو. ان دور ۾ ون يونٽ ذريعي سنڌ جي جاگرافيائي ۽ سياسي سڃاڻپ مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، ۽ رياست پاران سنڌي ٻوليءَ تي پڻ وار ڪيو ويو. اهڙي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پنهنجي رت جو نذرانو ڏنو، ته اهو رڳو وائيس چانسلر جي بحاليءَ لاءِ نه، پر سنڌ جي سياسي وقار جي بحاليءَ لاءِ هڪ مثال بڻجي ويو. هن واقعي جي پذيرائيءَ جو وڏو سبب اهو آهي ته هن "خوف جي بت” کي ٽوڙيو. اها پهرين اهڙي منظم مزاحمت هئي جنهن ۾ سنڌ جو وچولي درجي جو طبقو (Middle Class) ۽ پڙهيل لکيل نوجوان سڌي ريت رياستي جبر سامهون اچي بيٺا. هن تحريڪ سنڌ جي گهر گهر ۾ سياسي شعور پهچايو ۽ اها لهر اڳتي هلي ون يونٽ جهڙي ڪھري ڪوٽ جي ٽٽڻ جو بنياد بڻجي وئي. ان ڪري، هي ڏينهن رڳو تشدد جي ياد ناهي، پر اها سنڌ جي سياست ۾ شاگردن جي هڪ اهڙي فيصلائتي داخلا هئي جنهن سنڌ جي ايندڙ ڏهاڪن جي سياست جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو.

رسول بخش پليجي صاحب ۴ مارچ کي ورھاڱي کان بعد سنڌ ۾ جدوجھد جي "پنجين لهر” قرار ڏنو آهي. اها لهر جنهن ۾ سنڌ جي مڊل ڪلاس ۽ پورهيت طبقي جي نوجوانن سياست جي باغيچي کي پنهنجي رت سان سيراب ڪيو. هيءَ لهر سائين جي ايم سيد جي اڳوڻي ۾ چند محب وطن سان گڏ پارليامينٽري طريقن سان سنڌ دشمن سان مھاڏو، شخصي، علمي ۽ نظرياتي جدوجھد. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ عبدالقادر جي اڳواڻي ھيٺ ھاري ۽ قومي جدوجھد. سائين ابراهيم جوئي صاحب ۽ شيخ اياز جي اڳواڻي ھيٺ علمي ۽ ادبي جدوجھد ۽ تحريڪ جو منطقي نتيجو هئي.

جيڪڏهن اسين تاريخ جي ورقن کي اٿلايون ته شاگردن تي تشدد جو اڻکٽ سلسلو نظر ايندو جيڪو اڄ تائين جاري آھي. ۸ جنوري ۱۹۵۳ع تي ڪراچي جي شاگردن جي شهادت کان وٺي، ۹ آگسٽ ۱۹۸۰ع تي ڪامريڊ نذير عباسي جي چچريل لاش تائين، ۱۷ آڪٽوبر ۱۹۸۴ع تي ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ شاگردن جي قتل عام کان وٺي ڪيترن ئي قوم پرست شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن جي لاش ڏيڻ ۽ کنڀي گم ڪرڻ تائين. رياست هميشه شاگردن جي سياسي جدوجھد کي "لاءِ اينڊ آرڊر” جو مسئلو بڻائي کين جدوجھد کي سبوتاز ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آھي

اڄوڪي جديد دور ۾ به شاگرد يونين تي پابنديءَ تعليمي ادارن ۾ هڪ اهڙو خلا پيدا ڪيو ويو آهي جنهن جا نتيجا گھڻائي۾ سياسي ويڳاڻپ جي طور نظر اچن ٿا جنهن کي پر ڪرڻ لاءِ کاٻي ڌر (سوشلسٽ ۽ قوم پرست) جي شاگرد تنظيمون ڪوشان آھن. اڄ جڏهن اسين ۴ مارچ ملهائي رهيا آهيون، تڏهن اسان جون هاسٽلون فورسز جي نگراني هيٺ آهن، جتي هٿيارن جي نمائش علمي امن کي تباھ ڪري رهي آهي. ڳاٽي ٽوڙ فيون مڙهي پورهيتن جي ٻارن لاءِ يونيورسٽين جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن. اهڙيون پاليسيون جوڙيون ويون آهن جن سان سنڌ جي پوئتي پيل علائقن جا شاگرد اعليٰ تعليم کان محروم ٿي وڃن. يونيورسٽين ۾ نياڻين جا لاش ملڻ، ھراسمينٽ ۽ نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ هڪ روزاني جو معمول بڻجي ويو آهي. جڏهن به ڪو شاگرد پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاري ٿو، ته مٿس "دهشتگردي” جا ڪيس داخل ڪري کيس ڪورٽن جا مونھن ڏيکاري، جيلن ۾ واڙي ۽ ذھني اذيتون پيو ڏنيون وڃن.

اھو شاگردن کي "دهشتگرد” قرار ڏيڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مداخلت ختم ڪري، شاگردن کي جمهوري طريقي سان پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ "شاگرد يونين” جو حق ملڻ گهرجي. يونيورسٽين کي "وار زون” بڻائڻ بدران حقيقي سکيا جو مرڪز بڻايو وڃي. اھا بيچيني تڏهن ئي ختم ٿيندي جڏھن سنڌ جو شاگرد پنهنجي سرزمين تي بي خوف ٿي علم حاصل ڪري سگهندو ڇاڪاڻ ته يونيورسٽيون سکيا جو مرڪز ھونديون ذھني اذيت جا اڏا  نه…!

اڄ چار مارچ جو ڏينهن اسان کان تقاضا ڪري ٿو ته اسين رڳو يادگار تقريبون نه ملهائيندا رهون، پر ان سياسي شعور کي ٻيهر زنده ڪريون جيڪو اسان جي قومي بقا جي ضمانت آهي. ھي ڏھاڙو پاڻ وٽ پنھنجي سياست جي تجزيي جو ڏينهن آھي، تشدد جي پاليسي ھن رياست جي بنياد کان وٺي، 4 مارچ 1967 ۾ ، ويندي اڄ تائين ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ دھشت ۾ ساڳي آھي پر سوچڻو ۽ سمجهڻو اهو آهي ته پاڻ ڪٿي بيٺا آھيون.!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.