عورت کي زبردستي مڙس ڏانهن موڪلڻ جو اختيار محدود آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ حقوق زوجيت جي ادائيگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اهو واضح ڪيو ته عدالت وٽ عورت کي زبردستي مڙس ڏانهن موڪلڻ جو اختيار محدود آهي.
جسٽس جمال مندوخيل جي سربراهي ۾ 5 رڪني شريعت اپيليٽ بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو.
ٻڌڻي دوران بينچ ڪيترائي اهم سوال اٿاريا، جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالت عورت کي مڙس ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن عورت عدالتي فيصلو نه مڃي ته ڇا ان کي گرفتار ڪيو ويندو.
جسٽس عرفان سعادت ان معاملي ۾ وضاحت طلب ڪئي ته عدالت حقوق زوجيت جي ادائيگي تي عورت کي ڪنهن حد تائين مجبور ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته جسٽس شاهد وحيد ملڪيت ضبطگي ۽ گرفتاري جي شرعي حيثيت تي سوال اٿاريا.
ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته نڪاح هڪ معاهدو آهي ۽ ٻئي ڌريون عملدرآمد جون پابند آهن، جيڪڏهن عورت مڙس وٽ وڃڻ نٿي چاهي ته اها خلع حاصل ڪري سگهي ٿي، اهڙي ريت جيڪڏهن مڙس عدالتي حڪم باوجود خرچ جي ادائيگي نٿو ڪري ته ان کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو.
هن زور ڏنو ته قانون مڙس ۽ زال ٻنهي لاءِ برابر آهي.
بينچ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عورت ضد ۾ چئي ته مڙس سان گڏ ناهي وڃڻو ۽ خلع به ناهي وٺڻي ته عدالت کي ان صورتحال جو حل ڪڍڻو پوندو ۽ جيڪڏهن مڙس به ضد ڪري ته نه گڏ رکندس ۽ نه طلاق ڏيندس ته ان جو حل به عدالتي ڪارروائي تحت ڪڍيو وڃي.
سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اپريل جي پهرئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.