4 مارچ 1967ع جو اُهو ڏينهن صرف سنڌ يونيورسٽي جي هڪ انتظامي فيصلي خلاف احتجاج نه هو. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمٰن کي هٽائي سندس جاءِ تي ڊاڪٽر صالح قريشي کي ھڪ غير سنڌي ڪميشنر مسرور احسن جي چوڻ تي سنڌ يونيورسٽي جو نئون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو سنڌي شاگردن سنڌ يونيورسٽي سميت سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرائي ڪميشنر مسرور احسن خلاف ھڪ آواز ٿي احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو اُهو معاملو سنڌ اندر هڪ احتجاج نه پر چنگاري بڻجي ويو، اھڙي صُورتحال کي ڏسندي اندر ئي اندر شاگردن جي دلين ۾ گهڻو ڪجهه ٻري رهيو هو.
چار مارچ واري واقعي کان اڳ سنڌ جا قومي سڄڻن ون يونٽ جي خلاف متحرڪ ھئا سَڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي شھرن، توڙي ڳوٺن ۾ اُن تحريڪ جا پڙاڏا گونجي رهيا هئا تعليمي ادارن اندر سنڌي ٻولي تي پابندي نيڪالي ڏيڻ ۽ سياسي حقن بابت بيچيني وڌي چڪي هئي. شاگردن محسوس ڪيو ته سندن راءِ، سندن وسيلن ۽ سندن وجود کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي. اُهو احساس آهستي آهستي احتجاج ۾ بدلجي ويو. سنڌ يونيورسٽي کان جلوس جڏهن حيدرآباد طرف وڌڻ لڳو، جيئن ئي راجپوتانه اسپتال جي ويجهو پهتو ته اوچتو سامهون پوليس جي قطار نظر آئي. وردين جي نيري ۽ خاڪي رنگ ۾ بيٺل سيڪورٽي جي ماڻھن کي هٿن ۾ لٺيون ھيون. چهرا سخت ھئا شاگردن کي روڪڻ جا اشارا ڪيا ويا. شاگردن جون اکيون خوف کان ڪوھين ڏور ھيون جلوس رڪڻ جي بدران آهستي آهستي اڳتي وڌڻ لڳو ھڪ پل جي لاءِ ائين لڳي رھيو ڄڻ فضا ۾ سناٽو ڇائنجي ويو. شاگردن جا نعرا ٿورا آهستا ٿيا، پر بند نه ٿيا. قدم هم آهنگ ٿيڻ لڳا. نعرا هاڻي سرگوشين مان نڪري فضا ۾ بلند ٿيڻ لڳا. آواز ڪنهن هڪ گلي يا روڊ تائين محدود نه رهيو، پر ڀتين سان ٽڪرائجي، وڻن جي پنن کي لوڏي، کليل آسمان ڏانهن اُڀرڻ لڳو. اُهو آواز رڳو احتجاج نه هو، پر اُهو آواز سڃاڻپ جو اعلان هو. اُن وقت سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو ۽ شيخ اياز سميت سنڌ جا شاعر، اديب ۽ سياسي اڳواڻ ون يونٽ جي خلاف اُٿي کڙا ٿي بيٺا ۽ شاگردن جي پٺڀرائي ڪرڻ سان گڏ سنڌي قوم کي منظم ڪرڻ جي جاڳرتا مهم شروع ڪئي وئي جلوس اڳتي وڌندو ويو. نعرا هاڻي شهر جي فضا ۾ گونجڻ لڳا. شاگردن جا چهرا پگهر سان ڀرجي ويا هئا، اوچتو حڪم گونجيو ۽ حالتون بدلجي ويون. لٺيون مٿي اُٿيون، ڊوڙ ڊڪ شروع ٿي وئي، ۽ آنسو گيس جا شيل هوا ۾ ڦاٽا اکين ۾ ساڙ، ساهه ۾ تڪليف، پر قدمن ۾ پوئتي هٽڻ گهٽ هو. ڪو نوجوان پنهنجي زخمي ساٿي کي ڪلهي تي کڻي پاسي ڪري رهيا هئا، ڪو پنهنجي رومال سان ڪنهن جي اکين تان ڳوڙها گيس جا اثر گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ڌوڙ، دونهين، رڙين ۽ نعرن ۾ عجيب سنگم ھو. ڪيترن ئي شاگردن جي پيشاني تان رَتُ وهي رهيو هو، لٺين جي وار کان پوءِ به بيهي نعرو هڻي رهيا هئا. سڄي سنڌ يونيورسٽي جنگ جو ميدان بڻجي وئي سندس آواز ڏڪندڙ هو، پر ٽٽل نه هو. آنسو گئس شاگردن جي اکين ۾ رڪاوٽ بڻجي رھيو ھو ڌنڌلي نظر سان به پنهنجو بينر مضبوط پڪڙي بيٺو هئا. اُنهن لمحن ۾ ڊپ ۽ همت آمهون سامهون بيٺل هئا ۽ حيرت جي ڳالهه اُها هئي ته همت وڌيڪ مضبوط لڳي رهي هئي. جنھن کانپوءِ ڪيترن ئي شاگردن جون گرفتاريون شروع ٿيون. پوليس جي گاڏين جا دروازا کلي بند ٿي رهيا هئا. نوجوانن کي ڌڪيندي اندر وڌو پئي ويو، پر گاڏين جي اندر به نعرا بند نه ٿيا. ڪنهن کڙڪي مان هٿ ٻاهر ڪڍي مٺ ٺاهي مٿي ڪئي. اُهو منظر ڏسندڙن جي دلين ۾ ڪنهن تير وانگر لڳي رهيو هو. ائين لڳو ڄڻ هر گرفتار ٿيندڙ شاگرد پنهنجي جاءِ تي سئو نوان سوال ڇڏي وڃي رهيو هجي.
