پاڪستان جي سياست ۾ اختلافِ راءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي. تاريخ ۾ ڪيترائي موقعا آيا جڏهن سياسي قوتن جا موقف سخت ٿي بيهي رهيا، پر ان وچ ۾ ڪنهن ڀلي ماڻهو يا بزرگ اڳتي وڌي ٻنهي ڌرين جي موقف کي هڪ گڏيل ايجنڊا ۾ وجهي ڇڏيو. ڳالهه ٻولهه ٿي، سڀني ٻڌو، پوءِ ڪجهه پوئتي هٽي ۽ ڪجهه مطالبا مڃرائي معاملو سلجهائي ڇڏيو ويو. افسوس جو اڄ نوابزادہ نصرالله خان جهڙا ڪردار سياسي صفن ۾ نظر نٿا اچن. سياسي ميدان اهڙو آهي جتي نظرين جو ٽڪراءُ به ٿيندو آهي ۽ شخصيتن سان جذباتي وابستگي به پيدا ٿيندي آهي. پر هڪ پاسو اهڙو به آهي، جنهن تي عام طور اتفاق ملي ٿو، ۽ اهو آهي انساني وقار ۽ بنيادي حقن جو تحفظ. جڏهن به ڪنهن سياسي اڳواڻ جي صحت يا علاج جو سوال سامهون اچي ٿو ته اهو معاملو رڳو سياست تائين محدود نٿو رهي، پر انساني همدردي، قانوني تقاضن ۽ رياستي ذميوارين جي دائري ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. انهن ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم ۽ باني تحريڪ انصاف عمران خان جي صحت بابت بحث ٻيهر قومي گفتگو جو حصو بڻيل آهي. هن بحث ۾ جذبات، سياسي ترجيحون ۽ قياس آرائيون سڀ شامل آهن، جنهن ڪري معاملو وڌيڪ پيچيده ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
اهڙي ماحول ۾ ضروري آهي ته مسئلي کي سياسي تناظر بدران اصولي ۽ انساني زاويي سان ڏٺو وڃي. ڪنهن به قيدي جا حق ملڪي قانونن ۽ جيل قاعدن موجب طئي ٿين ٿا. انهن قاعدن تحت قيدي کي بنيادي طبي سهولتون مهيا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. دنيا ڀر ۾ قيدين جي علاج کي انساني حقن جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ به عدالتي نظيرون ٻڌائن ٿيون ته صحت جا مسئلا سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڏسڻ گهرجن. قيدي ڀلي بينظير ڀٽو هجي، آصف علي زرداری هجي يا نواز شريف، سڀني علاج جو حق استعمال ڪيو.هتي هڪ اهم حقيقت اها آهي ته صحت بابت شفافيت نه هجي ته افواهن کي هٿي ملي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن اڳواڻ جي بيماري بابت متضاد خبرون اچن ته سياسي ڪارڪنن ۽ عوام ۾ پريشاني پيدا ٿيڻ فطري آهي. ان پريشاني کي گهٽائڻ جو مؤثر طريقو اهو آهي ته طبي رپورٽن ۽ علاج جي طريقيڪار بابت واضح ۽ مستند ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي. ان سان نه رڳو افواهه ختم ٿين ٿا، پر رياستي ادارن تي اعتماد به مضبوط ٿئي ٿو.
پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ مختلف دورن ۾ اڳواڻن کي ٻاهرين ملڪ علاج جي سهولت ملي آهي. مثال طور نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي علاج جا معاملا به سياسي بحث جو حصو بڻيا هئا. انهن مثالن کي محاذ آرائي بدران هڪ اصولي معيار طور ڏسڻ گهرجي ته هر قيدي کي برابر طبي سهولتون ملن. اهو به سچ آهي ته سياسي جماعتون صحت جي معاملن کي پنهنجي بيانيي لاءِ استعمال ڪنديون آهن. حڪومت هجي يا اپوزيشن، ٻنهي پاسن کان بيانن جي ڏي وٺ اصل مسئلي کان ڌيان هٽائي سياسي بحث ڏانهن وٺي وڃي ٿي. نتيجي طور اصل سوال، يعني مريض جي صحت ۽ علاج، پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو. جڏهن ته پاڪستان اڳ ئي سياسي عدم استحڪام جو شڪار آهي، اهڙي رجحان کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي. ميڊيا جو ڪردار به انتهائي اهم آهي. جيڪڏهن ميڊيا غير تصديق ٿيل خبرن کي نمايان ڪري ته پريشاني وڌي ٿي، جڏهن ته ذميوارانه رپورٽنگ عوام کي صحيح تصوير ڏيکاري ٿي. ساڳئي ريت سوشل ميڊيا تي ڦهلجندڙ خبرون اڪثر جذباتي ردعمل کي جنم ڏين ٿيون، جيڪو سياسي ورهاست کي وڌيڪ گهرو ڪري ٿو.
هي معاملو رڳو هڪ فرد تائين محدود ناهي، پر جيل سڌارن جي وسيع سوال کي به جنم ڏئي ٿو. پاڪستان ۾ جيلن جي حالت، طبي سهولتن جي دستيابي ۽ قيدين جا بنيادي حق اهڙا موضوع آهن، جن تي سنجيده مکالمو ضروري آهي. جيڪڏهن هن بحث کي هڪ جامع سڌاري واري موقعي طور ورتو وڃي ته اهو سڄي نظام لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي رياست لاءِ به اهو هڪ نازڪ توازن جو معاملو آهي. هڪ طرف قانون جي عملداري ۽ سيڪيورٽي جا تقاضا آهن، ته ٻي طرف انساني همدردي ۽ بنيادي حقن جا مطالبا. هڪ بالغ جمهوري نظام ۾ اهو توازن ادارتي مضبوطي جي علامت هوندو آهي. جيڪڏهن رياست شفاف نموني اهو توازن برقرار رکي ته سياسي تڪرارن جي شدت پاڻمرادو گهٽجي سگهي ٿي. عوامي سطح تي به ضروري آهي ته صحت جهڙي حساس مسئلي کي رڳو سياسي وابستگي جي نظر سان نه ڏٺو وڃي. بيمار شخص جي صحت لاءِ دعا ۽ همدردي هڪ گڏيل انساني قدر آهي، جيڪا سياسي اختلاف کان مٿانهين آهي. اهڙو رويو سماجي برداشت ۽ جمهوري روايتن کي مضبوط ڪري ٿو.
.جيڪڏهن هن سموري معاملي کي مثبت زاويي سان ڏٺو وڃي ته اهو پاڪستان ۾ سياسي برداشت ۽ انساني حقن بابت هڪ نئين روايت قائم ڪرڻ جو موقعو بڻجي سگهي ٿو. شفاف طبي سهولت، بروقت ڄاڻ جي فراهمي ۽ غير ضروري سياسي بيانن کان پاسو اهڙا قدم آهن، جيڪي اعتماد جي فضا پيدا ڪري سگهن ٿا. آخر ۾ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي صحت جو معاملو رڳو سياسي بحث ناهي، پر انساني وقار جو سوال آهي. تنهن ڪري حڪومت، سياسي جماعتون ۽ ميڊيا گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪن، جتي علاج ۽ صحت جي معاملن کي سياست کان مٿانهون رکيو وڃي. اهو ئي طرزِ فڪر جمهوري قدرن کي مضبوط ڪندو ۽ قومي ايڪتا لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو.