فيبروري 2026 جي اٺاويهين تاريخ عالمي تاريخ ۾ هڪ اهڙي ڪاري باب طور لکجي چڪي آهي، جنهن عالمي اصولن ۽ رياستي نظام جون بنيادون لوڏي ڇڏيون آهن. فسلطين ۾ اسي ھزار کان مٿي بي گناھ انسانن جي قتل واري تاتار جھڙي بربريت کانپوءِ؛ آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل فوجي آپريشن، جنهن کي صدر ڊونلڊ ٽرمپ "ايپڪ فيوري” ۽ اسرائيلي وزير اعظم "روئرنگ لائن” جو نالو ڏنو، وچ اوڀر جي جاگرافيائي ۽ سياسي نقشي کي مستقل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هي حملو رڳو ايران جي جوهري پروگرام کي روڪڻ جي ڪوشش نه هئي، پر هي هڪ وسيع اسٽريٽجڪ جارحيت آھي جنهن جو مقصد تهران جي اقتدار جي ساخت کي بدلائڻ هو. ان دھشت جو سڀ کان ڏکائيندڙ پھلو ايراني سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي جي شهادت آھي، جنهن نه رڳو ايران پر پوري عالمِ اسلام لاءِ هڪ بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هي واقعو رڳو هڪ اڳواڻ جو وڃڻ ناهي پر ان "مزاحمتي محور” جي مرڪزِ ثقل جو ظاهري خاتمو آهي جيڪو ڏهاڪن کان خطي ۾ اولھه ۽ اتر جي بالادستي ۽ صهيوني قوتن آڏو ديوار بڻيل هو.
عالمي نظام جو زوال ۽ طاقت کي قانون بڻائڻ
هن حملي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته گڏيل قومون ۽ عالمي قانون هاڻي رڳو ڪتابي ڳالهيون رهجي ويا آهن. جڏهن آمريڪا ۽ ان جو ويجهو اتحادِي اسرائيل ڪنهن ٻي خودمختيار رياست جي سربراهه ۽ نظرياتي پيشوا کي نشانو بڻائين ٿا، ته ان نئين خطرناڪ سفارتي وھنوار ۾ رياستي خودمختاريءَ جو تصور عملي طور دفن ٿي وڃي ٿو. اسرائيل جي "اڳواٽ دفاع” جي منطق يا بھانو هاڻي هڪ عالمي معيار ۽ “جيڪو ڏاڍو سو گابو” وارو عملي گھاڙيٽو بڻجي ويو آھي، جتي طاقتور رياستون پاڻ ئي خطري جي وصف جوڙين ٿيون، پاڻ ئي فيصلو ٻڌائين ٿيون ۽ پاڻ ئي سزا تي عملدرآمد ڪن ٿيون. سيد علي خامنه اي جي شهادت ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته هاڻي جنگين جا هدف صرف فوجي تنصيبون ناهن پر رياستن جي نظرياتي اساس ۽ قيادت پڻ آهي. پاڪستان لاءِ هي لاڙو انتهائي خطرناڪ آهي ڇو ته ان ڪري عالمي نظام کي هڪ اهڙي "فري فار آل” “ جنھن کي جيئن وڻي تيئن ڪري” واري حدن ۾ آڻي ڇڏيو آھي، جتي عالمي ادارا خاموش تماشائي بڻجي چڪا آهن ۽ سلامتي ڪائونسل جي ويٽو واري سياست اجتماعي تحفظ جي تصور کي اپاھج ڪري ڇڏيو آهي.
