هي ايران لاءِ خاص طور تي ۽ اسلامي دنيا لاءِ عام طور تي نهايت ڏکيو وقت آهي صورتحال اها آهي ته ايران جي رهبرِ اعليٰ آيت الله علي خامنه اي ۽ ملڪ جا ڪي اهم فوجي اڳواڻ اسرائيلي هوائي حملن ۾ مارجي چڪا آهن۔ ايران وٽ ايتري سگهه ناهي جو هو انهن حملن کي روڪي سگهي۔ وٽس اهڙو ڪو دفاعي نظام موجود ناهي، جيڪو ايندڙ حملن کي روڪي سگهي۔ هن وٽ ايتري طاقت به ناهي جو پنهنجي خلاف ٿيندڙ جارحيت جو اثرائتو جواب ڏئي سگهي، سواءِ ان جي ته ڪجهه ميزائل فائر ڪري ڇڏي۔ ايران جي چوڌاري ڪيترن ئي ملڪن، جهڙوڪ سعودي عرب، قطر، بحرين ۽ گڏيل عرب امارات ۾ آمريڪي فوجي اڏي موجود آهن۔ دنيا جا وڏا تيل ۽ گئس جا ذخيرا انهن ملڪن ۾ آهن۔
سعودي عرب آمريڪا سان لڳ ڀڳ هڪ ٽريلين ڊالر جي واپاري معاهدن تي صحيون ڪيون آهن، جنهن جو وڏو حصو هٿيارن جي خريداريءَ تي خرچ ٿيندو۔ سوال اهو آهي ته انهن حقيقتن کي ڪيئن هڪ سلسلي ۾ پرولي سمجهيو وڃي ته جيئن انهن سببن کي سمجهي سگهجي، جن جي نتيجي ۾ ايران ۽ پوري اسلامي دنيا کي وڏي خواري ۽ ذلت کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔
ايران تي حملو يقينن اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان بربريت ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي جي برابر آهي۔ پر اها به حقيقت آهي ته ملڪن جي وچ ۾ قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪو مضبوط عالمي نظام موجود ناهي۔ هر ملڪ جا پنهنجا مفاد آهن، ۽ عام طور انهن مفادن جي حاصلات ۾ ڪا مضبوط رنڊڪ نه هوندي آهي۔ ڪو اهڙو ادارو موجود ناهي جيڪو حملي ڪندڙ جو تعين ڪري، کيس مجرم قرار ڏئي، سزا تجويز ڪري ۽ پوءِ ان سزا تي عملدرآمد ڪرائي سگهي۔
موجوده حالتن ۾ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته ايران هن بدقسمت صورتحال تائين ڇو پهتو؟ ايران ته تيل جي دولت سان مالامال ملڪ آهي۔ وٽس ايتري دولت آهي جو هو نه رڳو پنهنجي عوام کي بهترين زندگي ڏئي سگهي ٿو، پر پوري خطي ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو۔ سندس تاريخي ورثو ايترو شاندار آهي جو ٿوريون ئي تهذيبون ان جو مقابلو ڪري سگهن ٿيون۔ پر اڄ هو جن حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهي ڪنهن الميي کان گهٽ ناهن۔ ائين ڇو ٿيو؟ جڏهن ڪنهن انسان تي آفت اچي ٿي ته سڀ کان پهريون ردعمل اهو هوندو آهي ته ٻين کي ذميوار ٺهرائي پاڻ کي بيگناهه قرار ڏنو وڃي۔ اهو رجحان ملڪن ۾ به ڏٺو ويندو آهي۔ پر ڪامياب ۽ زنده قومون اهي آهن، جيڪي پنهنجي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌنديون آهن۔ سڀ کان سخت احتساب دشمنن جو نه، پر پنهنجو ڪرڻ ضروري هوندو آهي۔ دشمن ڇا ڪري ٿو، ان تي ڪنهن جو ڪنٽرول ناهي، پر پنهنجي سڌاري لاءِ ڪهڙا قدم کڻجن، اهو ضرور پنهنجي اختيار ۾ هوندو آهي۔ هاڻي ڪجهه ڪڙيون حقيقتون آهن، جن تي ٿڌي دماغ سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي۔
ايران انهن ملڪن سان سخت دشمني اختيار ڪئي، جن وٽ کيس نقصان پهچائڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي، جڏهن ته ايران وٽ ان جو برابر جواب ڏيڻ جي گنجائش محدود آهي۔ اهو تسليم ٿيل اصول آهي ته دانائي جذباتي بيانن ۾ نه، پر حقيقتن جي سڃاڻپ ۾ هوندي آهي۔ پنهنجي سگهه جو اندازو لڳائڻ ضروري آهي۔ آمريڪا وٽ اها صلاحيت آهي جو هزارين ميل پري عمارت کي نشانو بڻائي سگهي ٿو۔ اهڙي صورتحال ۾ دانائي ان ۾ هئي ته اهڙا حالتون ئي پيدا نه ڪجن، جتي ذلت ۽ نقصان جو امڪان هجي۔ مسئلو صحيح يا غلط جو نه، پر پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي بقا جو آهي۔