شهر جي گهٽين ۾ اُنهيءَ ڏينهن هڪ نئون احساس ڦهلجي ويو. ماڻهن کي خبر پئي ته يونيورسٽي جا اُهي ٻار رڳو پنهنجي لاءِ نه، پر سڄي سماج لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن. اُنهن جي زخمن مان وهندڙ رَتُ رڳو ذاتي تڪليف نه هو، پر اجتماعي بي حسيءَ خلاف لکيل احتجاج هو. اُن جدوجهد ۾ ڪيترائي شاگرد اڳواڻ نمايان ٿيا. جنھن جي سرواڻي ايڊوڪيٽ ماما يوسف لغاري، ڪامريڊ ڄام ساقي، نواب يوسف ٽالپر، مجيب پيرزادو، مسعود نوراني، ڪامل راڄپر، لالا خالد رفيق، اعجاز قريشي، جي اين مغل، خواجه سڪندر، قادر نواز قريشي، شڪور دائودپوٽي، نواز ڀٽو ، قاضي خضر حيات، قربان پنھور تاج محمد سولنگي سميت ۽ ٻيا ڪيترائي نوجوان، جيڪي اُن وقت شاگرد هئا، چار مارچ تحريڪ ۾ گرفتار ٿيل شاگردن کي جيلن مان آزاد ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي مشهور قانوندان مرحوم محمد ميمڻ، رسول بخش پليجو، حميد سنڌي، امان الله عباسي، غلام حيدر ميمڻ، عثمان ابڙو ۽ ٻين وڪيلن پڻ شاگردن جو ڀرپور ساٿ ڏنو چار مارچ تحريڪ ۾ سنڌ جي ناليواري صحافي ۽ تجزينگار جي اين مغل، پروفيسر اعجاز قريشي پڻ اھم ڪردارن ادا ڪيو. اڳتي هلي سنڌ جي سياسي تاريخ جا اهم نالا بڻيا. اُنهن شاگردن کي منظم ڪيو ويو، جذبات کي شعور سان جوڙيو ۽ احتجاج کي هڪ واضح رخ ڏنو جيڪو اڄ تاريخ ۾ زندھه آهي.
شام جو جڏهن سج لهڻ لڳو ته شهر تي هڪ ٿڪاوٽ ڀري خاموشي ڇانئجي وئي، پر اُها خاموشي مئل نه هئي. اُها طوفان کان پوءِ واري خاموشي هئي، جنهن ۾ ايندڙ ڏينهن جي گونج لڪل هوندي آهي. هاسٽلن جا ڪمرا خالي خالي لڳي رهيا هئا، ڪيترائي بسترا پنهنجن مالڪن کان سواءِ هئا، پر ڀتين تي لڳل پوسٽر، ميزن تي پيل ڪتاب ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ گونجندڙ ڏينهن جا نعرا ٻڌائي رهيا هئا ته ڪجهه وڏو ٿي گذريو آهي. اُن ڏينهن شاگردن صرف احتجاج نه ڪيو هو، پر هنن خوف جي ڀت ۾ دراڙ وڌي ڇڏي هئي. هنن ثابت ڪيو ته نوجوان آواز کي دٻائڻ آسان ناهي. اُنهن جي اکين ۾ خواب هئا، پر اُهي خواب صرف ذاتي ڪاميابي جا نه، پر اجتماعي سڃاڻپ ۽ حقن جا هئا.چار مارچ جو اُهو ڏينهن وقت سان گڏ هڪ تاريخي علامت بڻجي ويو، پر جيڪڏهن اکيون بند ڪري تصور ڪجي ته اڄ به اُهو منظر زندهه ٿي اُڀري ٿو. سج جي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌندڙ نوجوان چهرا، هوا ۾ ڦڙڪندڙ بينر، اکين ۾ ساڙ هوندي به نعرا هڻندڙ آواز، ۽ لٺين جي وار آڏو به نه جهڪندڙ ارادا ھئا شاگردن پنهنجي همت سان تاريخ جو رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي. چار مارچ اسان کي ياد ڏياريندو رهي ٿو ته جدوجهد رڳو ڪتابن جا باب نه هوندي آهي، اُها جيئري ماڻهن جي ساهن، زخمن، آنسن ۽ نعرا مان ٺهندي آهي. ۽ جڏهن شاگرد اُٿي بيهن ٿا، تڏهن رڳو ڪيمپس نه، پر سڄو سماج جاڳڻ لڳندو آهي.