ھندستان-اسرائيل ڳٺ جوڙ:
هن پوري منظرنامي ۾ پاڪستان لاءِ سڀ کان سنگين پاسو ڀارت ۽ اسرائيل جو وڌندڙ اسٽريٽجڪ ٺاھ آهي. ايران تي حملي جي ڪاميابيءَ نئين دهلي جي جارحاڻي حلقن کي هڪ نئون خطرناڪ حوصلو بخشيو آهي. اسرائيلي ڊرون ٽيڪنالاجي، سيٽلائٽ انٽيليجنس ۽ جديد ترين سائبر وارفيئر جون صلاحيتون تيزيءَ سان ڀارت ڏانهن منتقل ٿي رهيون آهن. ڀارت هاڻي اسرائيل جي "ايراني ماڊل” کي پنهنجي "پراهار” ڊاڪٽرائن سان سلھاڙي رهيو آهي، جنهن جو مقصد سرجيڪل اسٽرائڪس کي ڪنھن ٻي ملڪ ۾ وڃي معمول بڻائڻ آهي.ھندستان اڳ به اھڙيون دعوائون ڪندو رھيو آھي، ھاڻ انھن کي ھو سچو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو۔ اسرائيل ۽ ڀارت جو هي ڳانڍاپو، جنهن کي ماهر "هيڪساگون فريم ورڪ” سان تعبير ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي جوهري ڊيٽرنس کي سڌو سنئون چئلينج ڪرڻ جي ڪوشش پڻ آھي. جيڪڏهن ھندستان کي اھا پڪ ٿي ۽ ھو سمجهي ته عالمي برادري ايران جهڙي وڏي ملڪ جي اڳواڻي تي حملي ۽ ان جي جوهري صلاحيتن جي تباهي تي خاموش رهي سگهي ٿي، ته ھندستان پڻ ڪنهن "فالس فليگ آپريشن” جو سهارو وٺي پاڪستان خلاف اهڙي ئي مهم جوئي جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. جيتوڻيڪ مئي ۲۰۲۵ واري شڪست کيس ياد ھوندي، پر اسانکي پنھنجي حڪمت عملي کي نئين سر ڏسڻو پوندو۔
گهڻ رخي سرحدي خطرا: ٽرپل فرنٽ جو چئلينج
سيد علي خامنه اي جي شهادت کان پوءِ ايران جي اندر پيدا ٿيندڙ سياسي غيريقيني ۽ نظرياتي بي چيني پاڪستان تي پاڙيسري ملڪ ھئڻ ناتي اثرانداز ٿي سگھي ٿي. پاڪستان کي هاڻي رڳو ٻن نه پر ٽن طرفن کان سيڪيورٽي چئلينجز کي منھن ڏيڻو آهي. اولهه جي محاذ يعني ايران ۾ سياسي اٿل پٿل جي ڪري بلوچستان ۾ شدت پسند تنظيمون ان افراتفري جو فائدو وٺي پاڪستان جي اندر دهشتگردي جي لهر پيدا ڪري سگهن ٿيون. اتر جي محاذ يعني افغانستان سان سرحدي تڪرار، ٽي ٽي پي جي موجودگي ۽ سرحد پار کان فائرنگ جي واقعن هن خطي کي هڪ فليش پوائنٽ بڻائي ڇڏيو آهي، جتي هاڻي سمارٽ سرويلنس ۽ گهڻ رخي دفاعي پوزيشنون اڻٽر آهن. جڏهن ته اوڀر جي محاذ تي ھندستان ڪشمير يا بين القوامي سرحد تي دٻاءُ وڌائي سگهي ٿو ته جيئن پاڪستان جو ڌيان ورهايل رهي.
هرمز جي پٽي ۽ معاشي محاذِ جنگ
ايران پاران هرمز جي پٽي کي غير محفوظ قرار ڏيڻ عالمي معيشت، خاص ڪري ايشيا لاءِ وڏا مالي بار آڻي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ ته عالمي تيل جي واپار جو ويهه سيڪڙو حصو انهيءَ رستي تان گذري ٿو. جڏھن ته ان جو سٺ کان اسي سيڪڙو ايشيا لاءِ ھوندو آھي۔ ان جي نتيجي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ شروع ٿي چڪو آھي. پاڪستان تي پڻ ان جا ڳرا اثر پوندا۔ گوادر بندرگاهه، هن جنگي صورتحال ۾ هڪ طرف اهميت اختيار ڪري ويو آهي، پر ٻئي طرف اهو دشمن جي انٽيليجنس ادارن جي نشاني تي پڻ آهي جيڪي ان کي ناڪام بڻائڻ چاهين ٿا.
