لاهور(مبشر لقمان)شهباز شريف جي اچڻ سان هڪ اميد پيدا ٿي هئي ته شايد هن ملڪ جي غريب عوام جي قسمت بدلجي ويندي، پر اها اميد هاڻي تيزيءَ سان دم ٽوڙي رهي آهي. مهانگائي عوام جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي. بجلي جا بل ماڻهن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. پيٽرول جي قيمت روز وڌي رهي آهي، ۽ هڪ عام پاڪستاني صبح کان شام تائين محنت ڪرڻ باوجود به گهر جا خرچ پورا نٿو ڪري سگهي،جڏهن ته شهباز شريف ۽ سندس ڪابينا قومي خزاني جي زيان کي روڪڻ لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش نه ڪئي آهي. جڏهن وزيراعظم جو پنهنجو خانداني ڪاروبار ترقي ڪري رهيو آهي ته پوءِ هڪ عام صنعتڪار جو ڪاروبار ڇو نه وڌي رهيو آهي؟ جڏهن اسحاق ڊار صاحب پراپرٽي بزنس ڏينهن ٻيڻو رات چوڻو ترقي ڪري رهيو آهي ته پوءِ ملڪ ۾ پلاٽن جا اگهه ڇو گهٽجي رهيا آهن؟ پي ڊي ايم حڪومت کي وقت مليو آهي، ۽ شهباز شريف کي لڳ ڀڳ چار سال ٿي ويا آهن. ايتري وڏي ڪابينا، ايتريون ڪميٽيون، ايترا اجلاس ـ پر نتيجو ٻڙي آهي. خسارو برقرار آهي، بل وڌندا پيا وڃن،سوال اٿي رهيا آهن ته پاڪستان اڳتي ڇو نٿو وڌي؟غربت، مهانگائي، قرض آخر ڪيتري دير تائين؟مسئلو سياسي آهي يا انتظامي؟ڇا هي هائبرڊ نظام به ختم ٿيڻ وارو آهي؟”اُڏام پاڪستان“ پروگرام ڪٿي ويو، جنهن سان غريبن جي قسمت بدلجڻ واري هئي؟گرين انيشيئيٽو“ ڪٿي ويو، جنهن سان ريگستان کي باغ بڻائڻو هو؟پرڏيهي سيڙپڪاري ڪٿي آهي، جنهن سان روزگار جا دروازا کولڻا هئا؟آءِ ايم ايف سان ڪيل سڌارن جو ڇا ٿيو؟نون ليگ جا اهي انقلابي قدم ڪٿي ويا، جن سان ملڪ ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهڻيون هيون؟ڇا وزير، مشير ۽ سياسي اڳواڻ نااهل آهن؟ڇا وٽن مهانگائي روڪڻ لاءِ ڪو عملي منصوبو آهي؟ڇا انهن کي غريب ماڻهن جي ڏکن جو احساس ئي ناهي؟مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ هر مسئلي جو حل تجويز ڪن ٿا، پر عملي قدم نظر نٿا اچن. عوام کي اميدن تي زنده رکيو ويو آهي، پر انهن اميدن کي يقين ۾ بدلائڻ لاءِ ڪو سنجيده ڪم ناهي ٿيو.ناڻي وزارت جي سالياني رپورٽ موجب 30 جون 2025 تائين 25سرڪاري ادارن جو گڏيل خسارو 832 ارب رپين تائين پهچي ويو. سڀ کان وڌيڪ خسارو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي ٿيو، جيڪو لڳ ڀڳ 294 ارب 90 ڪروڙ رپيا هو.پاڪستان ريلويز به لڳ ڀڳ 60 ارب رپين جي خساري ۾ هلي.انهن خساري وارن ادارن کي هلائڻ لاءِ حڪومت هڪ سال ۾ 2078 ارب رپيا خرچ ڪيا، جيڪو گذريل سال کان گهڻو وڌيڪ آهي.جيڪڏهن حڪومت هن خساري تي قابو پائي وٺي ها ته ساليانو انڪم ٽيڪس گهٽائي سگهجي ها،بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 20 رپيا گهٽتائي ٿي سگهي هاسيلز ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ممڪن هئي،هر پاڪستاني کي هڪ مهيني جو مفت اٽو ڏئي سگهجي هاپر حڪومت قومي خزاني جي ليڪيج روڪڻ لاءِ ڪا واضع پاليسي متعارف نه ڪرائي.بجلي جا فيڪس چارجز لاڳو ڪري عوام کي ادائيگي تي مجبور ڪيو ويو آهي، ڀلي استعمال ڪن يا نه ڪن. پاور سيڪٽر تي لڳ ڀڳ 9.2 کرب رپين جو قرض آهي، پر پوءِ به بجلي سستي ناهي ٿي.هاڻي عوام جي برداشت ختم ٿي رهي آهي. جيڪڏهن مهانگائي تي ضابطو نه آيو، بجلي جا بل گهٽ نه ٿيا، ۽ معاشي سڌارا نه آيا ته ملڪ ٻيهر پوئتي هلي ويندو،سوال اهو اٿي رهيو آهي ته آخر ڪيستائين اڳوڻين حڪومتن تي الزام هڻندا رهندا؟ توهان جي حڪمراني جا نتيجا نظر اچڻ ڪڏهن شروع ٿيندا. عوام جو معاشي رليف سندن بنيادي حق آهي ـ ۽ اهو حق ڏيڻ ئي پوندو.