هڪ مثال هن ڳالهه کي واضح ڪري ٿي۔ جڏهن 1949ع ۾ چين ۾ مائوزي تنگ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميونسٽ انقلاب آيو ته نيشنلسٽ قوتن تائيوان ۾ حڪومت قائم ڪئي، جنهن کي آمريڪا ۽ اولهه جي حمايت حاصل هئي۔ ان حقيقت جي باوجود ته چين تائيوان کي پنهنجو اڻ ٽٽ حصو سمجهي ٿو، هن اڄ تائين طاقت ذريعي ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي۔ اهو نه ته چين وٽ طاقت ناهي، پر هن کي خبر آهي ته نتيجي ۾ آمريڪا ۽ مغربي ملڪن سان وڏي دشمني پيدا ٿيندي، جنهن کي برداشت ڪرڻ ڏکيو هوندو۔ چين پنهنجي سموري توانائي معاشي ترقي تي مرڪوز ڪئي ۽ ايتري ڪاميابي حاصل ڪئي جو آمريڪا به هاڻي ان کان خائف آهي۔ اهو مثال واضع ڪري ٿي ته ترقي ڪرڻ لاءِ جنگ کان هر قيمت تي پاسو ڪرڻ ضروري آهي۔
ايران ۾ اسلامي انقلاب جنوري 1979ع ۾ آيو۔ لڳ ڀڳ اڌ صدي گذري وئي۔ اهو وڏو عرصو آهي۔ ان عرصي دوران ايران کي عالمي پابندين کي منهن ڏيڻو پيو۔ حتيٰ جو پاڙيسري ملڪ پاڪستان، جتي عوامي سطح تي دوستاڻا جذبا موجود آهن، به واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو۔ اها ايران جي پرڏيهي پاليسي ۽ پاسدارانِ انقلاب جي وڏي ناڪامي آهي ته هو دنيا سان اهڙا لاڳاپا قائم نه ڪري سگهيا، جيڪي بقا ۽ ترقي جي ضمانت بڻجن۔ اهو به غور طلب آهي ته ڪنهن اسلامي ملڪ هن وقت ايران جي کليل حمايت نه ڪئي۔ لڳي ٿو ايران اڪيلو بيٺو آهي۔
هڪ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪو ملڪ خود عالمي طاقت نه هجي ته پوءِ پري ملڪن بابت جذباتي ٿي جنگي صورتحال پيدا ڪرڻ دانائي ناهي۔ ايران ۽ اسرائيل پاڙيسري به ناهن۔ سندن وچ ۾ عراق ۽ اردن جهڙا ملڪ موجود آهن۔ فلسطين جي مسئلي ۾ اصل جغرافيائي ڪردار اردن جو آهي، پر اسرائيلي ميزائل اردن جي فضائي حدن مٿان گذري ايران کي نشانو بڻائيندا رهيا ۽ اردن پنهنجي سگهه جو اندازو لڳائيندي خاموش رهيو۔
گذريل سالن ۾ ايران جو سڀ کان وڏو مسئلو سندس ايٽمي پروگرام رهيو آهي۔ جيڪڏهن ايران وٽ ايٽمي طاقت اچي به وڃي ته هو ان کي ڪنهن خلاف استعمال ڪندو؟ پاڙيسري ملڪن سان سڌو سنئون اهڙو ڪو خطرو نظر نٿو اچي، ۽ اسرائيل ايترو پري آهي جو ايران تي بمباري ته ڪري سگهي ٿو، پر ايران تي قبضو ڪري وسيلن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي۔ اهڙي صورتحال ۾ دانائي جو تقاضو اهو آهي ته ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام بابت شڪ شبها ختم ڪري، پابندين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ۽ عالمي برادريءَ ۾ پنهنجو جائز مقام ٺاهي۔ ڪنهن به ملڪ جو بنيادي مقصد اهو هجڻ گهرجي ته اهڙو نظام قائم ڪري، جتي ماڻهو امن ۽ سڪون سان خوشحال زندگي گذاري سگهن۔ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن اقتدار وارا پنهنجي عوام کي هر قيمت تي جنگ کان پري رکن۔ جيڪي حڪمران پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ جنگي جنون کي هوا ڏين ٿا، سي ملڪ جا خيرخواه ناهن ٿي سگهن۔