داخلي سياسي ايڪو
ٻاھرن خطرن جو مقابلو ان وقت تائين ممڪن ناهي جيسين رياست اندروني طور مستحڪم نه هجي. پاڪستان هن وقت سياسي ڇڪتاڻ ۽ معاشي ڏچن کي گھڻ پاسائو منھن ڏئي رھيو آھي۔ دشمن قوتون، خاص ڪري ڀارت-اسرائيل ڳٺ جوڙ، اسانجي اندروني اختلافن کي هوا ڏئي رياست کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پاڪستان کي هڪ اهڙي قومي ميثاق (National Covenant) جي ضرورت آهي جتي تمام سياسي قوتون، سيڪيورٽي ۽ پرڏيهي پاليسي بابت گڏيل سوچ سان ھجن. سياست کي صحيح بصيرت سان اڳتي آڻڻ، مخالف سياسي پارٽين کي گڏ کڻي ھلڻ، سياسي اختلاف راءِ کي عزت ڏيندي، سڀن کي ٻڌڻ ۽ گڏيل سياسي سمجھ ۽ تدبر اپنائڻ ئي بھتر رستو آھي۔
تاريخي امتحان
هن سنگين صورتحال ۾ پاڪستان جو جواب هاڻي رڳو بيانن تائين محدود نٿو رهي سگهي، اسان کي ھاڻ هڪ مربوط قومي سلامتي پاليسي اپنائڻ جي ضرورت آهي. اسرائيل ۽ ڀارت جي تڪنيڪي ڳٺ جوڙ جو ٽوڙ ڪرڻ لاءِ چين سان ملي ڪري سائبر ۽ ميزائل ڊيفنس شيلڊ جي جوڙجڪ ڪرڻي پوندي. اتر جي محاذ تي دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ افغانستان سان سرحدي تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ مضبوط سفارتي چينل قائم ڪرڻا پوندا، جڏهن ته ايران جي علائقائي سالميت جي حمايت سان گڏ عالمي قوتن سان معاشي مفادن جو توازن برقرار رکڻ به ضروري آهي. هي وقت سياسي نعره بازي جو ناهي پر رياستي ترجيحن کي درست ڪرڻ جو آهي. جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجي سرحدن جي اسٽريٽجڪ مئنيجمينٽ ۽ سياسي هم آهنگي تي توجه نه ڏني، ته عالمي طاقتن جي هيءَ نئين ترتيب اسان کي خدا نه ڪري، وڏو نقصان رسائي سگهي ٿي. پاڪستان جي بقا ان جي اسٽريٽجڪ بصيرت ۽ دشمن جي "ٽرپل فرنٽ” وارفيئر کي ناڪام بنائڻ جي صلاحيت ۾ لڪيل آهي.ٻن ڏينھن ۾ اسان ڏٺو آھي ته ڪراچي کان گلگت بلتستان تائين ھڪ وسيع احتجاج جي ڪري پاڪستاني نوجوانن جو رت پڻ وھيو آھي ۔ اھو پڻ ڏس ڏي ٿو ته اسان جون پنھنجون انتظامي ۽ حڪمراني ڪمزوريون پڻ گھڻيون آھن، جن کي چڱي ريت ڏسڻ ۽ پنھنجي غلطين کي تسليم ڪري سڌارڻ جي ضرورت آھي۔ اسان ملڪ جي اندر ته سياسي جوڙ توڙ ڪري وٺندا آھيون؛ پر عالمي تناظر ۾ گھڻو ڪجھه بھتر ۽ گڏجي سمجھي ڪرڻ جي ضرورت آھي۔